ڳاڻاٽو 8 - Muslim Sindhi Bibleشمعدان لاءِ ڏيئا 1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2 ”هارون کي چئُہ تہ ’جڏهن تون شمعدان تي ڏيئا رکين، تہ انهن ستن ئي ڏيئن کي اهڙيءَ طرح رک جو انهن جي روشني شمعدان جي اڳيان هجي.‘“ 3 سو هارون ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو. هن ڏيئن کي اهڙيءَ طرح رکيو جيئن اهي شمعدان جي سامهون روشني ڪن. 4 شمعدان جي بناوت هن طرح هئي جو اهو تري کان وٺي گلن وارين ڏياٽين تائين سڄو سون جي هڪڙي ئي ٽڪري مان گھڙي ٺاهيو ويو هو. جيڪو نمونو خداوند موسيٰ کي ڏيکاريو هو، انهيءَ جهڙو ئي هن شمعدان ٺاهيو. لاوين جو وقف ٿيڻ 5 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 6 ”بني اسرائيل مان لاوين کي جدا ڪري کين پاڪ ڪر. 7 کين پاڪ ڪرڻ لاءِ انهن تي پاڪ ڪرڻ وارو پاڻي ڇٽڪار ۽ کين چئُہ تہ هو پنهنجي سڄي بدن تي پاڪي گھمائين ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئين. اهڙيءَ طرح هو پاڪ ٿي ويندا. 8 پوءِ هو هڪڙو گابو ۽ سندس اناج جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدو آڻين ۽ تون هڪڙو ٻيو گابو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ آڻ. 9 تون لاوين کي مون خداوند سان ملاقات واري خيمي جي اڳيان منهنجي حضور ۾ آڻي بيهار ۽ سڄيءَ قوم کي اتي آڻي گڏ ڪر. 10 بني اسرائيل جا ماڻهو پنهنجا هٿ لاوين جي مٿي تي رکن. 11 هارون لاوين کي مون خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي پاران مون لاءِ مخصوص حصي طور پيش ڪري، انهيءَ لاءِ تہ هو منهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿين. 12 پوءِ لاوي پنهنجا هٿ ٻنهي گابن جي مٿن تي رکن ۽ تون انهن گابن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ منهنجي حضور ۾ لاوين جي ڪفاري واسطي پيش ڪر. 13 اهڙيءَ طرح تون لاوين کي هارون ۽ سندس پٽن جي اڳيان بيهاري مون لاءِ مخصوص حصي طور پيش ڪري 14 کين بني اسرائيل مان ڌار ڪر، تہ جيئن اهي منهنجا ٿين. 15 ان کان پوءِ ئي اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ داخل ٿين. 16 مون انهن کي بني اسرائيل جي سڀني پهريتن پٽن جي بدلي پنهنجي واسطي چونڊيو آهي، سو اهي سڀيئي رڳو منهنجا ئي آهن. 17 جنهن ڏينهن مون مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ماريا، تنهن ڏينهن بني اسرائيل ۾ سڀ پهريتا نر، ماڻهن جا توڙي جانورن جا، مون پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيا هئا. 18 پر هاڻ بني اسرائيل مان سڀني پهريتن جي عيوض مون لاوين کي کنيو آهي. 19 بني اسرائيل مان سڀيئي لاوي مون هارون ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن. اهو انهيءَ لاءِ تہ هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ بني اسرائيل جي جاءِ تي خدمت ڪن ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندا رهن، تانتہ جڏهن بني اسرائيل مقدس خيمي جي ويجھو اچن تہ مٿن مصيبت نہ ڪڙڪي.“ 20 سو موسيٰ، هارون ۽ بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم لاوين سان بلڪل ائين ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو. 21 لاوين پاڻ کي پاڪ ڪيو ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوتائون. پوءِ هارون کين خداوند جي حضور ۾ سندس مخصوص حصي طور پيش ڪيو. هن کين پاڪ ڪرڻ لاءِ سندن واسطي ڪفارو ادا ڪيو. 22 لاوين سان ائين ئي ڪيو ويو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو. تنهن کان پوءِ لاوي خدمت ڪرڻ لاءِ هارون ۽ سندس پٽن جي نگرانيءَ ۾ خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿيا. 23 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 24 ”لاوين جي باري ۾ هي حڪم آهي تہ جن جي عمر پنجويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هجي سي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيندا رهن. 25 پر هو جڏهن پنجاهہ سالن جا ٿين تڏهن پنهنجي ڪم کان بس ڪن ۽ اڳتي خدمت نہ ڪن. 26 اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ پنهنجن لاوي ڀائرن سان انهن جي ٻين ڪمن ۾ ڀلي هٿ ونڊائيندا رهن، پر هو پنهنجي سر خدمت وارو ڪوبہ ڪم نہ ڪن. اهڙيءَ ئي طرح تو کي لاوين جي ذمي ڪم سونپڻا آهن.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society