ڳاڻاٽو 7 - Muslim Sindhi Bibleسردارن جا نذرانا 1 جڏهن موسيٰ مقدس خيمو کوڙي بس ڪئي تڏهن خيمي کي، انهيءَ جي سموري سامان کي، قربانگاهہ کي ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي مسح ڪري مخصوص ڪيائين. 2 ان ڏينهن تي بني اسرائيل جا اڳواڻ، جيڪي پنهنجن ڪٽنبن جا وڏا، قبيلن جا سردار ۽ شمار ڪيل ماڻهن جي مٿان مقرر ڪيل هئا، تن نذرانا آندا. 3 انهن پنهنجي نذراني طور ڇهہ ڍَڪيل گاڏيون ۽ ٻارهن ڏاند خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪيا. انهن مان هڪ هڪ ڏاند هر سردار طرفان هو ۽ هڪ هڪ گاڏي ٻن ٻن سردارن طرفان هئي. جڏهن هنن اِهي مقدس خيمي جي اڳيان آڻي حاضر ڪيا، 4 تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 5 ”تون اهي هنن کان وٺ تہ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي خدمت جي ڪم اچن، تون اهي لاوين جي هر هڪ ٽولي کي سندس خدمت مطابق ورهائي ڏي.“ 6 سو موسيٰ اهي گاڏيون ۽ ڏاند وٺي لاوين کي ڏنا. 7 هن ٻہ گاڏيون ۽ چار ڏاند بني جيرشون کي 8 ۽ چار گاڏيون ۽ اٺ ڏاند بني مراريءَ کي سندن خدمت مطابق ڏنا. اهي سڀيئي هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿ هيٺ ڏنا ويا. 9 پر موسيٰ بني قهات کي ڪابہ گاڏي يا ڪوبہ ڏاند ڪونہ ڏنو، ڇو تہ جيڪي مخصوص شيون سندن ذميواريءَ ۾ هيون سي کين ڪلهن تي کڻڻيون هيون. 10 قربانگاهہ جي مسح ٿيڻ واري ڏينهن تي سردارن انهيءَ جي مخصوصيت ملهائڻ لاءِ پڻ نذرانا آندا ۽ اهي قربانگاهہ جي اڳيان پيش ڪيائون. 11 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سردارن کي چئُہ تہ انهن مان هر هڪ سردار هڪ هڪ ڏينهن قربانگاهہ جي مخصوصيت لاءِ پنهنجو نذرانو پيش ڪري.“ 12-83 سو انهن هن ترتيب سان پنهنجا نذرانا پيش ڪيا. پهرئين ڏينهن يهوداہ قبيلي جي سردار نحسون ولد عمينداب نذرانا پيش ڪيا. ٻئي ڏينهن اِسڪار قبيلي جي سردار نٿنايل ولد صوعر نذرانا پيش ڪيا. ٽئين ڏينهن زبولون قبيلي جي سردار الياب ولد حيلون نذرانا پيش ڪيا. چوٿين ڏينهن روبن قبيلي جي سردار اليصور ولد شديور نذرانا پيش ڪيا. پنجين ڏينهن شمعون قبيلي جي سردار شلوميايل ولد صوريشدي نذرانا پيش ڪيا. ڇهين ڏينهن جد قبيلي جي سردار الياسف ولد دعوايل نذرانا پيش ڪيا. ستين ڏينهن افرائيم قبيلي جي سردار اليشمع ولد عميهود نذرانا پيش ڪيا. اٺين ڏينهن منسي قبيلي جي سردار جمليايل ولد فداهصور نذرانا پيش ڪيا. نائين ڏينهن بنيامين قبيلي جي سردار ابيدان ولد جِدعوني نذرانا پيش ڪيا. ڏهين ڏينهن دان قبيلي جي سردار احيعزر ولد عميشدي نذرانا پيش ڪيا. يارهين ڏينهن آشر قبيلي جي سردار فجعيايل ولد عڪران نذرانا پيش ڪيا ۽ ٻارهين ڏينهن نفتالي قبيلي جي سرادر احيرع ولد عينان نذرانا پيش ڪيا. نذرانا سڀني جا هڪجهڙا هئا: هڪڙو چانديءَ جو ٿالهہ جنهن جي تور عبادتگاهہ جي سڪي جي تور مطابق هڪ ڪلوگرام ۽ ٽي سؤ گرام هئي ۽ هڪڙو چانديءَ جو پيالو جنهن جي تور عبادتگاهہ جي سڪي جي تور مطابق ست سؤ گرام هئي. اهي ٻئي اناج جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا. ان کان سواءِ هڪڙو سونو لوباندان جنهن جي تور هڪ سؤ گرام هئي، جيڪو لوبان سان ڀريل هو، ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گھٽو ۽ هڪڙو هڪسالو گھيٽو، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر، سلامتيءَ واري قربانيءَ لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گھٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج هڪسالا گھيٽا. 84 قربانگاهہ کي مسح ڪرڻ واري ڏينهن تي مخصوصيت ملهائڻ لاءِ بني اسرائيل جي اڳواڻن جيڪي نذرانا ڏنا تن جو جوڙ هن ريت آهي: 85 ٻارهن چانديءَ جا ٿالهہ هر هڪ جي تور هڪ ڪلوگرام ۽ ٽي سؤ گرام، ٻارهن چانديءَ جا پيالا هر هڪ جي تور ست سؤ گرام. انهن سڀني جي تور عبادتگاهہ جي سڪي جي تور مطابق جملي چوويهہ ڪلوگرام هئي. 86 ٻارهن سونا لوباندان هر هڪ جي تور عبادتگاهہ جي سڪي جي تور مطابق هڪ سؤ گرام هئي. انهن سڀني جي تور جملي هڪ ڪلوگرام ۽ ٻہ سؤ گرام هئي ۽ اهي لوبان سان ڀريل هئا. 87 ٻارهن وهڙا، ٻارهن گھٽا ۽ ٻارهن هڪسالا گھيٽا، اناج جي قربانيءَ سميت ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هئا. ٻارهن ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هئا. 88 چوويهہ ڏاند، سٺ گھٽا، سٺ ٻڪر ۽ سٺ هڪسالا گھيٽا سلامتيءَ واري قربانيءَ لاءِ هئا. قربانگاهہ کي مسح ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ جي مخصوصيت ملهائڻ لاءِ اهي نذرانا آندا ويا. 89 جڏهن موسيٰ خداوند سان ڳالهائڻ لاءِ سندس ملاقات واري خيمي ۾ ويو تڏهن عهد واري صندوق تي جيڪو رحمت جو پوش هو، تنهن مٿان پردار آسماني مخلوق جي ٻنهي مجسمن جي وچ مان خداوند کي پاڻ سان ڳالهائيندي ٻڌائين. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society