Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 6 - Muslim Sindhi Bible


ناذيرن لاءِ قانون

1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

2 ”بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’جيڪڏهن ڪو مرد يا عورت ناذير ٿيڻ يعني پاڻ کي مون خداوند لاءِ وقف ڪرڻ خاطر خاص باس باسي،

3 تہ پاڻ کي مئي ۽ ٻين نشيدار شين کان پري رکي. هو مئي جو سرڪو يا ٻي نشي واري شيءِ جو سرڪو نہ پيئي. هو نڪي ڪنهن بہ قسم جي انگوري رس پيئي ۽ نہ وري انگور يا ڪشمش کائي.

4 جيستائين هو ناذيري بڻيو رهي تيستائين اهڙي ڪابہ شيءِ نہ کائي جيڪا انگورن مان ٺهيل هجي، ٻج کان وٺي کل تائين.

5 هو پنهنجي وقف ٿيڻ واري باس جي ڏينهن ۾ پنهنجي مٿي ۽ منهن تي پاڪي نہ گھمرائي. جيستائين اهي ڏينهن پورا نہ ٿين جن لاءِ هن پاڻ کي مون خداوند لاءِ وقف ڪيو آهي، تيستائين هو پاڪ رهي ۽ پنهنجي مٿي جا وار وڌڻ ڏئي.

6 جيڪي ڏينهن هو پاڻ کي مون خداوند لاءِ وقف ڪري، تن ڏينهن ۾ هو ڪنهن بہ مُڙدي جي ويجھو نہ وڃي.

7 توڙي جو هن جو پيءُ، ماءُ، ڀاءُ يا ڀيڻ مري، تہ بہ هو پاڻ کي موت جي رسمن ۾ ناپاڪ نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند لاءِ وقف هجڻ جي نشاني سندس مٿي تي آهي.

8 وقف هجڻ وارا سڀ ڏينهن هو مون خداوند جي لاءِ مخصوص آهي.

9 جيڪڏهن انهيءَ جي ڀرسان ڪو ماڻهو اوچتو مري پوي ۽ وقف ٿيل مٿي کي ناپاڪ ڪري وجھي، تہ پوءِ هو ستين ڏينهن يعني سندس پاڪ ٿيڻ واري ڏينهن تي پنهنجو مٿو ڪوڙائي.

10 اٺين ڏينهن هو ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر، مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي ڪاهن وٽ آڻي.

11 ڪاهن انهن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ طور هن جي ڪفاري لاءِ پيش ڪري، ڇو تہ مُڙدي جي ڀرسان هجڻ ڪري هن خطا ڪئي آهي. انهيءَ ساڳئي ڏينهن پنهنجو مٿو وري مخصوص ڪندي

12 هو وري ناذير ٿيڻ جا ڏينهن مقرر ڪري پاڻ کي مون خداوند لاءِ وقف ڪري ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو هڪسالو گھيٽو آڻي. سندس اڳيان ڏينهن هاڻي وقف ٿيل ڏينهن جي حساب ۾ نہ ايندا، ڇو تہ اڳين وقف هجڻ وارن ڏينهن ۾ هو ناپاڪ ٿي پيو هو.

13 ناذير جي لاءِ هي قانون آهي تہ جڏهن سندس وقف هجڻ وارا ڏينهن پورا ٿين، تڏهن کيس مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي حاضر ڪيو وڃي.

14 اُتي هو مون خداوند لاءِ ٽي بي‌عيب جانور قربانيءَ طور پيش ڪري: هڪڙو هڪسالو گھيٽو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هڪسالي گھيٽي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ هڪڙو گھٽو سلامتيءَ واري قربانيءَ لاءِ.

15 سندن اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ وارين قربانين سميت هي شيون بہ قربانيءَ طور پيش ڪري: بي‌خميري مانيءَ جي ٽوڪري، يعني تيل ۾ ڳوهيل ميدي جا ڍوڍا ۽ تيل مکيل بي‌خميري ٽڪيون.

16 پوءِ ڪاهن اهي سڀ مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري ۽ سندس پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ۽ ساڙڻ واري قرباني ڪري.

17 هو بي‌خميري مانيءَ جي ٽوڪريءَ سان اهو گھٽو سلامتيءَ جي قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري. هو انهيءَ جي اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني بہ پيش ڪري.

18 ناذير مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ پنهنجو وقف ٿيل مٿو ڪوڙائي ۽ مٿي جا وار کڻي ان ٻرندڙ باهہ تي رکي جنهن تي سلامتيءَ واري قرباني ساڙي وڃي ٿي.

19 مٿو ڪوڙائڻ کان پوءِ ڪاهن انهيءَ گھٽي جي پڪل دستي، ٽوڪريءَ مان هڪڙو بي‌خميري ڍوڍو ۽ هڪڙي بي‌خميري ٽڪي ڪڍي ناذير جي هٿن تي رکي.

20 تنهن بعد ڪاهن انهن کي هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ بلند ڪري. اهي هٿن تي بلند ڪيل قربانيءَ واري سيني ۽ پيش ڪيل قربانيءَ جي ران سميت ڪاهن جي لاءِ پاڪ آهن. تنهن کان پوءِ ناذير کي مئي پيئڻ جي اجازت آهي.

21 ناذير ۽ سندس قربانين جي باري ۾ اهو ئي قانون آهي، جنهن تي وقف ٿيڻ جي عرصي پوري ٿيڻ تي عمل ڪرڻو آهي. انهن قربانين کان سواءِ هو اهي قربانيون بہ ضرور پيش ڪري، جن جو هن ناذير جي باس باسڻ وقت ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.‘“


برڪت لاءِ ڪاهنن جي دعا

22 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

23 ”هارون ۽ سندس پٽن کي چئُہ تہ ’اوهين بني اسرائيل کي برڪت لاءِ هن ريت دعا ڪندا ڪريو تہ

24 شال خداوند اوهان کي برڪت ڏئي ۽ اوهان جي حفاظت ڪري،

25 شال اوهان تي خداوند جو فضل ۽ مهرباني ٿئي،

26 شال خداوند اوهان تي ڪرم جي نگاهہ ڪري ۽ اوهان کي سلامتي ۽ خوشحالي بخشي.‘

27 اهڙيءَ طرح هو منهنجو نالو وٺي بني اسرائيل لاءِ دعا گھرندا تہ آءٌ انهن کي برڪت ڏيندس.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan