ڳاڻاٽو 21 - Muslim Sindhi Bibleڪنعاني بادشاهہ تي فتح 1 عراد شهر جو ڪنعاني بادشاهہ جيڪو ڪنعان جي ڏکڻ ۾ رهندو هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ بني اسرائيل اٿاريم واري رستي اچي رهيا آهن، تڏهن هن مٿن حملو ڪيو ۽ انهن مان ڪن کي قيد ڪري وٺي ويو. 2 تڏهن بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ هڪ باس باسي تہ ”جيڪڏهن تون سچ پچ هنن ماڻهن تي اسان کي فتح ڏيندين تہ اسين هنن جي شهرن جون پاڙون پٽي ڇڏينداسين.“ 3 خداوند سندن دانهن ٻڌي ۽ کين انهن ڪنعانين تي فتح ڏنائين. سو بني اسرائيل انهن جون ۽ سندن شهرن جون پاڙون پٽي ڇڏيون. تنهنڪري انهيءَ هنڌ جو نالو حرماہ پئجي ويو. پتل جو نانگ 4 پوءِ بني اسرائيل هور جبل کان ڳاڙهي سمنڊ جي رستي روانا ٿيا تہ جيئن ادوم ملڪ جي سرحد جي ٻاهران ڦيرو ڏيئي لنگھي وڃن. پر انهيءَ ڊگھي رستي جي ڪري هو بيصبر ٿي پيا. 5 هو خدا ۽ موسيٰ جي خلاف ڳالهائڻ لڳا. هو چوڻ لڳا تہ ”ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن بيابان ۾ مرڻ جي لاءِ آندو آهي، جتي نہ ماني آهي، نہ پاڻي؟ اسان جي دل کي هن ڪني کاڌي کان ڪراهت ٿي اچي.“ 6 تڏهن خداوند انهن ماڻهن ۾ تمام زهريلا نانگ موڪليا. انهن نانگن کين ڏنگيو ۽ بني اسرائيل مان گھڻا ئي ماڻهو مري ويا. 7 تڏهن ماڻهو موسيٰ وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اسان خداوند ۽ اوهان جي خلاف ڳالهائي گناهہ ڪيو آهي. هاڻي توهين خداوند کان دعا گھرو تہ هو نانگن کي اسان کان پري ڪري.“ سو موسيٰ انهن لاءِ دعا گھري. 8 تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون هڪڙو نانگ ٺاهہ ۽ انهيءَ کي هڪڙي ٿوڻيءَ تي لٽڪائي ڇڏ. جيڪو بہ نانگ جو ڏنگيل انهيءَ کي ڏسندو سو مرڻ کان بچي ويندو.“ 9 سو موسيٰ هڪڙو پتل جو نانگ ٺاهيو ۽ انهيءَ کي هڪڙي ٿوڻيءَ تي لٽڪائي ڇڏيائين. پوءِ جڏهن بہ ڪنهن ماڻهوءَ کي نانگ ڏنگيو ٿي تڏهن ان پتل جي نانگ ڏانهن ٿي نهاريو تہ مرڻ کان بچي ٿي ويو. موآب جي ميدان ڏانهن سفر 10 بني اسرائيل اتان روانا ٿيا ۽ اوبوت ۾ وڃي منزل ڪيائون. 11 وري اتان منزل کڻي هليا ۽ عييعباريم ۾ اچي تنبو کوڙيائون، جيڪو موآب جي اوڀر طرف بيابان ۾ آهي. 12 پوءِ اتان منزل کنيائون ۽ برساتي نهر زارد وٽ اچي تنبو کوڙيائون. 13 وري اتان روانا ٿي ارنون نالي برساتي نهر جي پرينءَ ڀر وڃي منزل ڪيائون، جيڪا امورين جي سرحد وٽان نڪري بيابان ۾ ٿي وهي. برساتي نهر ارنون امورين ۽ موآبين جي وچ ۾ آهي ۽ موآب جي سرحد آهي. 14 ”خداوند لاءِ جنگيون“ نالي ڪتاب ۾ انهن هنڌن جو ذڪر شاعريءَ جي صورت ۾ هن ريت لکيل آهي تہ ”... واهيب شهر، جيڪو سوفاہ جي علائقي ۾ آهي، برساتي نهر ارنون ۽ انهيءَ علائقي جون ٻيون برساتي نهرون، 15 انهن برساتي نهرن جون لاهيون پڻ، جيڪي عار شهر تائين آهن، بلڪ موآب جي ملڪ واري سرحد تائين ٿيون پهچن.“ 16 وري هو اتان هلي انهيءَ هنڌ آيا جنهن کي بير يعني کوهہ چيو ويندو هو. اتي ئي خداوند موسيٰ کي فرمايو هو تہ ”ماڻهن کي گڏ ڪر تہ آءٌ کين پاڻي ڏيان.“ 17 تڏهن بني اسرائيل اتي هي گيت ڳايو تہ ”اي کوهہ! تون اُٿل کائي اسان کي پاڻي ڏي. اي اوهين! سڀيئي گڏجي انهيءَ کوهہ جون تعريفون ڳايو. 18 هي اهو کوهہ آهي جنهن کي سردارن کوٽيو آهي، قوم جي اميرن پنهنجي شاهي لٺين سان اهو کوٽيو آهي.“ پوءِ هو بيابان مان روانا ٿي انهيءَ هنڌ پهتا جنهن کي متاناہ چون ٿا. 19 اتان هو نحليايل ماٿريءَ ۾ آيا ۽ نحليايل کان بامات ۾ آيا. 20 هو بامات مان روانا ٿيا ۽ موآب جي ميدان ۾ جيڪا ماٿري آهي تنهن ۾ پسگاہ جبل جي انهيءَ چوٽيءَ تي آيا، جتان هيٺ رڻپٽ ڏيکاربو آهي. سيحون ۽ عوج بادشاهن جي شڪست ( شريعت جو دور 2:26–3:11 ) 21 پوءِ بني اسرائيل امورين جي بادشاهہ سيحون ڏانهن ايلچين جي معرفت چوائي موڪليو تہ 22 ”اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگھڻ ڏيو. اسين رستو ڇڏي ڪنهن بہ ٻنيءَ يا انگورن جي باغ ۾ نہ لڙنداسين. اسين اوهان جي کوهن جو پاڻي بہ نہ پيئنداسين. اسين شاهي رستو وٺي هليا وينداسين، جيستائين اسين اوهان جي حد مان لنگھي وڃون.“ 23 پر سيحون بني اسرائيل کي پنهنجي حد مان لنگھڻ تہ نہ ڏنو، اٽلندو پنهنجي سڄي قوم گڏ ڪري بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ بيابان ۾ آيو. هن يهض شهر ۾ پهچي بني اسرائيل تي حملو ڪري وڌو. 24 پر بني اسرائيل انهن امورين کي جنگ ۾ ماري ختم ڪري ڇڏيو ۽ برساتي نهر ارنون کان وٺي برساتي نهر يبوق تائين يعني بني عمون جي سرحد تائين هنن جي ملڪ تي قبضو ڪيائون. هو اڳتي وڌي نہ سگھيا ڇو تہ بني عمون جي سرحد مضبوط هئي. 25 سو بني اسرائيل امورين جي سڀني شهرن تي قبضو ڪيو. پوءِ هو حشبون ۽ ان جي آسپاس وارن ٻين ڳوٺن سميت سمورن شهرن ۾ آباد ٿي ويا. 26 حشبون شهر امورين جي بادشاهہ سيحون جو هو، جنهن موآب جي اڳوڻي بادشاهہ سان وڙهي برساتي نهر ارنون تائين هن جو سڄو ملڪ سندس هٿان کسي ورتو هو. 27 سيحون جي انهيءَ فتح جي ڪري امورين هيءَ شاعري ٺاهي هئي تہ ”سيحون بادشاهہ جي شهر حشبون ۾ اچو، تانتہ اهو شاهي شهر اڏجي وڌيڪ مضبوط ٿئي. 28 ڏسو، حشبون شهر مان باهہ جي شعلي وانگر سيحون جي فوج نڪتي، جنهن موآب واري عار شهر کي برباد ڪري ڇڏيو، ۽ برساتي نهر ارنون وارن جبلن جي رهاڪو سردارن کي ڳهي ويئي. 29 سو اي موآب وارؤ! اوهان سان ڪيڏو نہ ويل آهي! اوهين جيڪي ڪموش ديوتا جا پوڄاري آهيو، سي بلڪل تباهہ وَ برباد ٿي ويا آهيو. اوهان جي معبود اوهان جي پٽن کي ڀاڄوڪڙ، ۽ اوهان جي ڌيئرن کي اسان جي بادشاهہ سيحون جون بانديون بڻجڻ ڏنو آهي. 30 بيشڪ اسان موآبين جي اولاد کي ناس ڪري ڇڏيو آهي، هائو، حشبون کان ديبون تائين کين تباهہ ڪيو اٿئون. اسان امورين سندن ملڪ کي نفح تائين ويران ڪري ڇڏيو آهي.“ 31 پوءِ امورين تي فتح حاصل ڪرڻ بعد بني اسرائيل سندن ملڪ ۾ رهڻ لڳا. 32 تڏهن موسيٰ يعزير شهر تي پڻ حملي ڪرڻ لاءِ جاسوسي ڪرائي ۽ اهو شهر آسپاس وارن ڳوٺن سميت بني اسرائيل جي قبضي ۾ آندو ويو. اهڙيءَ طرح جيڪي اموري اتي رهندا هئا تن کي ڀڄائي ڪڍيائون. 33 تنهن کان پوءِ هو اتان ڦري بسن جو رستو وٺي هليا تہ بسن جو بادشاهہ عوج پنهنجو لشڪر وٺي ساڻن جنگ ڪرڻ لاءِ ادرعيءَ واري هنڌ وٽ نڪري آيو. 34 تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هن کان نہ ڊڄ. آءٌ تو کي هن تي، سندس سڀني ماڻهن تي ۽ سندس سڄي ملڪ تي فتح ڏيندس. تون هن سان بہ ائين ئي ڪجانءِ، جيئن تو امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هو، جنهن حشبون تي راڄ ٿي ڪيو.“ 35 سو بني اسرائيل عوج بادشاهہ کي، سندس پٽن کي ۽ سندس سڄيءَ قوم کي ماري ڇڏيو، ايتري قدر جو ڪو هڪڙو ماڻهو بہ هنن جي هٿان زندہ نہ بچيو. پوءِ هنن سندس ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society