Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 16 - Muslim Sindhi Bible


قورح، داتن ۽ ابيرام جي بغاوت

1 اضهار جي پٽ قورح، جيڪو قهات جو پوٽو ۽ لاويءَ جو پڙپوٽو هو، تنهن هڪ دفعي موسيٰ جي خلاف بغاوت ڪئي. روبن قبيلي جا ٽي ٻيا شخص هر هڪ داتن ۽ ابيرام، جيڪي الياب جا پٽ هئا ۽ اون ولد پلت بہ ساڻس انهيءَ بغاوت ۾ شامل ٿيا.

2 بني اسرائيل مان اڍائي سؤ ماڻهو، جيڪي چونڊيل اڳواڻ ۽ مشهور ماڻهو هئا، تن کي هو ساڻ ڪري موسيٰ سان مقابلي ڪرڻ لاءِ اٿيا.

3 اهي موسيٰ ۽ هارون جي اڳيان اچي گڏ ٿيا ۽ کين چيائون تہ ”اوهين تہ حد لنگھي ويا آهيو. جڏهن تہ قوم جو هر هڪ ماڻهو مخصوص آهي ۽ خداوند اسان سڀني سان آهي تہ پوءِ اوهين ڇو پنهنجو پاڻ کي خداوند جي قوم کان مٿاهون ٿا سمجھو.“

4 جڏهن موسيٰ اهو ٻڌو تہ منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پيو.

5 پوءِ هن قورح ۽ سندس سڄي ٽولي کي چيو تہ ”سڀاڻي صبح جو خداوند پاڻيهي ڏيکاريندو تہ ڪير سندس آهي ۽ ڪير مخصوص آهي جيڪو سندس ويجھو وڃي، ڇاڪاڻ تہ جنهن کي چونڊيو هوندائين تنهن کي ئي پنهنجي ويجھو اچڻ ڏيندو.

6 اي قورح! تون ۽ تنهنجو سڄو ٽولو هيئن ڪريو جو سڀاڻي صبح جو اوهين لوبان‌دان کڻو،

7 خداوند جي آڏو انهن تي ٽانڊا رکي مٿن لوبان وجھو. پوءِ ڏسنداسون تہ ڪنهن کي خداوند مخصوص ڪري چونڊيو آهي. اوهين تہ حد کان لنگھي ويا آهيو.“

8 موسيٰ قورح کي وڌيڪ چيو تہ ”اي لاويءَ جو اولاد! ٻڌو.

9 ڇا اها ننڍي ڳالهہ آهي جو بني اسرائيل جي خدا اوهان کي پنهنجي قوم مان چونڊي ڌار ڪيو آهي تہ جيئن اوهين کيس ويجھا وڃو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين خداوند جي مقدس خيمي جي خدمت ڪريو ۽ قوم جي سامهون بيهي انهن جي بہ ديني خدمت ڪريو؟

10 اي قورح! هن تو کي ۽ تنهنجي سڀني لاوي ڀائرن کي چونڊي ڌار ڪيو آهي ۽ هاڻي وري اوهين ڪهانت ۾ بہ اکيون ٿا وجھو!

11 هارون ڪير آهي، جنهن جي خلاف اوهين شڪايت ٿا ڪريو؟ حقيقت ۾ تون ۽ تنهنجو ٽولو خداوند جي ئي خلاف بغاوت ٿا ڪريو.“

12 پوءِ موسيٰ الياب جي پٽن داتن ۽ ابيرام کي گھرايو. پر هنن چيو تہ ”اسين ڪونہ اينداسين.

13 اها ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو تون اسان کي آسودي ۽ خوشحال ملڪ مان ڪڍي هتي بيابان ۾ مارڻ لاءِ وٺي آيو آهين؟ هاڻي وري تون اسان جي مٿان صاحبي هلائڻ ٿو گھرين؟

14 تنهن کان سواءِ تو اسان کي آسودي ۽ خوشحال ملڪ ۾ ڪونہ پهچايو آهي، نڪي اسان کي ٻنيون ۽ انگورن جا باغ ورثي ۾ ڏنا اٿيئي. هاڻ وري تون اسان جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ جي ڪوشش پيو ڪرين. اسين ڪونہ اينداسين.“

15 تڏهن موسيٰ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ خداوند کي چيائين تہ ”جيڪا قرباني هي آڻين سا تون قبول نہ ڪج. مون تہ انهن کان ڪو گڏهہ بہ ڪونہ ورتو آهي، نڪي هنن مان ڪنهن کي ڪو نقصان رسايو اٿم.“

16 پوءِ موسيٰ قورح کي چيو تہ ”سڀاڻي تون پنهنجي ٽولي جي ماڻهن سميت خداوند جي آڏو حاضر ٿجانءِ. هارون بہ اتي هوندو.

17 اوهان جي ٽولي جي اڍائي سؤ ماڻهن مان هر ڪو پنهنجو لوبان‌دان کڻي انهيءَ تي لوبان وجھي ۽ پوءِ اهو خداوند جي آڏو آڻي پيش ڪري. تون ۽ هارون بہ ائين ئي ڪريو.“

18 سو هر ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجو لوبان‌دان کنيو، انهيءَ تي ٽانڊا وڌا ۽ انهن مٿان لوبان وجھي موسيٰ ۽ هارون سان گڏ خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ اچي بيٺو.

19 پوءِ قورح پنهنجو سڄو ٽولو گڏ ڪري خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ موسيٰ ۽ هارون جي منهن مقابل آڻي بيهاريو. تڏهن اوچتو خداوند جو جلال سڀني جي روبرو ظاهر ٿيو.

20 خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ

21 ”اوهين پاڻ کي هن قوم کان ڌار ڪريو تہ آءٌ هنن کي هڪ پل ۾ برباد ڪري ڇڏيان.“

22 پر موسيٰ ۽ هارون سجدي ۾ ڪري کيس چوڻ لڳا تہ ”اي خدا! تون جيڪو زندگيءَ جو سرچشمو آهين، هڪڙي ماڻهوءَ جي گناهہ جي ڪري سڄيءَ قوم تي ڪاوڙبين ڇا؟“

23 تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

24 ”تون ماڻهن کي چئُہ تہ اهي قورح، داتن ۽ ابيرام جي تنبن وٽان نڪري پري ٿين.“

25 تڏهن موسيٰ اٿيو ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن کي ساڻ ڪري داتن ۽ ابيرام وٽ ويو.

26 هن ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين هنن شرير ماڻهن جي تنبن وٽان نڪري پري ٿيو ۽ هنن جي ڪنهن بہ شيءِ کي هٿ نہ لايو، نہ تہ اوهين بہ هنن سان گڏ سندن سڀني گناهن سبب چٽ ٿي ويندءُ.“

27 سو اهي ماڻهو قورح، داتن ۽ ابيرام جي تنبن وٽان پري هٽي ويا. داتن ۽ ابيرام پنهنجين زالن، پٽن ۽ ننڍڙن ٻارن سميت نڪري اچي پنهنجن تنبن جي در تي بيٺا.

28 تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”انهيءَ ڳالهہ مان اوهان کي خبر پوندي تہ خداوند مون کي هي سڀ ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي ۽ اهي مون پنهنجيءَ مرضيءَ سان نہ ڪيا آهن.

29 جيڪڏهن هي ماڻهو ٻين سڀني ماڻهن وانگر عام موت مرن ۽ عجيب موت نہ مرن تہ پوءِ آءٌ خداوند جو موڪليل نہ آهيان.

30 پر جيڪڏهن خداوند ڪا نئين واردات ڪري ۽ زمين پنهنجو وات ڦاڙي هنن کي سندن سموري مال ملڪيت سميت ڳهي وڃي ۽ هو جيئرا ئي وڃي قبر داخل ٿين تہ پوءِ سمجھجو تہ هنن خداوند جي توهين ڪئي آهي.“

31 هن اڃا ايترو چئي بس ڪئي تہ سندن پيرن هيٺان زمين ڦاٽي پيئي.

32 زمين وات پٽيو ۽ هنن کي سندن گھر ٻار سميت ۽ قورح سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي سندن مال ملڪيت سميت ڳهي ويئي.

33 اهڙيءَ طرح هو پنهنجي مال ملڪيت سميت جيئري ئي وڃي قبر داخل ٿيا. پوءِ زمين انهن جي مٿان هڪ ٿي ويئي ۽ هو قوم مان ناس ٿي ويا.

34 سڀ بني اسرائيل جيڪي انهن جي آس‌پاس هئا سي انهن جون دانهون ٻڌي اُٿي ڀڳا. رڙيون ڪندي چيائون ٿي تہ ”اُٿو! ڀڄو! متان زمين اسان کي بہ نہ ڳهي وڃي.“

35 پوءِ خداوند وٽان باهہ آئي، جنهن انهن سڀني اڍائي سؤ ڄڻن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، جن لوبان آڻي پيش ڪيو هو.


لوبان‌دان

36 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

37 ”هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر کي چئُہ تہ هو سڙيل ماڻهن واري ڍير مان لوبان‌دان ڪڍي وٺي ۽ انهن مان ٽانڊن کي ڪنهن ٻئي هنڌ پکيڙي ڇڏي، ڇو تہ اهي لوبان‌دان پاڪ آهن.

38 اهي تڏهن پاڪ ٿيا هئا جڏهن مون خداوند جي آڏو پيش ڪيا ويا هئا. سو اهي گنهگار جيڪي پنهنجن گناهن جي ڪري موت جو شڪار ٿي ويا، تن جي لوبان‌دانن کي ڪُٽي قربان‌گاهہ جي ڍڪڻ لاءِ پترا ٺاهيو. اها بني اسرائيل جي لاءِ چتاءَ جي هڪڙي نشاني ٿيندي.“

39 سو اليعزر ڪاهن اهي پتل جا لوبان‌دان کنيا جيڪي سڙي ويل ماڻهن نذر ڪيا هئا. هن انهن کي ڪُٽي قربان‌گاهہ جي ڍڪڻ لاءِ پترا ٺاهيا.

40 اها بني اسرائيل جي لاءِ چتاءَ جي نشاني هئي تہ جيئن ڪوبہ ماڻهو جيڪو هارون جي اولاد مان نہ هجي سو خداوند جي حضور ۾ لوبان ساڙڻ لاءِ نہ اچي. ٻيءَ حالت ۾ ان جو حال بہ قورح ۽ سندس ٽولي جهڙو ٿيندو. جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ جي معرفت اليعزر کي فرمايو هو تهڙيءَ ئي طرح سڀ ڪجھہ ڪيو ويو.


هارون جو ماڻهن کي بچائڻ

41 ٻئي ڏينهن بني اسرائيل قوم موسيٰ ۽ هارون جي خلاف شڪايت ڪرڻ لڳي تہ ”اوهان خداوند جي ماڻهن کي ماريو آهي.“

42 جڏهن اهي موسيٰ ۽ هارون جي خلاف گڏ ٿيا، تڏهن خدا سان ملاقات واري خيمي ڏانهن جو نگاهہ ڪيائون تہ ڇا ڏسن تہ ڪڪر انهيءَ کي ڍڪي ڇڏيو آهي ۽ خداوند جو جلال ظاهر ٿيو آهي!

43 سو موسيٰ ۽ هارون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڳيان وڃي بيٺا.

44 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

45 ”اوهين هنن ماڻهن مان نڪري الڳ ٿيو تہ آءٌ هڪڙيءَ جھٽ ۾ هنن کي چٽ ڪري ڇڏيان.“ تڏهن هو ٻئي سجدي ۾ ڪري پيا.

46 پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ ”تون پنهنجو لوبان‌دان کڻ، قربان‌گاهہ مان ٽانڊا ڪڍي انهيءَ تي رک ۽ انهيءَ تي لوبان وجھہ. تون اهو کڻي جلدي قوم ڏانهن وڃ ۽ انهن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪر، ڇو تہ خداوند جو غضب نازل ٿي چڪو آهي ۽ وبا شروع ٿي چڪي آهي.“

47 سو هارون موسيٰ جي چوڻ موجب ڊوڙي قوم ۾ ويو ۽ ڇا ڏسي تہ وبا تہ ماڻهن ۾ شروع ٿي چڪي آهي! تڏهن هن لوبان ساڙيو ۽ ماڻهن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪيائين.

48 هو مئلن ۽ جيئرن جي وچ ۾ بيهي رهيو، تڏهن وبا بند ٿي ويئي.

49 جيڪي قورح جي بغاوت سبب مري ويا هئا تن کان سواءِ وبا ۾ مرڻ وارن جو تعداد چوڏهن هزار ست سؤ هو.

50 جڏهن وبا بند ٿي ويئي تڏهن هارون خدا سان ملاقات واري خيمي ڏانهن موسيٰ وٽ موٽي آيو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan