Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 17 - Muslim Sindhi Bible


هارون جي لٺ

1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

2 ”تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ هو تو کي پنهنجن اباڻن قبيلن مان هر هڪ سردار جي لٺ ڏين. ڪل ٻارهن لٺيون هجن. پوءِ تون هر هڪ ماڻهوءَ جي لٺ تي سندس نالو لک.

3 تون لاوي قبيلي جي لٺ تي هارون جو نالو لک. اهڙيءَ طرح هر هڪ قبيلي جي سردار جي لاءِ هڪ لٺ هئڻ گھرجي.

4 تون اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ عهد واري صندوق جي اڳيان آڻي رک، جتي آءٌ تو سان ملاقات ڪندو آهيان.

5 پوءِ جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ چونڊيندس تنهن جي لٺ ڦٽي نڪرندي. اهڙيءَ طرح تنهنجي خلاف بني اسرائيل جي گھڙيءَ گھڙيءَ واري شڪايت کي آءٌ ٻنجو ڏيئي ڇڏيندس.“

6 سو موسيٰ بني اسرائيل کي اها ڳالهہ ٻڌائي. انهن جي سردارن کيس ٻارهن لٺيون يعني هر هڪ قبيلي جي سردار جي هڪ هڪ لٺ ڏني. هارون جي لٺ بہ انهن ٻارهن لٺين سان گڏ رکي ويئي.

7 موسيٰ پوءِ اهي لٺيون مقدس خيمي، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، تنهن اندر خداوند جي حضور ۾ آڻي رکيون.

8 ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن موسيٰ مقدس خيمي ۾ داخل ٿيو، تڏهن ڇا ڏسي تہ هارون واري لٺ جا لاويءَ قبيلي مان ڏنل هئي، سا تہ ڦٽي نڪتي آهي. منجھس مُکڙيون ۽ گل نڪتا آهن ۽ پڪل باداميون جھليون اٿس.

9 موسيٰ سڀ لٺيون خداوند جي حضور کان ٻاهر کڻي آيو. هن اهي بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم کي ڏيکاريون. هنن اهي ڏٺيون ۽ هر هڪ ماڻهوءَ پنهنجي لٺ کنئي.

10 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هارون جي لٺ عهد واري صندوق جي سامهون موٽائي رک. اها باغين لاءِ هڪ نشانيءَ طور رکي هجي. اهڙيءَ طرح هو منهنجيون شڪايتون ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندا ۽ مرڻ کان بچي ويندا.“

11 سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس فرمايو.

12 تڏهن بني اسرائيل موسيٰ کي چيو تہ ”تنهن جي معنيٰ هاڻ اسان جو بلڪل خاتمو آهي.

13 جيڪو بہ ماڻهو خداوند جي مقدس خيمي جي رڳو ويجھو ئي ٿو اچي سو مري ٿو وڃي، تہ پوءِ ڇا اسين سڀيئي ختم ٿي وينداسين؟“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan