Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 15 - Muslim Sindhi Bible


اضافي قربانيون

1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

2 ”تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’جيڪو ملڪ آءٌ اوهان کي رهڻ لاءِ ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ پهچي اوهين هن ريت قربانيون ڪندا رهجو.

3 اوهين مون خداوند جي لاءِ رڍن ٻڪرين يا ڍورن ڍڳن منجھان منهنجي واسطي وڻندڙ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ لاءِ ساڙڻ واري قرباني ڪريو، يا باسيل قرباني ڪريو، يا پنهنجي خوشيءَ جي قرباني ڪريو، يا پنهنجين مقرر عيدن تي قرباني ڪريو يا ڪا ٻي ساڙي ويندڙ قرباني ڪريو،

4 تڏهن جيڪو مون خداوند جي لاءِ پنهنجي قرباني پيش ڪري سو هڪ ڪلوگرام ميدو هڪ ليٽر تيل ۾ گڏي اناج جي قربانيءَ طور آڻي.

5 هو اوتڻ واري قربانيءَ طور هڪ ليٽر مئي تيار ڪري ۽ اها هر هڪ گھيٽي پٺيان ساڙڻ واري قربانيءَ يا ٻي قربانيءَ سان گڏ کڻي اچي.

6 گھٽي جي قرباني پيش ڪرڻ وقت ٻہ ڪلوگرام ميدو ڏيڍ ليٽر تيل ۾ گڏي اناج جي قربانيءَ طور پيش ڪجي

7 ۽ اوتڻ واري قربانيءَ لاءِ ڏيڍ ليٽر مئي تيار ڪري پيش ڪئي وڃي. اهي قربانيون مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي پيش ڪيون وڃن.

8 جڏهن ڪو ماڻهو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ يا ڪنهن باس جي پوري ٿيڻ جي قربانيءَ لاءِ يا سلامتيءَ واري قربانيءَ لاءِ مون خداوند واسطي ڪو وهڙو تيار ڪري،

9 تڏهن اهو ماڻهو وهڙي سان گڏ ٽي ڪلوگرام ميدو ٻہ ليٽر تيل سان گڏي اناج جي قربانيءَ طور آڻي پيش ڪري

10 ۽ ٻہ ليٽر مئي سان گڏي اوتڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪري. اهي ساڙيون ويندڙ قربانيون مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي آڻي پيش ڪري.

11 هر هڪ وهڙي، هر هڪ گھٽي، هر هڪ گھيٽي ۽ هر هڪ ڇيلي سان اهي ايتريون ئي شيون آنديون وڃن.

12 جڏهن ڪو قرباني ڪندڙ هڪ کان وڌيڪ جانور آڻي تہ انهن جي شمار موجب انهن سان گڏ آڻيندڙ شين ۾ اضافو ڪري.

13 جيڪي قوم جا اصلي فرد آهن، سي سڀ مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي ساڙي ويندڙ قرباني پيش ڪرڻ وقت ائين ئي ڪن.

14 جيڪڏهن ڪو ڌاريو جيڪو اوهان ۾ عارضي طور رهي ٿو يا وري جيڪو پيڙهين کان وٺي رهندو اچي ٿو، سو مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي ساڙي ويندڙ قرباني پيش ڪري تہ اهو بہ ائين ئي ڪري جيئن اوهين ٿا ڪريو.

15 سڄيءَ قوم لاءِ يعني اوهان جي لاءِ ۽ جيڪو ڌاريو اچي اوهان سان گڏ رهي، تنهن جي لاءِ پيڙهي بہ پيڙهي اهو ساڳيو ئي قانون آهي. اوهين ۽ اهي ڌاريا مون خدا جي نظر ۾ هڪجهڙا آهيو.

16 اوهان جي لاءِ ۽ انهن ڌارين جي لاءِ ساڳيا ئي قاعدا قانون آهن.‘“

17 خداوند موسيٰ کي بني اسرائيل بابت هي حڪم فرمايو تہ

18 ”جڏهن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ پهچو، جنهن ۾ آءٌ اوهان کي وٺي ٿو هلان

19 ۽ انهيءَ ملڪ جي پيداوار کائو تڏهن انهيءَ پيداوار مان ڪجھہ حصو مون خداوند جي لاءِ پيش ڪندا رهجو.

20 اوهين پنهنجي پهرئين ڳوهيل اٽي مان پهرين ماني پچائي مون خداوند جي لاءِ نذراني طور پيش ڪجو. نذرانو ائين پيش ڪجو جيئن ڳاهہ جي پِڙ مان اناج وارو نذرانو پيش ڪندا آهيو.

21 اوهين پيڙهي بہ پيڙهي پنهنجي پهرئين ڳوهيل اٽي مان ماني پچائي مون خداوند واسطي اهو نذرانو پيش ڪندا رهجو.“


بناارادي گناهن لاءِ قربانيون

22 ”هاڻي جيڪڏهن حڪمن ڏيڻ جي پهرئين ڏينهن کان اوهين بني اسرائيل وارا بناارادي منهنجي سمورن حڪمن مان ڪنهن بہ هڪ حڪم تي عمل نہ ٿا ڪريو،

23 يا وري اوهان جي ايندڙ سڀني پيڙهين تائين انهن سڀني حڪمن مان جيڪي مون خداوند موسيٰ جي معرفت اوهان کي ڏنا آهن، ڪنهن بہ هڪ حڪم تي عمل نہ ٿو ڪيو وڃي،

24 تہ پوءِ جيڪڏهن بي‌خبريءَ ۾ انهن کان بناارادي اها خطا ٿي هجي تڏهن سڄي قوم مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي، هڪڙو وهڙو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ، قانون مطابق اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ سميت آڻي پيش ڪري. انهيءَ کان سواءِ کين هڪ ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪرڻو آهي.

25 تنهن بعد ڪاهن سڄيءَ قوم جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري تہ پوءِ کين معافي ملندي، ڇاڪاڻ تہ اها خطا بناارادي آهي. سو هنن کي پنهنجي خطا جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪرڻي آهي.

26 پوءِ بني اسرائيل توڙي منجھن رهندڙ ڌارين کي معافي ملندي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ بناارادي خطا ۾ هر ڪو شامل آهي.

27 پر جيڪڏهن ڪو هڪڙو شخص بناارادي گناهہ ڪري ويهي تہ پوءِ هو هڪسالي ٻڪري پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪري.

28 ڪاهن ان شخص لاءِ ڪفارو ادا ڪري جنهن بناارادي خطا ڪئي هجي، ان کان پوءِ کيس معافي ملندي.

29 جيڪو بناارادي ڪا خطا ڪري تہ انهيءَ لاءِ اهو ساڳيو ئي قانون آهي، پوءِ اهو شخص هن قوم جو اصلي فرد هجي توڙي قوم ۾ شامل ٿيل ڪو ڌاريو هجي.

30 پر جيڪڏهن ڪو ڄاڻي‌واڻي خطا ڪري، ڀلي پوءِ اهو قوم جو اصلي فرد هجي يا قوم ۾ شامل ٿيل ڪو ڌاريو، سو مون خدا جي توهين ڪري ٿو. اهو شخص بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.

31 جيئن تہ هن مون خداوند جي فرمان کي خسيس سمجھي ڄاڻي‌واڻي منهنجو حڪم ڀڳو، سو اهو شخص ضرور خارج ڪيو ويندو. سندس گناهہ سندس ئي سر تي رهندو.“


سبت ٽوڙڻ واري جي سزا

32 هڪ دفعي جڏهن بني اسرائيل اڃا بيابان ۾ ئي هئا، تڏهن هڪڙو ماڻهو سبت جي ڏينهن ڪاٺيون ميڙيندي ڏٺو ويو.

33 جن هن کي ڪاٺيون ميڙيندي ڏٺو سي کيس موسيٰ، هارون ۽ سڄيءَ قوم وٽ وٺي آيا.

34 هنن کيس پهري هيٺ رکيو، ڇاڪاڻ تہ کين خبر ڪانہ هئي تہ هن سان ڇا ڪرڻ گھرجي.

35 تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”انهيءَ ماڻهوءَ کي موت جي سزا ڏني وڃي. پوري قوم خيمي‌گاهہ جي ٻاهران کيس سنگسار ڪري.“

36 سو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تيئن انهن سڀني خيمي‌گاهہ کان ٻاهر وٺي وڃي کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏيو.


جھالردار ڦندڻن بابت قانون

37 خداوند موسيٰ کي بني اسرائيل بابت هي حڪم فرمايو تہ

38 ”اوهين پنهنجي پيڙهي بہ پيڙهي، پنهنجين پوشاڪن جي ڪنڊن تي جھالردار ڦندڻ لڳايو ۽ هر هڪ ڦندڻ تي آسماني رنگ جي ڏوري ٽاڪيو.

39 اهي ڦندڻ اوهان کي يادگيريءَ جو ڪم ڏيندا. جنهن بہ وقت اوهان جي نظر انهن تي پوندي تہ اوهان کي مون خداوند جا سڀ حڪم ياد ايندا ۽ اوهين انهن تي عمل ڪندا. پوءِ اوهين مون کان منهن موڙي پنهنجي نفساني خواهشن جي پٺيان نہ ويندا.

40 پوءِ اوهان کي منهنجي سڀني حڪمن تي عمل ڪرڻ لاءِ يادگيري رهندي ۽ اوهين منهنجي لاءِ مخصوص رهندا.

41 آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. مون اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو خدا هجان. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan