Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 34 - Muslim Sindhi Bible


ڪنعان ملڪ جون سرحدون

1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

2 ”بني اسرائيل کي حڪم ڏئي چئُہ تہ ’جڏهن اوهين ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيندا، جيڪو اوهان کي ورثي طور ورهائجي ملندو، تنهن جون سرحدون هي هونديون.

3 اوهان جو ڏکڻ وارو حصو صين جي بيابان تان ٿيندو، جيڪو ادوم جي سرحد تي آهي. انهيءَ حصي جي سرحد جو اوڀر وارو پاسو کاري سمنڊ جي ڏاکڻي ڇيڙي کان شروع ٿيندو.

4 پوءِ اها عقرابيم جي چاڙهيءَ جي ڏکڻ طرف کان ڦرندي صين منجھان ٿيندي اڃا بہ قادش‌برنيع جي ڏکڻ کان ٿيندي حصرادار ڏانهن ڦرندي ۽ عصمون تائين ويندي.

5 پوءِ اها ئي سرحد اتان ڦري، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان ٿيندي ڀونوچ سمنڊ تي وڃي پوري ٿيندي.

6 سمنڊ جو ڪنارو اوهان جي لاءِ اولهہ واري سرحد ٿيندي.

7 اوهان اتر واري سرحد سمنڊ کان وٺي هور جبل تائين

8 ۽ اتان کان حمات لڪ تائين رکجو. اها اتان نڪري صداد

9 ۽ زفرون مان لنگھي حصر‌عينان تي وڃي پوري ٿيندي.

10 اوهين اوڀر واري سرحد حصر‌عينان کان وٺي شفام تائين رکجو.

11 اها سرحد شفام کان ڏکڻ طرف ربلہ شهر تائين ويندي، جيڪو عين جي اوڀر ۾ آهي. اتان وري گليل ڍنڍ جي اوڀر طرف چاڙهيءَ جي چوٽيءَ کان ٿيندي،

12 پوءِ اتان اردن درياءَ جي ڪناري ڪناري هيٺ لنگھندي وڃي کاري سمنڊ تي پوري ٿيندي. اوهان جي ملڪ جون اهي ئي چوڌاري سرحدون هونديون.‘“

13 پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ ”اهو آهي اُهو ملڪ جيڪو اوهين پاڻ ۾ پُکن رستي ورثي طور ورهائيندا. اهو ملڪ خداوند ساڍن نون قبيلن کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

14 بني روبن ۽ بني جد جي قبيلن کي سندن نسلن موجب ورثو ملي چڪو آهي ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي بہ ورثو ملي چڪو آهي.

15 انهن اڍائي قبيلن کي يريحو شهر جي سامهون اردن درياءَ جي اورينءَ ڀر اوڀر طرف سندن ورثو ملي چڪو آهي.“


ملڪ ورهائي ڏيندڙ اڳواڻ

16 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

17 ”جيڪي ماڻهو اوهان کي ملڪ ورثي طور ورهائي ڏيندا سي اليعزر ڪاهن ۽ نون جو پٽ يشوع آهن.

18 تون هر هڪ قبيلي مان هڪ هڪ اڳواڻ مقرر ڪر، تہ جيئن اهي ملڪ ورهائي ڏيڻ ۾ انهن جي مدد ڪن.“

19 انهن اڳواڻن جا نالا هي آهن: يهوداہ قبيلي جو اڳواڻ ڪالب ولد يفنہ،

20 شمعون قبيلي جو اڳواڻ شموايل ولد عميهود،

21 بنيامين قبيلي جو اڳواڻ اليداد ولد ڪسلون،

22 دان قبيلي جو اڳواڻ بقي ولد يگلي،

23 يوسف جي پٽ منسيءَ جي قبيلي جو اڳواڻ حني‌ايل ولد افود،

24 يوسف جي پٽ افرائيم جي قبيلي جو اڳواڻ قمو‌ايل ولد سفتان،

25 زبولون قبيلي جو اڳواڻ اليصافن ولد فرناڪ،

26 اِسڪار قبيلي جو اڳواڻ فلتي‌ايل ولد عزان،

27 آشر قبيلي جو اڳواڻ اخيهود ولد شلومي

28 ۽ نفتالي قبيلي جو اڳواڻ فداهيل ولد عميهود.

29 هي آهن اهي اڳواڻ جن کي خداوند مقرر ڪيو تہ ڪنعان جي ملڪ ۾ بني اسرائيل کي ورثو ورهائي ڏين.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan