ڳاڻاٽو 36 - Muslim Sindhi Bibleصلافحاد جي ڌيئرن جو ورثو 1 بني يوسف جي نسل جي قبيلن مان بني جِلعاد، جيڪي منسيءَ جي پٽ مڪير جو اولاد آهن، تن جي ڪٽنبن جا وڏا موسيٰ ۽ بني اسرائيل جي ٻين قبيلن جي سردارن وٽ آيا. 2 انهن موسيٰ کي اچي چيو تہ ”توهان اسان جي آقا کي خداوند حڪم ڏنو هو تہ پُکا وجھي ملڪ بني اسرائيل کي ورثي طور ورهائي ڏنو وڃي ۽ خداوند توهان کي هي بہ حڪم ڏنو هو تہ اسان جي عزيز صلافحاد جو ورثو سندس ڌيئرن کي ڏنو وڃي. 3 پر جيڪڏهن اهي بني اسرائيل جي ڪنهن ٻئي قبيلي جي مردن سان پرڻبيون تہ انهن جو ورثو اسان جي وڏن جي ورثي مان انهيءَ قبيلي جو ٿي ويندو. ائين ڪرڻ سان اسان جي قبيلي کي مليل ورثي جو حصو گھٽجي ويندو. 4 بني اسرائيل جي جشن واري سال ۾ صلافحاد جي ڌيئرن جي جائداد انهيءَ قبيلي ۾ مستقل طور تي شامل ڪئي ويندي جنهن ۾ هو پرڻبيون. اهڙيءَ طرح اسان جي ابن ڏاڏن جي قبيلي مان انهن جو ورثو نڪري ويندو.“ 5 تڏهن موسيٰ بني اسرائيل کي خداوند جي حڪم موجب هي جواب ڏنو تہ ”يوسف جي اولاد جي قبيلي وارا سچ ٿا چون. 6 تنهنڪري صلافحاد جي ڌيئرن بابت خداوند جو هي حڪم آهي تہ اهي جنهن سان وڻين تنهن سان پرڻجن، پر رڳو پنهنجي ئي قبيلي ۾ پرڻجن. 7 بني اسرائيل جي ڪنهن بہ شخص جو ورثو هڪڙي قبيلي مان نڪري ٻئي قبيلي ۾ نہ وڃي، بلڪ سندس ئي قبيلي ۾ رهي ۽ پاڻ ئي انهيءَ جو وارث رهي. 8 بني اسرائيل جي ڪنهن بہ قبيلي ۾ جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ورثي جي مالڪ هجي تہ اُها انهيءَ ئي قبيلي جي ڪنهن مرد سان شادي ڪري، انهيءَ لاءِ تہ هر شخص پنهنجي اباڻي ورثي جو وارث رهي. 9 اهڙيءَ طرح ڪنهن جو بہ ورثو هڪڙي قبيلي مان ٻئي قبيلي ۾ نہ وڃي، بلڪ هر ڪو قبيلو پنهنجو ورثو پنهنجي قبضي ۾ رکي.“ 10 سو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو تيئن ئي صلافحاد جي ڌيئرن ڪيو. 11 صلافحاد جون ڌيئر محلاہ، ترضاہ، حجلاہ، مِلڪاہ ۽ نوعاہ پنهنجن سؤٽن سان ئي پرڻيون. 12 انهن يوسف جي پٽ منسيءَ جي اولاد جي گھراڻن ۾ شادي ڪئي ۽ انهن جو ورثو سندن پيءُ جي قبيلي ۾ ئي رهيو. 13 اِهي آهن اُهي حڪم ۽ قانون جيڪي خداوند اردن درياءَ جي اوڀر طرف موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون موسيٰ جي معرفت بني اسرائيل کي ڏنا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society