ڳاڻاٽو 30 - Muslim Sindhi Bibleباسن بابت قانون 1 موسيٰ بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن کي خداوند جي حڪم بابت ٻڌائيندي چيو تہ 2 ”جڏهن ڪو ماڻهو خداوند آڏو ڪا باس باسي يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکڻ جو قسم تي عهد ڪري، تہ پوءِ هو پنهنجو قول نہ ڀڃي، بلڪ جيڪي زبان مان نڪتو هجيس سو پورو ڪري. 3 جڏهن ڪا ڪنواري ڇوڪري پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رهندي خداوند آڏو ڪا باس يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکڻ جو عهد ڪري 4 ۽ سندس پيءُ انهيءَ باس يا خاص فرض جي باري ۾ ٻُڌي، پر ڪجھہ بہ نہ چويس، تہ جا باس باسي هئائين يا جنهن خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ عهد ڪيو هئائين سو پورو ڪري. 5 پر جيڪڏهن سندس پيءُ جنهن ڏينهن اهو ٻڌي کيس منع ڪري، تہ پوءِ هوءَ پنهنجي باس يا خاص فرض پورو نہ ڪري. خداوند کيس ڇڏي ڏيندو ڇو تہ سندس پيءُ کيس موڪل نہ ڏني. 6 جيڪڏهن باس باسڻ يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ تڪڙ ۾ پاڻ کي ٻڌل رکڻ کان پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ جي شادي ٿئي، 7 پوءِ سندس مڙس انهيءَ باس يا خاص فرض جي باري ۾ ٻڌي، پر ڪجھہ بہ نہ چويس، تہ جا باس باسي هئائين يا جنهن خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ عهد ڪيو هئائين، سو پورو ڪري. 8 پر جيڪڏهن سندس مڙس اهو ٻڌي ۽ انهيءَ کي رد ڪري، تہ پوءِ هوءَ تڪڙ ۾ باسيل پنهنجي باس يا خاص فرض پورو نہ ڪري. خداوند کيس ڇڏي ڏيندو. 9 پر رنزال يا طلاقشدہ عورت کي پنهنجي باس يا خاص فرض جنهن جي ادا ڪرڻ لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هوندو، سو پورو ڪرڻو آهي. 10 جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي مڙس جي گھر ۾ رهندي ڪا باس باسي يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکڻ جو قسم تي عهد ڪري 11 ۽ سندس مڙس اهو ٻڌي کيس منع نہ ڪري ۽ نڪي کيس ڪجھہ چوي، تہ پوءِ هوءَ پنهنجي باس يا خاص فرض پورو ڪري. 12 پر جيڪڏهن سندس مڙس اهو ٻڌي کيس منع ڪري، تہ پوءِ هوءَ پنهنجي باس يا خاص فرض جيڪو سندس زبان مان نڪتو سو پورو نہ ڪري، ڇو تہ مڙسس انهيءَ کي رد ڪري ڇڏيو. خداوند کيس ڇڏي ڏيندو. 13 هن جي مڙس کي اهو حق حاصل آهي تہ چاهي تہ پنهنجي زال جي باسيل باس يا روح جي رياضت جي خاص فرض کي بحال رکي، چاهي تہ رد ڪري ڇڏي. 14 پر جيڪڏهن هن جو مڙس جنهن ڏينهن اهو ٻڌي تنهن جي ٻئي ڏينهن تائين کيس ڪجھہ بہ نہ چوي تہ سمجھبو تہ هن کي پنهنجيءَ زال جي باس يا خاص فرض تي ڪوبہ اعتراض ڪونہ آهي. اهڙيءَ طرح هن انهيءَ ڳالهہ کي بحال رکيو آهي، ڇو تہ تنهن ڏينهن هن کيس ڪجھہ بہ نہ چيو. 15 پر جيڪڏهن ٻڌڻ کان ڪجھہ ڏينهن پوءِ هو انهن کي رد ٿو ڪري، تہ پوءِ هو پنهنجيءَ زال جي باس يا خاص فرض پوري نہ ڪرڻ واري گناهہ جو ذميوار پاڻ آهي.“ 16 مڙس ۽ زال جي وچ ۾ ۽ پيءُ ۽ ڌيءَ، جيڪا ڪنوارپ دوران پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رهندي هجي، تنهن جي وچ ۾ باس باسڻ بابت اهي ئي قانون آهن، جيڪي خداوند موسيٰ کي ڏنا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society