Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 22 - Muslim Sindhi Bible


موآبي بادشاهہ بلق جو بلعام کي سڏائڻ

1 پوءِ بني اسرائيل اتان اڳتي هليا ۽ اردن درياءَ جي اوڀر طرف موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون اچي پنهنجا تنبو کوڙيائون.

2 بني اسرائيل جيڪي امورين سان ڪيو هو، تنهن جي سڄي خبر موآب جي بادشاهہ بلق ولد صفور کي پيئي.

3 انهيءَ ڪري هو پاڻ ۽ سندس سڄو راڄ ڏاڍا ڊڄي ويا، ڇو تہ بني اسرائيل تعداد ۾ تمام گھڻا هئا. مطلب تہ موآبين جي مٿان بني اسرائيل جو خوف ويهجي ويو.

4 موآبين مديانين جي اڳواڻن کي چيو تہ ”خبرداري ڪريو، ماڻهن جو هي انبوهہ تہ اسان جي آس‌پاس وارن سڀني کي ائين چٽ ڪري ڇڏيندو جيئن ڪو ڏاند ٻنيءَ جو گاهہ کائي چٽ ڪري ڇڏيندو آهي.“ سو موآب جي بادشاهہ بلق

5 بعور جي پٽ بلعام کي وٺي اچڻ لاءِ قاصد موڪليا. بلعام فرات نديءَ جي ويجھو پنهنجي وطن جي فتور شهر ۾ رهندو هو. بلق قاصدن کي پيغام ڏنو تہ ”هڪڙي قوم مصر مان نڪري آئي آهي ۽ روءِ‌زمين تي پکڙجي ويئي آهي. هاڻي اها قوم منهنجي سامهون اچي لٿي آهي.

6 سو هاڻي اچ ۽ منهنجي خاطر هنن ماڻهن تي اچي لعنت ڪر، ڇو تہ هو مون کان وڌيڪ طاقتور آهن. پوءِ شايد آءٌ انهن کي شڪست ڏيئي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍي سگھان. مون کي خبر آهي تہ جنهن کي تون برڪت ٿو ڏين سو برڪت وارو ٿو ٿئي ۽ جنهن تي تون لعنت ٿو ڪرين سو لعنتي ٿو ٿئي.“

7 سو موآبين ۽ مديانين جا اڳواڻ بني اسرائيل تي لعنت وجھائڻ لاءِ رقم کڻي بلعام وٽ ويا ۽ کيس بلق بادشاهہ جو پيغام ڏنائون.

8 بلعام کين چيو تہ ”اوهين اڄ رات هتي رهي پئو. جيئن خداوند مون کي فرمائيندو تيئن آءٌ اوهان کي سڀاڻي جواب ڏيندس.“ سو موآب جا اهي اڳواڻ اها رات بلعام وٽ رهي پيا.

9 خدا بلعام وٽ آيو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”تو وٽ هي ڪهڙا ماڻهو آيا آهن؟“

10 بلعام ورندي ڏني تہ ”موآب جي بادشاهہ بلق ولد صفور مون ڏانهن چوائي موڪليو آهي تہ

11 ’جيڪا قوم مصر مان نڪري آئي آهي سا روءِ‌زمين تي پکڙجي ويئي آهي. هاڻ تون اچ ۽ انهن تي اچي لعنت ڪر، پوءِ شايد آءٌ ساڻن وڙهي سگھان ۽ کين ڀڄائي ڪڍان.‘“

12 پر خدا بلعام کي فرمايو تہ ”تون هنن سان نہ وڃ ۽ نہ وري انهن ماڻهن تي لعنت ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها قوم برڪت واري آهي.“

13 بلعام صبح جو اُٿي بلق جي موڪليل اڳواڻن کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي وڃو. خداوند مون کي اوهان سان هلڻ لاءِ موڪل نہ ٿو ڏئي.“

14 سو هو اتان موٽي بلق وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”بلعام اسان سان اچڻ کان انڪار ڪيو آهي.“

15 تنهن تي بلق وري ٻيا ماڻهو موڪليا، جيڪي اڳين کان تعداد ۾ گھڻا ۽ وڌيڪ معزز هئا.

16 هو بلعام وٽ آيا ۽ کيس بلق بادشاهہ جو پيغام ڏنائون تہ ”مهرباني ڪري تون ڪنهن بہ سبب ڪري مون وٽ اچڻ کان روڪجي نہ ويهہ.

17 آءٌ تو کي گھڻو نوازيندس ۽ جيئن تون چوندين تيئن آءٌ ڪندس. مهرباني ڪري اچ ۽ هنن ماڻهن تي منهنجي خاطر لعنت ڪر.“

18 تنهن تي بلعام جواب ڏنو تہ ”جيڪڏهن بلق چانديءَ ۽ سون سان ڀريل پنهنجو گھر بہ مون کي ڏئي تڏهن بہ آءٌ ننڍي ۾ ننڍي يا وڏي ۾ وڏي ڳالهہ ۾ بہ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم کان ٻاهر وڃي ڪين سگھندس.

19 سو هاڻي اوهين بہ اڄوڪي رات هتي رهي پئو تہ آءٌ معلوم ڪريان تہ خداوند مون کي وڌيڪ ڇا ٿو چوي.“

20 انهيءَ رات خدا بلعام وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن هي ماڻهو تو کي وٺڻ آيا آهن تہ تون اُٿ ۽ بيشڪ انهن سان وڃ. پر جيڪي آءٌ تو کي چوان رڳو تنهن تي ئي عمل ڪجانءِ.“


بلعام ۽ سندس گڏهِہ

21 بلعام صبح جو اٿيو ۽ پنهنجيءَ گڏهِہ تي سنج رکي موآبي اڳواڻن سان گڏجي روانو ٿيو.

22 هن جي وڃڻ ڪري خدا کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. سو جيئن بلعام پنهنجيءَ گڏهِہ تي وڃي رهيو هو ۽ سندس ٻہ نوڪر بہ ساڻ هئا تہ خداوند جو ملائڪ هن کي روڪڻ لاءِ رستي تي اچي بيٺو.

23 جڏهن گڏهِہ خداوند جي ملائڪ کي هٿ ۾ اگھاڙي تلوار کنيو رستي تي بيٺل ڏٺو تڏهن رستي کان مڙي ٻنيءَ ۾ لهي ويئي. پر بلعام گڏهِہ کي مار ڏيئي ڦيري رستي تي آندو.

24 پوءِ وري خداوند جو ملائڪ انگورن جي ٻن باغن جي وچ ۾ سوڙهي رستي تي اچي بيٺو جتي ٻنهي پاسن کان ڀت هئي.

25 جڏهن گڏهِہ خداوند جي ملائڪ کي ڏٺو تڏهن هوءَ وڃي ڀت سان لڳي ۽ بلعام جو پير ڀت سان چيڀاٽي ڇڏيائين. تنهن تي هن وري بہ گڏهِہ کي مار ڏني.

26 تڏهن هڪ دفعو وري خداوند جو ملائڪ اڳڀرو وڃي هڪ اهڙي هنڌ تي بيٺو جتي نہ ساڄي پاسي مُڙڻ جي جاءِ هئي نہ کاٻي پاسي.

27 پوءِ جڏهن گڏهِہ خداوند جي ملائڪ کي ڏٺو تڏهن بلعام سوڌو ويهي رهي. بلعام کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، سو هو گڏهِہ کي پنهنجيءَ لٺ سان مار ڏيڻ لڳو.

28 تڏهن خداوند گڏهِہ کي ڳالهائڻ جي طاقت ڏني، جنهن بلعام کي چيو تہ ”مون توهان کي ڇا ڪيو آهي جو توهان مون کي ٽي ڀيرا مار ڏني آهي؟“

29 بلعام جواب ڏنس تہ ”مون ائين هن ڪري ڪيو جو تو مون سان مخول ڪيو آهي. جيڪڏهن منهنجي هٿ ۾ تلوار هجي ها تہ جيڪر هاڻي جو هاڻي تو کي ماري وجھان ها.“

30 تڏهن گڏهِہ وراڻيس تہ ”ڇا آءٌ اوهان جي اُها ئي گڏهِہ نہ آهيان، جنهن تي اوهان اڄ ڏينهن تائين هميشہ سواري پئي ڪئي آهي؟ ڇا ڪڏهن اڳي بہ مون اوهان سان ائين ڪيو آهي؟“ هن چيو تہ ”نہ.“

31 پوءِ خداوند بلعام جون اکيون کوليون، تڏهن هن خداوند جي ملائڪ کي هٿ ۾ اگھاڙي تلوار کنيو رستي ۾ بيٺل ڏٺو. تنهن تي هن جھڪي سجدو ڪيو.

32 خداوند جي ملائڪ بلعام کان پڇيو تہ ”تو پنهنجيءَ گڏهِہ کي ڇو ٽي ڀيرا مار ڏني؟ آءٌ تنهنجو رستو روڪڻ لاءِ آيو آهيان، ڇو تہ تنهنجو هي رستو منهنجي نظر ۾ گمراهيءَ وارو رستو آهي.

33 پر تنهنجيءَ گڏهِہ مون کي ڏٺو ۽ ٽي ڀيرا منهنجي اڳيان مڙي ويئي. جيڪڏهن اها مڙي نہ وڃي ها تہ آءٌ تو کي ضرور قتل ڪري ڇڏيان ها، پر هن کي جيئرو ڇڏيان ها.“

34 تڏهن بلعام وراڻيو تہ ”مون کان گناهہ ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ مون کي خبر ڪانہ هئي تہ توهان مون سان مقابلي لاءِ رستي تي بيٺا آهيو. سو هاڻي جيڪڏهن منهنجو اوڏانهن وڃڻ توهان کي خراب ٿو لڳي تہ آءٌ موٽي ٿو وڃان.“

35 پر خداوند جي ملائڪ بلعام کي چيو تہ ”تون ڀلي انهن ماڻهن سان وڃ. پر جيڪا ڳالهہ آءٌ تو کي چوان رڳو اها ئي تون چئجانءِ.“ سو بلعام بلق بادشاهہ جي موڪليل اڳواڻن سان گڏجي ويو.


بلعام جو استقبال

36 جڏهن بلق بادشاهہ ٻڌو تہ بلعام اچي رهيو آهي، تڏهن هن جي استقبال لاءِ موآب ملڪ جي انهيءَ سرحدي شهر تائين آيو جيڪو برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي آهي.

37 اُتي بلق بلعام کي چيو تہ ”ڇا مون تو کي تاڪيد سان نہ گھرايو هو؟ پوءِ تون ڇو مون وٽ هليو نہ آئين؟ ڇا آءٌ تو کي نوازي نہ ٿو سگھان؟“

38 بلعام جواب ڏنس تہ ”هاڻي جو آءٌ توهان وٽ اچي ويو آهيان تہ ڇا مون کي ايتري مجال آهي جو جيڪي وڻيم سو چوان؟ بلڪ جيڪا ڳالهہ خدا مون کان چوائيندو، سا ئي آءٌ چوندس.“

39 پوءِ بلعام بلق سان گڏجي قريت‌حصات شهر ۾ آيو.

40 اتي بلق ڏاند ۽ رڍون ڪُٺيون ۽ اُهي بلعام ۽ ساڻس گڏ جيڪي اڳواڻ هئا تن ڏانهن موڪليائين.

41 ٻئي ڏينهن صبح جو بلق بلعام کي پاڻ سان بامات‌بعل جي مٿاهينءَ جاءِ تي وٺي ويو، جتان بلعام بني اسرائيل جي خيمي‌گاهہ جو آخري حصو ڏسي ٿي سگھيو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan