Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 14 - Muslim Sindhi Bible


ماڻهن جي شڪايت

1 انهيءَ رات سڄيءَ قوم جا ماڻهو رڙيون ڪري روئندا رهيا.

2 هو موسيٰ ۽ هارون خلاف شڪايت ڪرڻ لڳا ۽ چيائون تہ ”اسين مصر جي ملڪ ۾ يا وري هن بيابان ۾ ئي مري وڃون ها تہ چڱو هو.

3 خداوند اسان کي انهيءَ ملڪ ۾ ڇو ٿو وٺي وڃي؟ اسين تہ جنگ ۾ مارجي وينداسين ۽ اسان جون زالون ۽ اسان جا ٻار لُٽ جو مال ٿي ويندا. ڇا اسان جي لاءِ اهو بهتر نہ ٿيندو جو اسين مصر ڏانهن موٽي وڃون؟“

4 سو هنن هڪٻئي کي چيو تہ ”اچو تہ پنهنجو ڪو اڳواڻ بڻائي موٽي مصر ڏانهن هلون.“

5 تنهن تي موسيٰ ۽ هارون انهن سڀني جي روبرو خداوند آڏو منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پيا.

6 تڏهن نون جو پٽ يشوع ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب، جيڪي انهيءَ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪرڻ وارن مان هئا، تن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا.

7 هنن بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم کي چيو تہ ”جنهن ملڪ جو اسان حال احوال معلوم ڪري آيا آهيون، سو نهايت ئي چڱو ملڪ آهي.

8 جيڪڏهن خداوند اسان تي راضي هوندو تہ هو ضرور اسان کي اتي پهچائيندو ۽ اهو ملڪ اسان کي ڏيندو جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي.

9 رڳو، اوهين خداوند جي خلاف بغاوت نہ ڪريو، نڪي انهيءَ ملڪ جي ماڻهن کان ڊڄو. هو تہ اسان جو کاڄ آهن. خداوند اسان سان آهي ۽ انهن تان ڇانوَ کڄي ويئي آهي، سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو.“

10 پر اهي چوڻ لڳا تہ ”هنن کي سنگسار ڪريو.“ تڏهن اوچتو خداوند جو جلال سڀني ماڻهن جي روبرو خدا سان ملاقات واري خيمي مٿان ظاهر ٿيو.


موسيٰ جي دعا

11 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”آخر ڪيستائين هي ماڻهو منهنجي توهين ڪندا رهندا؟ انهن معجزن جي باوجود بہ، جيڪي مون منجھن ڪيا آهن، هي ڪيستائين مون تي ايمان نہ آڻيندا؟

12 آءٌ منجھن وبا موڪلي کين لاوارث ڪري ڇڏيندس. پر تو مان آءٌ هنن کان بہ هڪڙي وڏي ۽ زورآور قوم پيدا ڪندس.“

13 پر موسيٰ خداوند کي چيو تہ ”تو هنن ماڻهن کي مصر منجھان پنهنجيءَ طاقت سان ڪڍي ٻاهر آندو آهي. هينئر جڏهن مصري ٻڌندا تہ تو پنهنجيءَ قوم سان ڇا ڪيو آهي تہ

14 اُهي هن ملڪ جي رهاڪن کي ٻڌائيندا. انهن ماڻهن ٻڌو آهي تہ تون خداوند اسان منجھہ آهين ۽ تنهنجو ڪڪر اسان جي مٿان بيهي ٿو ۽ تون چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ بہ اچين ٿو. ان کان علاوہ اهو بہ تہ تون ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀي جي صورت ۾ ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀي جي صورت ۾ اسان جي اڳيان هلين ٿو.

15 هاڻي جيڪڏهن تون پنهنجيءَ قوم مان سڀني کي هڪ ئي وقت ماري ڇڏيندين تہ جن قومن تنهنجي ناموس ٻڌي آهي سي چونديون تہ

16 ’خداوند پنهنجي قوم کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائي نہ سگھيو، جنهن جي ڏيڻ جو ساڻن واعدو ڪيو هئائين، تنهنڪري کين بيابان ۾ ئي ماري ڇڏيائين.‘

17 سو هاڻي اي منهنجا رب! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي عظيم قدرت ڏيکار، جيئن تو فرمايو آهي تہ

18 ’آءٌ خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ لافاني شفقت سان ڀرپور آهيان. آءٌ بڇڙائي ۽ بغاوت جو معاف ڪندڙ آهيان، تنهن هوندي بہ ڏوهارين کي آءٌ انصاف کان ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيندس. ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا آءٌ انهن جي اولاد کي ٽين ۽ چوٿين پيڙهيءَ تائين ڏيندو آهيان.‘

19 هاڻ اي خداوند! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي واعدي ڪيل گھڻي شفقت موجب هن قوم جي بڇڙائي معاف ڪر، جهڙيءَ طرح تو مصر کان وٺي اڄ ڏينهن تائين کين معاف ڪيو آهي.“

20 تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”مون تنهنجي چوڻ موجب کين معافي ڏني.

21 پر آءٌ جيئرو خداوند پنهنجي انهيءَ جلال جو قسم کڻي چوان ٿو جنهن سان سڄي ڌرتي ڀرپور ٿيندي،

22 تہ هنن ماڻهن مان ڪوبہ پنهنجي حياتيءَ ۾ اهو ملڪ نہ ڏسندو. هنن منهنجو جلال ۽ منهنجا معجزا، جيڪي مون مصر ۽ بيابان ۾ ڪيا سي ڏٺا آهن، تڏهن بہ مون کي هڪ دفعو نہ پر ڏهہ دفعا آزمايو اٿن، پوءِ بہ منهنجي ڳالهہ نہ مڃي اٿائون.

23 سو جنهن ملڪ جي ڏيڻ جو مون انهن جي ابن ڏاڏن سان واعدو ڪيو هو، سو اهي هرگز نہ ڏسندا. نڪي انهن مان ڪو اهو ملڪ ڏسندو جن منهنجي توهين ڪئي آهي.

24 پر منهنجو ٻانهو ڪالب جنهن جو روح ٻئي قسم جو آهي ۽ پوريءَ طرح منهنجي فرمانبرداري ڪئي اٿائين، تنهن کي آءٌ انهيءَ ملڪ ۾ وٺي ويندس جنهن ۾ هو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ ويو هو ۽ اهو ملڪ سندس اولاد جي ميراث ٿيندو.

25 هاڻي جيئن تہ عماليقي ۽ ڪنعاني ماٿرين ۾ رهن ٿا، سو سڀاڻي اوهين پوئتي موٽو ۽ ڳاڙهي سمنڊ واري رستي کان بيابان ڏانهن هليا وڃو.“


خداوند جو ماڻهن کي سزا ڏيڻ

26 خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ

27 ”هيءَ بڇڙي قوم جيڪا منهنجي خلاف شڪايتون ڪري ٿي، تنهن کي آءٌ ڪيستائين برداشت ڪريان؟ بني اسرائيل منهنجي خلاف جيڪي شڪايتون ڪن ٿا سي سڀ مون ٻڌيون آهن.

28 هاڻي انهن کي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌائي ڇڏيو تہ ’آءٌ جيئرو خداوند قسم کڻي چوان ٿو تہ آءٌ بہ اوهان سان اهو ئي ڪجھہ ڪندس جيڪي مون اوهان کي گھرندي ٻڌو آهي.

29 اوهان جا لاش هن بيابان ۾ پيا رلندا، ڇو تہ اوهان سڀني منهنجي خلاف شڪايتون ڪيون آهن. سو اوهين ويهن سالن يا انهيءَ کان مٿي عمر وارا جيڪي بہ شمار ڪيا ويا هئا،

30 تن مان يفنہ جي پٽ ڪالب ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ڪوبہ انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندو، جنهن بابت مون قسم کڻي چيو هو تہ آءٌ اوهان کي اُتي رهائيندس.

31 پر اوهان جا ٻار جن جي باري ۾ اوهان چيو ٿي تہ اهي لُٽ جو مال ٿي ويندا، تن کي آءٌ اتي پهچائيندس. اهي انهيءَ ملڪ جو قدر ڄاڻيندا جنهن کي اوهان رد ڪيو آهي.

32 باقي اوهان جا لاش هن ئي بيابان ۾ پيا رلندا.

33 اوهان جا ٻار چاليهن سالن تائين هن بيابان ۾ پنهنجي رڍن ٻڪرين سان پيا رلندا. هو اوهان جي بي‌اعتقاديءَ جو ڪيتو پيا لوڙيندا، جيستائين اوهين سڀ مري کپي وڃو.

34 انهن ڏينهن جي شمار مطابق جن ۾ اوهان انهيءَ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪيو هو، يعني چاليهن ڏينهن مان هر هڪ ڏينهن جي لاءِ هڪ سال يعني چاليهن سالن تائين اوهين پنهنجي گناهہ جي سزا ڀوڳيندا. پوءِ اوهان کي خبر پوندي تہ منهنجو اوهان جي خلاف ٿيڻ ڇا آهي.‘

35 سو اي موسيٰ! مون خداوند اهو فرمايو آهي ۽ يقين ڄاڻ تہ هيءَ سڄي بڇڙي قوم جيڪا هتي منهنجي خلاف گڏ ٿي آهي، تنهن سان آءٌ ائين ئي ڪندس. هو سڀ هن بيابان ۾ مري ناس ٿي ويندا.“

36 جن ماڻهن کي موسيٰ انهيءَ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، تن مان ڪن موٽي اچي انهيءَ زمين بابت خراب خبر ٻڌائي هئي، جنهن ڪري ئي سڄي قوم خداوند جي خلاف شڪايتون ڪرڻ لڳي هئي.

37 سو انهن خراب خبر ٻڌائيندڙ ماڻهن کي خداوند وبا سان ماري ڇڏيو.

38 ملڪ جو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ ويل ماڻهن مان رڳو نون جو پٽ يشوع ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب ئي وڃي جيئرا رهيا.


بني اسرائيل جي اجائي ڪوشش
( شريعت جو دور 1‏:41‏-46 )

39 جڏهن موسيٰ اهي ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون تہ هو زاروزار روئڻ لڳا.

40 هو صبح جو سوير ئي اُٿي ڪنعان جي جابلو علائقي ڏانهن روانا ٿيندي چوڻ لڳا تہ ”اسين قبول ٿا ڪريون تہ اسان گناهہ ڪيو آهي. سو هاڻي اسين انهيءَ هنڌ ڏانهن ضرور وينداسين، جنهن جو خداوند واعدو ڪيو آهي.“

41 پر موسيٰ کين چيو تہ ”اوهين خداوند جي حڪم جي نافرماني ڇو ٿا ڪريو. ائين وڃڻ ۾ اوهان کي ڪاميابي حاصل نہ ٿيندي.

42 سو نہ وڃو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان منجھہ ڪونهي، تنهنڪري متان پنهنجي دشمنن جي هٿان مارجي وڃو.

43 اُتي عماليقي ۽ ڪنعاني اوهان سان منهن مقابل ٿيندا ۽ اوهين جنگ ۾ مارجي ويندا. جيئن تہ اوهين خداوند کان ڦري ويا آهيو، تنهنڪري خداوند اوهان جو ساڻي نہ ٿيندو.“

44 پر هو ضد ڪري انهيءَ جابلو علائقي ڏانهن وڃڻ لڳا، توڻي جو خداوند جي عهد واري صندوق ۽ موسيٰ ساڻن گڏ خيمي‌گاهہ کان ٻاهر نہ نڪتا.

45 تڏهن عماليقي ۽ ڪنعاني جيڪي انهيءَ جابلو علائقي ۾ رهندا هئا، تن هيٺ لهي مٿن حملو ڪيو ۽ حرماہ تائين کين ماريندا آيا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan