Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 33 - Muslim Sindhi Bible


سفر جون منزلون

1 جڏهن بني اسرائيل موسيٰ ۽ هارون جي اڳواڻيءَ ۾ قبيلن موجب مصر جي ملڪ مان نڪتا هئا، تڏهن سفر دوران

2 موسيٰ خداوند جي حڪم موجب انهن جي مسافريءَ جي منزلن جون هي جايون لکي ڇڏيون.

3 بني اسرائيل پهرئين مهيني جي پندرهين تاريخ يعني عيد فصح کان پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو رعمسيس شهر مان روانا ٿيا. هو اتان سڀني مصرين جي اکين جي اڳيان وڏي دليريءَ سان نڪري هليا.

4 انهيءَ وقت مصري پنهنجا سڀ پهريتا ٻار دفن ڪري رهيا هئا، جن کي خداوند ماريو هو. خداوند انهن جي معبودن کي بہ سزا ڏني.

5 سو بني اسرائيل رعمسيس مان روانا ٿيا ۽ سُڪات ۾ اچي منزل ڪيائون.

6 وري هو اتان روانا ٿيا ۽ ايتام ۾ اچي منزل ڪيائون، جيڪو بيابان جي حد وٽ آهي.

7 پوءِ هو اتان روانا ٿي پٺتي في‌هخيروت ڏانهن موٽيا، جو بعل‌صفون جي اوڀر طرف آهي ۽ مجدال وٽ اچي منزل ڪيائون.

8 تڏهن هو اتان في‌هخيروت مان روانا ٿيا ۽ ڳاڙهي سمنڊ مان لنگھي بيابان ۾ آيا. هنن ايتام جي بيابان ۾ ٽن ڏينهن جو پنڌ ڪري مارہ ۾ اچي منزل ڪئي.

9 وري هو اتان روانا ٿيا ۽ ايليم ۾ منزل ڪيائون، جتي پاڻيءَ جا ٻارهن چشما ۽ کجين جا ستر وڻ هئا.

10 پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي ڀرسان اچي منزل ڪيائون.

11 تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ سين جي بيابان ۾ اچي منزل ڪيائون.

12 وري هو اتان روانا ٿيا ۽ دفقاہ ۾ اچي منزل ڪيائون.

13 هو اتان روانا ٿيا ۽ آلوش ۾ اچي منزل ڪيائون.

14 هو اتان روانا ٿيا ۽ رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون. اتي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ هو.

15 تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ سينا جي بيابان ۾ اچي منزل ڪيائون.

16 وري هو اتان روانا ٿيا ۽ قبروت‌هتاواہ ۾ اچي منزل ڪيائون.

17 پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ حصيرات ۾ اچي منزل ڪيائون.

18 تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ رتمہ ۾ اچي منزل ڪيائون.

19 وري هو اتان روانا ٿيا ۽ رمون‌فارص ۾ اچي منزل ڪيائون.

20 هو اتان روانا ٿيا ۽ لبناہ ۾ اچي منزل ڪيائون.

21 پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ ريسہ ۾ اچي منزل ڪيائون.

22 تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ قهيلاٿاہ ۾ اچي منزل ڪيائون.

23 وري هو اتان روانا ٿيا ۽ شافر جبل وٽ اچي منزل ڪيائون.

24 هو اتان روانا ٿيا ۽ حراداہ ۾ اچي منزل ڪيائون.

25 پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ مقهيلوت ۾ اچي منزل ڪيائون.

26 تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ تحت ۾ اچي منزل ڪيائون.

27 وري هو اتان روانا ٿيا ۽ تارح ۾ اچي منزل ڪيائون.

28 هو اتان روانا ٿيا ۽ متقاہ ۾ اچي منزل ڪيائون.

29 پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ حشموناہ ۾ اچي منزل ڪيائون.

30 تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ موسيروت ۾ اچي منزل ڪيائون.

31 وري هو اتان روانا ٿيا ۽ بني يعقان ۾ اچي منزل ڪيائون.

32 هو اتان روانا ٿيا ۽ حورهجدجاد ۾ اچي منزل ڪيائون.

33 پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ ياطباٿاہ ۾ اچي منزل ڪيائون.

34 تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ عبروناہ ۾ اچي منزل ڪيائون.

35 وري هو اتان روانا ٿيا ۽ عصيون‌جابر ۾ اچي منزل ڪيائون.

36 پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ قادش، جيڪو صين جي بيابان ۾ آهي، تنهن ۾ اچي منزل ڪيائون.

37 هو اتان قادش مان روانا ٿيا ۽ ادوم ملڪ جي سرحد تي هور جبل وٽ اچي منزل ڪيائون.

38 اتي هارون ڪاهن خداوند جي حڪم موجب هور جبل تي چڙهي ويو ۽ بني اسرائيل جي مصر جي ملڪ مان نڪرڻ کان پوءِ چاليهين سال جي پنجين مهيني جي پهرين تاريخ تي هن اتي وفات ڪئي.

39 هور جبل تي وفات ڪرڻ وقت سندس عمر هڪ سؤ ٽيويهہ سال هئي.

40 عراد شهر جو ڪنعاني بادشاهہ جيڪو ڏکڻ ڪنعان ۾ رهندو هو تنهن بني اسرائيل جي اچڻ جو ٻڌو.

41 بني اسرائيل اتان هور جبل وٽان روانا ٿيا ۽ صلموناہ ۾ اچي منزل ڪيائون.

42 وري هو اتان روانا ٿيا ۽ فونون ۾ اچي منزل ڪيائون.

43 پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ اوبوت ۾ اچي منزل ڪيائون.

44 هو اتان روانا ٿيا ۽ موآب جي سرحد تي عباريم جي کنڊرات ۾ اچي منزل ڪيائون.

45 پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ ديبون‌گد ۾ اچي منزل ڪيائون.

46 تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ علمون‌دبلاٿايم ۾ اچي منزل ڪيائون.

47 هو اتان روانا ٿيا ۽ نبو جبل جي سامهون عباريم جي جبلن ۾ اچي منزل ڪيائون.

48 پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ اردن درياءَ جي ڀرسان موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون اچي منزل ڪيائون.

49 اتي موآب جي ميدان ۾ هنن اردن درياءَ سان گڏوگڏ بيت‌يشيموٿ کان وٺي ابيل‌سطيم تائين تنبو کوڙيا.


اردن درياءُ پار ڪرڻ کان اڳ هدايتون

50 خداوند اردن درياءَ جي اوڀر طرف موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون بني اسرائيل بابت موسيٰ کي هي حڪم ڏنو تہ

51 ”جڏهن اوهين اردن درياءُ پار ڪري ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو،

52 تڏهن اتي جي سڀني رهاڪن کي ڀڄائي ڪڍجو. انهن جون تراشيل توڙي پلٽيل مورتون برباد ڪري ڇڏجو ۽ انهن جا ٽڪرن تي ٺهيل پوڄا گھر ڊاهي ڇڏجو.

53 اوهين اهو ملڪ هٿ ڪري انهيءَ ۾ رهجو، ڇاڪاڻ تہ مون اهو ملڪ اوهان کي ملڪيت ڪري ڏنو آهي.

54 اوهين اهو ملڪ پُکا وجھي پنهنجن اباڻن قبيلن موجب ورهائي کڻجو. گھڻن کي گھڻو ورثو ڏجو ۽ ٿورن کي ٿورو ورثو ڏجو. جنهن ماڻهوءَ جي نالي جنهن هنڌ جو پُکو پوي، اهو هنڌ انهيءَ کي ڏجو.

55 پر جيڪڏهن اوهين انهيءَ ملڪ جي رهاڪن کي ڀڄائي نہ ڪڍندا تہ پوءِ جن کي اوهين اتي رهڻ ڏيندا سي اوهان جي اکين ۾ ڇيتين وانگر ۽ اوهان جي پاسن ۾ ڪنڊن وانگر چڀندا ۽ اهي انهيءَ ملڪ ۾ اوهان کي ستائيندا جتي اوهين رهندا.

56 سو جيڪڏهن اوهان انهن کي ڀڄائي نہ ڪڍيو تہ پوءِ آءٌ اوهان سان اهو ڪجھہ ڪندس جيڪي مون هنن سان ڪرڻ ٿي گھريو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan