ڳاڻاٽو 27 - Muslim Sindhi Bibleصلافحاد جون ڌيئر 1 يوسف جي پٽ منسيءَ جي نسل مان صلافحاد ولد حفر، ولد جِلعاد، ولد مڪير، ولد منسيءَ کي هي ڌيئر هيون: محلاہ، نوعاہ، حجلاہ، مِلڪاہ ۽ ترضاہ. 2 هو خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو موسيٰ، اليعزر ڪاهن، اڳواڻن بلڪ سڄيءَ قوم جي اڳيان اچي بيٺيون ۽ چوڻ لڳيون تہ 3 ”اسان جو پيءُ بيابان ۾ مري ويو. هو انهن ماڻهن ۾ شامل ڪونہ هو جيڪي قورح جي ٽولي ۾ گڏ ٿي خداوند جي خلاف ٿيا هئا، بلڪ هو پنهنجي ئي گناهہ جي ڪري مري ويو. هن کي ڪوبہ پٽ ڪونہ هو. 4 سو محض پٽ نہ هئڻ ڪري اسان جي پيءُ جو نالو سندس نسل مان ڇو نڪري وڃي؟ تنهنڪري اسان جي پيءُ جي مائٽن سان گڏ اسان کي بہ حصو ڏنو وڃي.“ 5 موسيٰ انهن جو معاملو خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيو. 6 خداوند کيس فرمايو تہ 7 ”صلافحاد جون ڌيئر سچ ٿيون چون. تون کين سندن پيءُ جي مائٽن سان گڏ ورثي جو حق ڏي. انهن کي سندن پيءُ جو ورثو ڏي. 8 تون بني اسرائيل کي ٻڌائي ڇڏ تہ جيڪڏهن ڪو اهڙو ماڻهو مري وڃي جنهن کي پٽ نہ هجي، تہ پوءِ انهيءَ جو ورثو سندس ڌيءَ کي ڏنو وڃي. 9 جيڪڏهن هن کي ڪا ڌيءَ بہ نہ هجي تہ پوءِ سندس ورثو سندس ڀائرن کي ڏنو وڃي. 10 جيڪڏهن هن کي ڪو ڀاءُ بہ نہ هجي، تہ پوءِ سندس ورثو سندس چاچن کي ڏنو وڃي. 11 پر جيڪڏهن کيس ڪو چاچو بہ نہ هجي تہ پوءِ جيڪو سندس سڀني کان ويجھو مائٽ هجي، تنهن کي انهيءَ جو ورثو ڏنو وڃي. اهو ئي سندس وارث ٿيندو. اهو بني اسرائيل جي لاءِ شرعي فرض ٿيندو، جيئن مون خداوند تو کي فرمايو آهي.“ موسيٰ جو جاءِنشين ( شريعت جو دور 31:1-8 ) 12 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون عباريم جي هن جبل تي چڙهہ ۽ جيڪو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان سو ڏس. 13 انهيءَ ملڪ جي ڏسڻ کان پوءِ تون بہ پنهنجي ڀاءُ هارون وانگر پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين، 14 ڇاڪاڻ تہ صين جي بيابان ۾ اوهين ٻيئي منهنجي حڪم جي خلاف هليا. جڏهن سڄيءَ قوم پاڻيءَ جي چشمي مريباہ وٽ منهنجي خلاف بغاوت ڪئي، تڏهن اوهان هنن جي اڳيان منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي.“ صين جي بيابان ۾ قادش وٽ مريباہ نالي پاڻيءَ جو هڪ چشمو آهي. 15 موسيٰ خداوند کي چيو تہ 16 ”اي خداوند خدا! تون جيڪو زندگيءَ جو سرچشمو آهين، هن قوم جي مٿان ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي مقرر ڪر، 17 جيڪو جنگ تي وڃڻ وقت ۽ موٽي اچڻ وقت هنن جي اڳيان هلي ۽ سندن اندر ٻاهر اچڻ وڃڻ ۾ سندن رهنمائي ڪري، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم نڌڻڪين رڍن وانگر نہ ٿئي.“ 18-19 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”نون جو پٽ يشوع، جنهن کي نعمتون عطا ٿيل آهن، تنهن کي آڻي اليعزر ڪاهن ۽ سڄيءَ قوم جي اڳيان بيهاري انهن سڀني جي سامهون تون سندس مٿي تي پنهنجو هٿ رکي کيس پنهنجو جاءِنشين مقرر ڪر. 20 تون پنهنجي ڪجھہ حشمت هن کي ڏي تہ جيئن بني اسرائيل جي سڄي قوم هن جي فرمانبرداري ڪري. 21 يشوع اليعزر ڪاهن وٽ پيو ايندو رهندو، جيڪو اليعزر جي طرفان مون خداوند جي حضور مان اُوريم ۽ ٿُميم جي ذريعي منهنجي مرضي معلوم ڪندو رهندو. اهڙيءَ طرح اليعزر اندر ٻاهر اچڻ وڃڻ ۾ يشوع ۽ سڄيءَ قوم جي رهنمائي ڪندو.“ 22 سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس فرمايو. هن يشوع کي وٺي اليعزر ڪاهن ۽ سڄيءَ قوم جي اڳيان بيهاريو. 23 هن انهيءَ جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکيا ۽ کيس پنهنجو جاءِنشين مقرر ڪيائين، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society