Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 2 - Muslim Sindhi Bible


قبيلن جي تنبن جي ترتيب

1 خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ

2 ”بني اسرائيل مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي نشان وٽ پنهنجي ڪٽنب جي جھنڊي سان مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي چئني طرفن تي پنهنجو پنهنجو تنبو کوڙي.

3 اوڀر طرف پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ جيڪي قبيلا يهوداہ جي خيمي‌گاهہ جي نشان وٽ هڪٻئي جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني يهوداہ جو سردار عمينداب جو پٽ نحسون ٿئي.

4 انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب چوهتر هزار ڇهہ سؤ آهي.

5 بني يهوداہ جي ڀرسان اِسڪار قبيلي جا ماڻهو پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار صوعر جو پٽ نٿن‌ايل ٿئي.

6 انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب چوونجاهہ هزار چار سؤ آهي.

7 بني اِسڪار جي ڀرسان زبولون قبيلي وارا پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار حيلون جو پٽ الياب ٿئي.

8 انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب ستونجاهہ هزار چار سؤ آهي.

9 سو يهوداہ جي منزلگاهہ مان انهن ٽن قبيلن جي لشڪرن جي شمار موجب هڪ لک ڇهاسي هزار چار سؤ مرد آهن. اهي سڀ يهوداہ جي خيمي‌گاهہ جي نشان وارا پهريائين منزل پٽي هلن.

10 ڏاکڻي پاسي روبن جي خيمي‌گاهہ جي نشان هيٺ پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ هڪٻئي جي ڀرسان جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني روبن جو سردار شديور جو پٽ اليصور ٿئي.

11 انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب ڇائيتاليهہ هزار پنج سؤ آهي.

12 بني روبن جي ڀرسان شمعون قبيلي جا ماڻهو پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار صوري‌شدي جو پٽ شلومي‌ايل ٿئي.

13 انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب اوڻهٺ هزار ٽي سؤ آهي.

14 بني شمعون جي ڀرسان جد قبيلي وارا پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار رعوايل جو پٽ الياسف ٿئي.

15 انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب پنجيتاليهہ هزار ڇهہ سؤ پنجاهہ آهي.

16 سو روبن جي منزلگاهہ مان انهن ٽن قبيلن جي لشڪرن جي شمار موجب هڪ لک ايڪونجاهہ هزار چار سؤ پنجاهہ مرد آهن. اهي سڀ روبن جي خيمي‌گاهہ جي نشان وارا ٻئي نمبر تي منزل پٽي هلن.

17 ان کان پوءِ پهرين ٻن دستن ۽ پوين ٻن دستن جي وچ ۾ لاوي مون خدا سان ملاقات وارو خيمو کڻي هلن. جهڙي ترتيب سان هو منزل ڪن تهڙي ئي ترتيب سان منزل کڻن. هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي پنهنجي نشان وٽ هجي.

18 اولهہ طرف افرائيم جي خيمي‌گاهہ جي نشان وٽ پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ هڪٻئي جي ڀرسان جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني افرائيم جو سردار عميهود جو پٽ اليشمع ٿئي.

19 انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب چاليهہ هزار پنج سؤ آهي.

20 بني افرائيم جي ڀرسان منسي قبيلي جا ماڻهو پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار فداهصور جو پٽ جملي‌ايل ٿئي.

21 انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب ٻٽيهہ هزار ٻہ سؤ آهي.

22 بني منسي جي ڀرسان بنيامين قبيلي وارا پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار جِدعوني جو پٽ ابيدان ٿئي.

23 انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب پنجٽيهہ هزار چار سؤ آهي.

24 سو افرائيم جي منزلگاهہ مان انهن ٽن قبيلن جي لشڪرن جي شمار موجب هڪ لک اٺ هزار هڪ سؤ مرد آهن. اهي سڀ افرائيم جي خيمي‌گاهہ جي نشان وارا ٽئين نمبر تي منزل پٽي هلن.

25 اترئين پاسي دان جي خيمي‌گاهہ جي نشان وٽ پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ هڪٻئي جي ڀرسان جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني دان جو سردار عميشدي جو پٽ احيعزر ٿئي.

26 انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب ٻاهٺ هزار ست سؤ آهي.

27 بني دان جي ڀرسان آشر قبيلي جا ماڻهو پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار عڪران جو پٽ فجعي‌ايل ٿئي.

28 انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب ايڪيتاليهہ هزار پنج سؤ آهي.

29 بني آشر جي ڀرسان نفتالي قبيلي وارا پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار عينان جو پٽ احيرع ٿئي.

30 انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب ٽيونجاهہ هزار چار سؤ آهي.

31 سو دان جي منزلگاهہ مان انهن ٽن قبيلن جي لشڪرن جي شمار موجب هڪ لک ستونجاهہ هزار ڇهہ سؤ مرد آهن. اهي سڀ دان جي خيمي‌گاهہ وارا پنهنجي پنهنجي نشان هيٺ آخر ۾ منزل پٽي هلن.“

32 اهي آهن بني اسرائيل، جن جو سندن ڪٽنبن موجب شمار ڪيو ويو. سمورا لشڪر جيڪي خيمي‌گاهن ۾ هئا تن جو تعداد سندن دستن موجب ڇهہ لک، ٽي هزار پنج سو پنجاهہ مرد هو.

33 پر لاوي بني اسرائيل جي ٻين ماڻهن سان شمار نہ ڪيا ويا، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

34 سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو. انهن مان هر ڪنهن پنهنجي نشان وٽ پنهنجو تنبو کوڙيو ۽ اهڙيءَ طرح انهن مان هر ڪو پنهنجي نسل ۽ ڪٽنب موجب منزل پٽي هليو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan