ڳاڻاٽو 12 - Muslim Sindhi Bibleمريم کي سزا 1 موسيٰ ڪوش ملڪ جي هڪڙي عورت سان شادي ڪئي هئي. سو ان ڪوشي عورت جي سبب مريم ۽ هارون موسيٰ جي خلاف ڳالهائڻ لڳا. 2 هنن چيو تہ ”ڇا خداوند رڳو موسيٰ سان ئي ڳالهايو آهي؟ ڇا هن اسان سان پڻ نہ ڳالهايو آهي؟“ جيڪي هنن چيو سو خداوند کي ڪين وڻيو، 3 ڇو تہ دنيا جي سڀني ماڻهن کان وڌيڪ موسيٰ سندس تابعدار هو. 4 سو خداوند اوچتو موسيٰ، هارون ۽ مريم کي چيو تہ ”اوهين ٽيئي مون خدا سان ملاقات واري خيمي وٽ نڪري اچو.“ تڏهن اهي ٽيئي ڄڻا نڪري مقدس خيمي وٽ آيا. 5 پوءِ خداوند ڪڪر جي ٿنڀي ۾ هيٺ لٿو. هو خيمي جي در تي اچي بيٺو ۽ هارون ۽ مريم کي سڏيائين. جڏهن هو ٻئي اڳتي وڌيا تہ 6 کين چيائين تہ ”هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو نبي هوندو تہ آءٌ خداوند رويا ۾ انهيءَ تي ظاهر ٿيندس ۽ خواب ۾ انهيءَ سان ڳالهائيندس. 7 پر آءٌ پنهنجي ٻانهي موسيٰ سان ائين نہ ڳالهائيندو آهيان. اهو ئي تہ منهنجي سڄي گھراڻي ۾ امانتدار آهي. 8 آءٌ انهيءَ سان ڳجھارتن ۾ نہ بلڪ روبرو ۽ کُليو کُلايو ڳالهائيندو آهيان، بلڪ هو تہ منهنجو روپ بہ ڏسندو آهي. تہ پوءِ ڇو اوهين منهنجي ٻانهي موسيٰ جي خلاف ڳالهائڻ کان نہ ٿي ڊنا؟“ 9 خداوند کي انهن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، سو هو اتان هليو ويو. 10 سندس وڃڻ سان ئي اهو ڪڪر خيمي تان هٽي ويو تڏهن مريم ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ سان بلڪل اڇي ٿي ويئي. جڏهن هارون مريم ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسي تہ هوءَ ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ ۾ وٺجي ويئي آهي. 11 تڏهن موسيٰ کي چيائين تہ ”اي منهنجا سائين! مهرباني ڪري اسان کان انهيءَ گناهہ جي سزا نہ لوڙاءِ جيڪو اسان بيعقليءَ جي ڪري ڪيو آهي. 12 مريم کي ان مئل ٻار وانگر ٿيڻ نہ ڏي، جنهن جو بدن سندس ماءُ جي پيٽ مان نڪرڻ وقت اڌ سڙيل ڳريل هجي.“ 13 تڏهن موسيٰ خداوند کي پڪاري چيو تہ ”اي خداوند! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ هن کي چڱو ڀلو ڪر.“ 14 خداوند موسيٰ کي جواب ڏنو تہ ”جيڪڏهن هن جو پيءُ هن جي منهن تي رڳو ٿڪ ئي اڇلائي ها تہ ڇا هوءَ ستن ڏينهن تائين خوار نہ رهي ها؟ سو هاڻي ستن ڏينهن تائين هوءَ خيميگاهہ کان ٻاهر رهي، پوءِ ڀلي اندر اچي.“ 15 سو مريم ست ڏينهن خيميگاهہ کان ٻاهر رهي. جيستائين مريم موٽي اندر نہ آئي تيستائين ماڻهو اتان روانا ڪونہ ٿيا. 16 تنهن کان پوءِ ماڻهو حصيرات مان روانا ٿيا ۽ فاران جي بيابان ۾ وڃي تنبو کوڙيائون. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society