ڳاڻاٽو 29 - Muslim Sindhi Bibleنفيلون وڄائڻ جي عيد ( لاوي سرشتو 23:23-25 ) 1 ”ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو. اهو اوهان جي لاءِ نفيلن وڄائڻ جو ڏينهن آهي. 2 اوهين مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو، جنهن ۾ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بيعيب هجن. 3 اناج جي قربانيءَ طور تيل ۾ گڏيل ميدو پڻ پيش ڪجو. انهيءَ لاءِ وهڙي سان گڏ ٽي ڪلوگرام، گھٽي سان گڏ ٻہ ڪلوگرام 4 ۽ هر هڪ گھيٽي سان گڏ هڪ هڪ ڪلوگرام ميدو هجي. 5 اوهين پنهنجي ڪفاري لاءِ هڪڙو ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پڻ پيش ڪجو. 6 اهي قربانيون، ماهوار ۽ روزانہ ساڙڻ وارين قربانين ۽ انهن سان گڏ اناج ۽ اوتڻ وارين قربانين کان واڌاريون آهن. اهي وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واريون قربانيون آهن.“ ڪفاري واري ڏينهن قربانيون ( لاوي سرشتو 23:26-32 ) 7 ”انهيءَ ستين مهيني جي ڏهين تاريخ تي اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو. انهيءَ ڏينهن تي اوهين پنهنجي خواهشن کي روڪجو ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو. 8 اوهين مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو جنهن ۾ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بيعيب هجن. 9 اناج جي قربانيءَ طور تيل ۾ گڏيل ميدو پڻ پيش ڪجو. انهيءَ لاءِ وهڙي سان گڏ ٽي ڪلوگرام، گھٽي سان گڏ ٻہ ڪلوگرام 10 ۽ هر هڪ گھيٽي سان گڏ هڪ هڪ ڪلوگرام ميدو هجي. 11 ڪفاري واري پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ ۽ دستوري ساڙڻ واري قرباني، انهن سان گڏ اناج جي قربانين ۽ اوتڻ وارين قربانين کان علاوہ هڪڙو ٻڪر پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پڻ پيش ڪجو.“ تنبن واري عيد تي قربانيون ( لاوي سرشتو 23:33-44 ) 12 ”ستين مهيني جي پندرهين تاريخ اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو. ست ڏينهن مون خداوند جي لاءِ عيد ملهائجو ۽ انهن ڏينهن ۾ اوهين ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو. 13 پهرئين ڏينهن تي اوهين مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو، جنهن ۾ تيرهن وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بيعيب هجن. 14 اناج جي قربانيءَ طور تيل ۾ گڏيل ميدو پڻ پيش ڪجو. انهيءَ لاءِ هر هڪ وهڙي سان گڏ ٽي ٽي ڪلوگرام، هر هڪ گھٽي سان گڏ ٻہ ٻہ ڪلوگرام 15 ۽ هر هڪ گھيٽي سان گڏ هڪ هڪ ڪلوگرام ميدو هجي. 16 هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن. 17 ٻئي ڏينهن تي اوهين ٻارهن وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بيعيب هجن. 18 انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو. 19 هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ سندس اناج جي قربانيءَ ۽ انهن سان گڏ انهن ٻنهي جي اوتڻ وارين قربانين کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن. 20 ٽئين ڏينهن تي اوهين يارهن وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بيعيب هجن. 21 انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو. 22 هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن. 23 چوٿين ڏينهن ڏهہ وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بيعيب هجن. 24 انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو. 25 هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن. 26 پنجين ڏينهن تي نوَ وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بيعيب هجن. 27 انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو. 28 هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن. 29 ڇهين ڏينهن تي اٺ وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بيعيب هجن. 30 انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو. 31 هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن. 32 ستين ڏينهن تي ست وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بيعيب هجن. 33 انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو. 34 هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن. 35 اٺين ڏينهن تي اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ انهيءَ ڏينهن تي اوهين ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو. 36 اوهين مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو، جنهن ۾ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بيعيب هجن. 37 انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو. 38 هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن. 39 اوهين مون خداوند جي حضور ۾ پنهنجين مقرر ڪيل عيدن تي پنهنجين باسيل توڙي خوشيءَ جي قربانين کان علاوہ اهي ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون، اوتڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪندا رهجو.“ 40 موسيٰ بني اسرائيل کي اهي سڀ ڳالهيون ٻڌايون، جيئن خداوند کيس فرمايو هو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society