Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 25 - Muslim Sindhi Bible


بني اسرائيل جي بدڪاري

1 جڏهن بني اسرائيل شطيم ماٿريءَ ۾ رهيا پيا هئا، تڏهن بني اسرائيل جي ماڻهن اتي جي رهاڪو موآبي عورتن سان زناڪاري شروع ڪري ڏني.

2 اهي عورتون کين پنهنجن معبودن جي اڳيان قربانين جي موقعي تي اچڻ جي دعوت ڏينديون هيون. هو اتي وڃي کاڌو کائيندا هئا ۽ انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو ڪندا هئا.

3 اهڙيءَ طرح بني اسرائيل موآبين جي پعور واري بعل معبود جي پوڄا ڪرڻ لڳا. سو خداوند کي مٿن ڏاڍي ڪاوڙ آئي.

4 تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سڀني اڳواڻن کي پڪڙي منهنجي اڳيان کين ڏينهن ڏٺي جو ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏ، تہ جيئن مون خداوند جو غضب بني اسرائيل تان ٽري وڃي.“

5 تڏهن موسيٰ بني اسرائيل جي حاڪمن کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي پنهنجي قبيلي جي هر انهيءَ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو، جيڪو پعور واري بعل معبود جي پوڄا ڪندڙ آهي.“

6 پوءِ جڏهن سمورا ماڻهو خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو روئي رهيا هئا، تڏهن بني اسرائيل جو هڪڙو ماڻهو، موسيٰ ۽ سڄيءَ قوم جي اکين اڳيان، هڪڙي مدياني عورت کي پاڻ سان گڏ پنهنجي قوم ۾ وٺي آيو.

7 جڏهن هارون ڪاهن جي پوٽي، اليعزر جي پٽ فينحاس هي ڏٺو تڏهن هو گڏ ٿيل ماڻهن منجھان اُٿي هليو. هن پنهنجي هٿ ۾ هڪڙو ڀالو کنيو

8 ۽ انهيءَ مرد جي پٺيان قبي واري هڪ تنبوءَ ۾ گھڙيو، جتي هن انهن ٻنهي، يعني انهيءَ مرد ۽ ان عورت جي پيٽ ۾ اُهو ڀالو ٽُنبي ڏنو. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل منجھان وبا ختم ٿي.

9 پر اها وبا اڳ ۾ ئي چوويهہ هزار ماڻهو ماري چڪي هئي.

10 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

11 ”هارون ڪاهن جي پوٽي، اليعزر جي پٽ فينحاس جيڪي ڪيو آهي، تنهن سبب بني اسرائيل تان منهنجي ڪاوڙ ٽري ويئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي هنن مان منهنجي غيرت جي ڪري غيرتمند ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو مون بني اسرائيل کي پنهنجي غيرت سببان برباد نہ ڪيو.

12 تنهنڪري تون فينحاس کي ٻڌاءِ تہ آءٌ ساڻس پنهنجو صلح جو عهد ٿو ڪريان.

13 اهو عهد هن سان ۽ هن کان پوءِ سندس اولاد سان هميشہ جي ڪهانت جو عهد آهي، ڇاڪاڻ تہ هن مون پنهنجي خدا جي خاطر غيرت ڪئي ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ادا ڪيائين.“

14 بني اسرائيل جو اهو مرد جيڪو مدياني عورت سان گڏ ماريو ويو هو تنهن جو نالو زمري ولد سلو هو. هو شمعون قبيلي مان هڪڙي گھراڻي جو وڏو هو.

15 جيڪا مدياني عورت ماري ويئي تنهن جو نالو ڪزبي هو. هوءَ صور جي ڌيءَ هئي جيڪو مديان جي قبيلن جو رئيس هو.

16 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

17 ”اوهين مديانين کي ستايو ۽ کين ماريو،

18 ڇاڪاڻ تہ هنن اوهان کي پنهنجين ٺڳين سان پعور واريءَ ڳالهہ ۽ سندن ڀيڻ ڪزبيءَ واري ڳالهہ ۾ ستايو، جيڪا پعور جي سببان آيل وبا جي وقت ۾ ماري ويئي هئي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan