Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 10 - Muslim Sindhi Bible


چانديءَ جا توتارا

1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

2 ”تون پنهنجي لاءِ گھڙيل چانديءَ جا ٻہ توتارا ٺهراءِ، تہ جيئن اهي قوم کي سڏڻ ۽ منزل جي کڄي هلڻ لاءِ ڪم ۾ آڻي سگھين.

3 جڏهن اهي ٻيئي وڄايا وڃن تڏهن سڄي قوم مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو تو وٽ اچي گڏ ٿئي.

4 پر جڏهن فقط هڪڙو توتارو وڄايو وڃي تڏهن رڳو اڳواڻ يعني بني اسرائيل جي قبيلن جا سردار اچي تو وٽ گڏ ٿين.

5 جڏهن انهيءَ مان وڏي زور سان آواز ڪڍيو وڃي تڏهن خيمي‌گاهہ ۾ اوڀر طرف وارا منزل‌انداز قبيلا منزل کڻي هلن.

6 جڏهن ٻيو ڀيرو انهيءَ مان وڏي زور سان آواز ڪڍيو وڃي تڏهن خيمي‌گاهہ ۾ ڏکڻ پاسي وارا منزل‌انداز قبيلا منزل کڻي هلن. سو وڏي زور سان آواز منزل کڻي هلڻ لاءِ ڪڍيا ويندا.

7 پر جڏهن قوم کي گڏ ڪرڻو هجي تڏهن انهيءَ مان مختلف آواز ڪڍيو وڃي.

8 هارون جا پٽ، جيڪي ڪاهن آهن سي اهي توتارا وڄائين. اهو ئي قانون اوهان ۽ اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ هميشہ قائم رهندو.

9 جڏهن اوهين پنهنجي ملڪ ۾، پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪرو جنهن اوهان کي ستايو هجي، تڏهن اوهين توتارن مان وڏي زور سان آواز ڪڍجو. پوءِ آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان تي نظر ڪندس ۽ اوهان کي اوهان جي دشمنن کان بچائيندس.

10 اوهين پنهنجي خوشيءَ جي وقت، پنهنجن مقرر ٿيل عيدن تي ۽ نئين چنڊ وارن ڏينهن تي، پنهنجين ساڙڻ وارين قربانين ۽ سلامتيءَ وارين قربانين تي توتارا وڄائجو. اهي مون خداوند جي حضور ۾ اوهان کي ياد رکڻ جو سبب بڻبا. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


سينا کان روانگيءَ جي تياري

11 بني اسرائيل جي مصر ڇڏڻ کان پوءِ ٻئي سال جي ٻئي مهيني جي ويهين تاريخ تي مقدس خيمي، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، تنهن تان ڪڪر مٿي کڄي ويو.

12 تڏهن بني اسرائيل سينا جي بيابان مان منزل کڻي پنهنجي سفر تي نڪتا. اهو ڪڪر فاران جي بيابان ۾ اچي بيٺو.

13 هو موسيٰ جي معرفت مليل، خداوند جي حڪم موجب پهريون ڀيرو هن طرح منزل کڻي هليا:

14 سڀ کان پهريائين يهوداہ جي منزل‌گاهہ جي نشان وارا ٽي قبيلا پنهنجي پنهنجي جھنڊي هيٺ اڳتي هليا. عمينداب جو پٽ نحسون انهن جو سردار هو.

15 بني اِسڪار جي قبيلي جو سردار صوعر جو پٽ نٿن‌ايل هو

16 ۽ بني زبولون جي قبيلي جو سردار حيلون جو پٽ الياب هو.

17 پوءِ جڏهن مقدس خيمي کي لاٿو ويو تہ بني جيرشون ۽ بني مراري خيمو کڻي اڳتي روانا ٿيا.

18 ان کان پوءِ بني روبن جي منزل‌گاهہ جي نشان وارا ٽي قبيلا پنهنجي پنهنجي جھنڊي هيٺ اڳتي هليا. شديور جو پٽ اليصور انهن جو سردار هو.

19 بني شمعون جي قبيلي جو سردار صوري‌شديءَ جو پٽ شلومي‌ايل هو

20 ۽ بني جد جي قبيلي جو سردار دعو‌ايل جو پٽ الياسف هو.

21 پوءِ بني قهات پاڪ شيون کڻي اڳتي روانا ٿيا. انهن جي ٻي منزل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي خيمو کڙو ڪري ڇڏيو ويندو هو.

22 تنهن بعد بني افرائيم جي منزل‌گاهہ جي نشان وارا ٽي قبيلا پنهنجي پنهنجي جھنڊي هيٺ اڳتي هليا. عميهود جو پٽ اليشمع انهن جو سردار هو.

23 بني منسيءَ جي قبيلي جو سردار فداهصور جو پٽ جملي‌ايل هو

24 ۽ بني بنيامين جي قبيلي جو سردار جِدعونيءَ جو پٽ ابيدان هو.

25 آخر ۾ دان جي منزل‌گاهہ جيڪا سڀني منزل‌گاهن جي پٺئين لشڪر جي حيثيت ۾ هئي، تنهن جي نشان وارا ٽي قبيلا پنهنجي پنهنجي جھنڊي هيٺ اڳتي هليا. عميشديءَ جو پٽ احيعزر انهن جو سردار هو.

26 بني آشر جي قبيلي جو سردار عڪران جو پٽ فجعي‌ايل هو

27 ۽ بني نفتاليءَ جي قبيلي جو سردار عينان جو پٽ احيرع هو.

28 جڏهن بہ بني اسرائيل منزل کڻي روانا ٿيندا هئا، تڏهن انهيءَ ئي ترتيب سان هلندا هئا.

29 موسيٰ پنهنجي سهري يٿروءَ جي پٽ حوباب کي چيو تہ ”اسين انهيءَ هنڌ ڏانهن وڃڻ وارا آهيون جنهن بابت خداوند فرمايو هو تہ ’آءٌ اهو اوهان کي ڏيندس.‘ هن بني اسرائيل کي خوشحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. سو تون اسان سان هل ۽ اسين تو کي ان خوشحاليءَ ۾ پاڻ سان ڀاڱي ڀائيوار ڪنداسون.“

30 تنهن تي حوباب ورندي ڏيئي چيس تہ ”آءٌ ڪين هلندس، بلڪ آءٌ پنهنجي وطن ويندس جتي منهنجا مٽ‌مائٽ آهن.“

31 پر موسيٰ چيس تہ ”مهرباني ڪري اسان کي ڇڏي نہ وڃ، ڇاڪاڻ تہ تون ڄاڻين ٿو تہ هن بيابان ۾ اسان کي ڪٿي ڪٿي منزلون ڪرڻ گھرجن. تون اسان کي هڪ سونهين جو ڪم ڏيئي سگھين ٿو.

32 جيڪڏهن تون اسان سان هلندين تہ خداوند جي ڏنل برڪتن ۾ اسين تو کي پاڻ سان ڀاڱي ڀائيوار ڪنداسين.“


روانگي

33 سو هو خداوند جي جبل کان روانا ٿيا ۽ ٽي ڏينهن پنڌ ڪيائون. خداوند جي عهد واري صندوق اهي ٽيئي ڏينهن انهن جي واسطي آرام ڪرڻ جي جاءِ ڳولڻ لاءِ سندن اڳيان پئي هلي.

34 جڏهن هو منزل‌گاهہ مان روانا ٿي ٿيا، تڏهن هر دفعي خداوند جو ڪڪر ڏينهن جو سندن مٿان ٿي رهيو.

35 جڏهن عهد واري صندوق رواني ٿيندي هئي، تڏهن موسيٰ چوندو هو تہ ”اي خداوند! اُٿ، تہ تنهنجا دشمن ڇڙوڇڙ ٿي وڃن ۽ جيڪي تو سان ڪينو رکن ٿا سي تنهنجي اڳيان ڀڄي وڃن.“

36 جڏهن اها بيهندي هئي تڏهن هو چوندو هو تہ ”اي خداوند! هزارين بلڪ لکين بني اسرائيل وارن ۾ موٽي اچ.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan