Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 20 - Muslim Sindhi Bible


ٽڪريءَ مان پاڻي نڪرڻ
( خروج 17‏:1‏-7 )

1 بني اسرائيل جي سڄي قوم، پهرئين مهيني ۾ صين جي بيابان ۾ آئي ۽ ماڻهن قادش ۾ پنهنجا تنبو کوڙيا. اتي مريم وفات ڪئي ۽ اتي ئي کيس دفنايو ويو.

2 جيئن تہ قادش ۾ قوم جي لاءِ پاڻي ڪونہ هو، سو ماڻهو موسيٰ ۽ هارون جي خلاف وٽن اچي گڏ ٿيا.

3 پوءِ هو موسيٰ سان جھيڙو ڪري چوڻ لڳا تہ ”ڪيڏو نہ چڱو ٿئي ها جو جڏهن اسان جا هم‌قوم خداوند جي مقدس خيمي جي سامهون مري ويا هئا تڏهن اسين بہ مري وڃون ها.

4 ڇو اوهان خداوند جي قوم کي هن بيابان ۾ آندو آهي؟ ڇا محض انهيءَ لاءِ تہ اسين ۽ اسان جو چوپايو مال سڀ هتي مرون؟

5 ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن خراب هنڌ وٺي آيا آهيو، هتي تہ نہ اناج آهي نہ انجير، نہ انگور آهن نہ ڏاڙهون، ايتري قدر جو هتي پيئڻ جي لاءِ پاڻي بہ ڪونهي.“

6 تڏهن موسيٰ ۽ هارون ماڻهن وٽان نڪري خدا سان ملاقات واري خيمي جي در تي آيا. هو اتي سجدي ۾ ڪري پيا، تڏهن خداوند جو جلوو مٿن ظاهر ٿيو.

7 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

8 ”اندر اچي هارون جي لٺ کڻ ۽ پوءِ تون ۽ تنهنجو ڀاءُ هارون ٻيئي ڄڻا سڄيءَ قوم کي گڏ ڪريو. پوءِ هنن جي اکين جي اڳيان اوهين ٽڪريءَ کي چوندا تہ منجھانئس پاڻي وهي نڪرندو. اهڙيءَ طرح تون انهيءَ ٽڪريءَ مان انهن ماڻهن ۽ سندن چوپائي مال جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪڍندين.“

9 سو موسيٰ خداوند جي حڪم موجب وڃي سندس حضور مان لٺ کنئي.

10 موسيٰ ۽ هارون انهيءَ ٽڪريءَ جي سامهون سڄيءَ قوم کي گڏ ڪيو. موسيٰ انهن کي چيو تہ ”اي فساديو! هاڻي ڇا اسين اوهان جي لاءِ هن ٽڪريءَ مان پاڻي ڪڍون؟“

11 پوءِ موسيٰ پنهنجو هٿ ڊگھيري ٻہ ڀيرا ٽڪريءَ تي پنهنجي لٺ هنئي تہ انهيءَ مان بي‌انداز پاڻي وهي نڪتو، جيڪو سڀني ماڻهن ۽ سندن چوپائي مال پيتو.

12 پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي ڇينڀيندي چيو تہ ”جيئن تہ اوهان مون تي يقين نہ ڪيو تڏهن اوهان بني اسرائيل جي اڳيان منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي. تنهنڪري اوهين هن قوم کي انهيءَ ملڪ ۾ نہ پهچائيندا جيڪو آءٌ هنن کي ڏيڻ وارو آهيان.“

13 انهيءَ واقعي ۾ نڪرندڙ چشمي جو نالو مريباہ پئجي ويو. انهيءَ سبب جو ان هنڌ تي بني اسرائيل خداوند جي خلاف جھڳڙو ڪيو ۽ خداوند پاڻ کي منجھن پاڪ ثابت ڪيو.


بني اسرائيل جي رستي روڪ

14 موسيٰ قادش مان ادوم جي بادشاهہ ڏانهن ايلچين جي معرفت چوائي موڪليو تہ ”اسان بني اسرائيل جي قبيلن يعني اوهان جي عزيزن جو عرض آهي تہ جيڪي مصيبتون اسان تي آيون آهن تن جي اوهان کي خبر آهي.

15 اسان جا ابا ڏاڏا مصر ۾ ويا ۽ اسين ڪيترائي سال اتي رهياسين. مصرين اتي اسان سان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان خراب سلوڪ ڪيو.

16 پر جڏهن اسان خداوند کي مدد لاءِ پڪاريو تہ هن اسان جي پڪار ٻڌي ۽ هڪڙي ملائڪ کي موڪلي اسان کي مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو. هاڻ اسين قادش شهر ۾ آهيون جيڪو اوهان جي سرحد جي ڪناري تي آهي.

17 سو مهرباني ڪري اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگھڻ جي اجازت ڏيو. اسين ٻنيءَ يا انگورن جي باغ مان نہ لنگھنداسين ۽ نہ ئي وري ڪنهن کوهہ مان پاڻي پيئنداسين. اسين شاهي رستو وٺي هليا وينداسين. جيستائين اسين اوهان جي سرحد کان ٻاهر نڪري نہ وڃون تيستائين نڪي ساڄي پاسي ڦرنداسين نہ کاٻي.“

18 پر ادوم جي بادشاهہ جواب ڏياري موڪليس تہ ”منهنجي ملڪ مان نہ لنگھجانءِ. جيڪڏهن لنگھڻ جي ڪوشش ڪندين تہ پوءِ آءٌ نڪري تلوار سان تو تي حملو ڪندس.“

19 تڏهن بني اسرائيل هن کي وري چوائي موڪليو تہ ”اسين شاهي رستي سان ئي وينداسين. جيڪڏهن اسان يا اسان جي چوپائي مال اوهان جو پاڻي پيتو تہ اسين انهيءَ جو مُلهہ ڏينداسين. اسين ٻيو ڪجھہ بہ نہ ٿا گھرون، رڳو اسان کي پنهنجي پيرين لنگھي وڃڻ ڏيو.“

20 هن ٻيهر بہ چوائي موڪليو تہ ”هرگز اتان نہ لنگھجو.“ پوءِ ادوم جو بادشاهہ گھڻا ماڻهو ساڻ ڪري، هٿيار کڻي بني اسرائيل تي ڪاهي آيو.

21 جيئن تہ ادوم جي بادشاهہ بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان لنگھڻ نہ ڏنو، تنهنڪري هو اتان ڦري ٻئي رستي سان ويا.


هارون جي وفات

22 بني اسرائيل قادش مان روانا ٿي هور جبل وٽ اچي پهتا.

23 خداوند اتي هور جبل وٽ، جيڪو ادوم ملڪ جي سرحد تي آهي، موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ

24 ”هارون وفات ڪري پنهنجن سان وڃي گڏبو. سو جيڪو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ هو داخل نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ مريباہ جي چشمي وٽ اوهان ٻنهي منهنجي حڪم جي خلاف ڪم ڪيو.

25 سو تون، هارون ۽ سندس پٽ اليعزر کي پاڻ سان هور جبل تي وٺي اچ.

26 اتي هارون جي ڪهانت واري خاص پوشاڪ لاهي سندس پٽ اليعزر کي پاراءِ. هارون اتي وفات ڪري پنهنجن سان وڃي گڏبو.“

27 سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو. هو سڄيءَ قوم جي اکين جي سامهون هور جبل تي چڙهي ويا.

28 موسيٰ هارون جي ڪهانت واري پوشاڪ لاهي سندس پٽ اليعزر کي پارائي. هارون اتي ئي جبل جي چوٽيءَ تي وفات ڪئي. پوءِ جڏهن موسيٰ ۽ اليعزر جبل تان هيٺ لهي آيا،

29 تڏهن بني اسرائيل کي خبر پيئي تہ هارون مري چڪو آهي. تنهن تي سڀني ماڻهن هارون لاءِ ٽيهہ ڏينهن سوڳ ڪيو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan