Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 5 - Muslim Sindhi Bible


خيمي‌گاهہ جي پاڪيزگي

1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

2 ”بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ اهي هر انهيءَ ماڻهوءَ جنهن کي چمڙيءَ جي بيماري هجي، جنهن جي جسم اندران ڪجھہ وهي نڪتو هجي ۽ جيڪو مُڙدي کي ڇهڻ جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، تنهن کي خيمي‌گاهہ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏين.

3 اهو مرد هجي توڙي عورت، پر اوهين کيس خيمي‌گاهہ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. اهو انهيءَ لاءِ تہ هو انهيءَ خيمي‌گاهہ کي پليت نہ ڪري، جنهن ۾ آءٌ پنهنجي قوم سان رهان ٿو.“

4 سو بني اسرائيل خدا جي حڪم جي تعميل ڪندي اهڙن ماڻهن کي خيمي‌گاهہ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


ڏوهہ جو عيوضو

5 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

6 ”بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’جڏهن ڪو مرد يا عورت مون خداوند جي حڪم جي خلاف‌ورزي ڪندي ڪنهن جو ڪهڙيءَ بہ طرح جو ڪو ڏوهہ ڪري،

7 تڏهن اهو پنهنجي ڏوهہ جو اقرار ڪري. هو پنهنجي ڏوهہ جو پورو عيوضو ڀري ڏئي ۽ انهيءَ جو پنجون حصو انهيءَ ۾ وڌيڪ ملائي اهو انهيءَ ماڻهوءَ کي ڏئي جنهن جو ڏوهہ ڪيو هجيس.

8 جيڪڏهن اهو ماڻهو مري ويو هجي ۽ سندس ڪو ويجھو مائٽ بہ نہ هجي، جنهن کي اهو عيوضو ڏنو وڃي، تہ پوءِ اهو عيوضو مون خداوند لاءِ آهي، جيڪو ڪاهن کي ڏنو وڃي. انهيءَ کان سواءِ ڪفاري جو گھٽو بہ ڪاهن کي قربانيءَ لاءِ ڏنو وڃي.

9 بني اسرائيل جيڪي شيون مون لاءِ مخصوص ڪري ڪاهن وٽ آڻين، سي سڀ ڪاهن جون ٿينديون.

10 هر ڪنهن شخص جي مخصوص ڪيل شيءِ، جيڪا هو ڪاهن کي ڏيندو سا سندس ئي ٿيندي.‘“


زال تي غيرت

11-13 پوءِ خداوند بني اسرائيل کي ٻڌائڻ لاءِ موسيٰ کي فرمايو تہ ”ٿي سگھي ٿو تہ ڪنهن ماڻهوءَ کي شڪ پوي تہ سندس زال گمراهہ ٿي ساڻس بي‌وفائي ڪري رهي آهي ۽ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان سمهي آهي. پر انهيءَ ڳالهہ جي کيس پڪ نہ آهي، ڇو تہ ٿي سگھي ٿو تہ سندس زال اها ڳالهہ کانئس لڪائي هجي يا انهيءَ ڳالهہ جو ڪو شاهد بہ نہ هجي ۽ نہ وري هوءَ ڏوهہ ڪندي پڪڙي ويئي هجي.

14 يا وري ڪنهن مڙس کي غيرت اچي وڃي ۽ هو پنهنجيءَ زال تي شڪ ڪرڻ لڳي تہ هن زنا ڪرائي پاڻ کي پليت ڪيو آهي، جڏهن تہ هن سان ڪوبہ ٻيو ماڻهو نہ سمهيو هجي.

15 انهن ٻنهي حالتن ۾ ماڻهو پنهنجيءَ زال کي ڪاهن وٽ وٺي اچي. هو پنهنجيءَ زال جي طرفان هڪ ڪلوگرام جوَن جو اٽو بہ نذر طور کڻي اچي. هو انهيءَ اٽي جي مٿان نڪي تيل پئٽي، نڪي لوبان رکي، ڇاڪاڻ تہ اها غيرت جي واسطي اناج جي قرباني آهي جيڪا گناهہ ظاهر ٿيڻ لاءِ ڏني وڃي ٿي.

16 پوءِ ڪاهن انهيءَ عورت کي قربان‌گاهہ جي ويجھو آڻي مون خداوند جي آڏو بيهاري.

17 ڪاهن هڪڙي ٺڪر جي ٿانوَ ۾ پاڪ پاڻي کڻي ۽ مقدس خيمي جي فرش تان مٽي کڻي انهيءَ پاڻيءَ ۾ وجھي ان کي آزمائڻ وارو پاڻي بڻائي.

18 پوءِ ڪاهن مون خداوند آڏو انهيءَ عورت جي مٿي جا وار ڇوڙي ڇڏي ۽ اناج جي قرباني سندس هٿن تي رکي، جيڪا غيرت جي واسطي گناهہ ظاهر ٿيڻ لاءِ اناج جي قرباني آهي. ان بعد ڪاهن پنهنجي هٿ ۾ اهو آزمائڻ وارو پاڻي کڻي جيڪو لعنت آڻي ٿو.

19 پوءِ ڪاهن انهيءَ عورت کي قسم کڻائي چوي تہ ’جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو تو سان نہ ستو آهي ۽ تون پنهنجي مڙس هوندي ٻئي ماڻهوءَ کان زنا ڪرائي پاڻ کي پليت نہ ڪيو آهي تہ شل انهيءَ لعنت کان بچيل رهين، جا هي آزمائڻ وارو پاڻي آڻي ٿو.‘

20 هاڻ ڪاهن عورت تي لعنت لاءِ قسم کڻائي چوي تہ ’جيڪڏهن تون مڙس هوندي ٻئي ماڻهوءَ کان زنا ڪرائي پاڻ کي پليت ڪيو آهي ۽ تنهنجي مڙس کان سواءِ ٻيو ڪو ماڻهو تو سان ستو آهي،

21 تہ پوءِ شل خداوند تو کي اوٽي‌نپٽي ڪري ۽ تنهنجو پيٽ سُڄائي ڇڏي ۽ تنهنجي پنهنجيءَ قوم جا ماڻهو تو تي لعنت ۽ ڦٽڪار وجھن.

22 شل هي پاڻي جيڪو لعنت ٿو آڻي تنهنجي پيٽ ۾ وڃي تو کي اوٽي‌نپٽي ڪري ۽ تنهنجو پيٽ سُڄائي ڇڏي.‘ تڏهن عورت جواب ۾ چوي تہ ’آمين، آمين.‘

23 پوءِ ڪاهن اهي لعنتون لکي انهن کي آزمائڻ واري پاڻيءَ ۾ ڌوئي.

24 انهيءَ کان اڳ ۾ جو هو اهو پاڻي عورت کي پيئاري ۽ اهو ان جي پيٽ ۾ وڃي سخت تڪليف پيدا ڪري،

25 پهريائين ڪاهن انهيءَ عورت جي هٿ مان غيرت واسطي اناج جي قرباني کڻي مون خداوند جي حضور ۾ بلند ڪري قربان‌گاهہ تي آڻي.

26 پوءِ هو انهيءَ اناج جي قربانيءَ مان هڪڙي مٺ ڀري کڻي ۽ انهيءَ کي قربان‌گاهہ تي ساڙي، ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي. ان بعد هو عورت کي اُهو پاڻي پيئاري ڇڏي.

27 جيڪڏهن اها عورت پنهنجي مڙس هوندي زنا ڪرائي پاڻ کي پليت ڪيو هوندو، تہ اهو لعنت آڻيندڙ پاڻي انهيءَ عورت جي پيٽ ۾ سخت تڪليف پيدا ڪندو ۽ هوءَ اوٽي‌نپٽي ٿي پوندي ۽ سندس پيٽ سڄي پوندو. اهڙيءَ طرح اها عورت پنهنجيءَ قوم ۾ لعنتي بڻجي ويندي.

28 پر جيڪڏهن هوءَ بي‌ڏوهي هوندي تہ بچي ويندي ۽ اڳتي ٻارن ڄڻڻ جهڙي رهندي.

29 سو غيرت جي معاملي ۾ قانون اهو آهي تہ جڏهن ڪا مڙس واري عورت زنا ڪرائي پاڻ کي پليت ڪري

30 يا جڏهن ڪنهن مرد کي غيرت اچي وڃي ۽ هو پنهنجيءَ زال جي باري ۾ شڪ ڪرڻ لڳي، تڏهن انهيءَ عورت کي قربان‌گاهہ جي ويجھو مون خداوند جي آڏو آڻي بيهارجي ۽ ڪاهن اهو سڄو بيان ڪيل قانون عمل ۾ آڻي.

31 پوءِ اهو مرد پنهنجيءَ زال تي انهيءَ تهمت ڏيڻ واري ڏوهہ کان آجو رهندو ۽ اها عورت جيڪڏهن ڏوهاري هوندي تہ پنهنجي ڏوهہ جو نتيجو ڀوڳيندي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan