Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

نحمياہ 9 - Muslim Sindhi Bible


بني اسرائيل جو گناهہ باسڻ

1-2 بني اسرائيل ٻين قومن وارن کان ڌار ٿي انهيءَ مهيني جي چوويهين تاريخ تي روزو رکي، کٿا ڍڪي ۽ مٿي ۾ مٽي وجھي اچي پاڻ ۾ گڏ ٿيا. هنن بيهي ڪري پنهنجا سڀ گناهہ باسيا ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جي بڇڙائي بہ قبول ڪيائون.

3 هو ڏينهن جي هڪ پهر تائين بيٺا رهيا ۽ کين خداوند پنهنجي خدا جي شريعت جي ڪتاب مان پڙهي ٻڌايو ويو. ٻئي پهر ۾ هنن پنهنجا گناهہ باسيا ۽ خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪيائون.

4 تنهن کان پوءِ لاوين مان يشوع، باني، قدمي‌ايل، سبنياہ، بني، سريبياہ، باني ۽ ڪنعاني منبر تي بيهي خداوند پنهنجي خدا کي وڏي آواز سان ٻاڏائڻ لڳا.

5 پوءِ لاوين مان يشوع، قدمي‌ايل، باني، حسبنياہ، سريبياہ، هودياہ، سبنياہ ۽ فتحياہ چيو تہ ”اُٿي بيهو ۽ خدواند پنهنجي ابدي خدا جي واکاڻ ڪريو.“ تڏهن بني اسرائيل هيءَ دعا گھري تہ ”اي خداوند! شل تنهنجو عظمت وارو نالو سڳورو هجي، جيڪو هر تعريف ۽ واکاڻ کان اعليٰ آهي.

6 رڳو تون ئي خداوند آهين. تون عرش عظيم ۽ آسمان ۽ ان جي سڀني گرهن ۽ سيارن جو پيدا ڪندڙ آهين. تون زمين ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، تن جو پيدا ڪندڙ آهين. تون سمنڊن ۽ جيڪي ڪجھہ منجھن آهي، تن جو پيدا ڪندڙ آهين. هر ڪا شيءِ تنهنجي ئي وسيلي قائم آهي. آسماني مخلوق پڻ تنهنجي عبادت ڪري ٿي.

7 تون ئي خداوند خدا آهين، جنهن ابرام کي چونڊي بابل ملڪ جي اُور شهر مان ڪڍي آندو، ۽ سندس نالو ابراهيم رکيو.

8 تو سندس دل کي پاڻ ڏانهن سچو ڏٺو، ۽ ساڻس عهد ٻڌو تہ تون ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، يبوسين ۽ جِرجاشين جو ملڪ انهيءَ جي اولاد کي عطا ڪندين. تو پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي ڇاڪاڻ تہ تون سچو آهين.

9 تو مصر ۾ اسان جي ابن ڏاڏن جي مصيبت ڏٺي، تو ڳاڙهي سمنڊ وٽ هنن جي دانهن ٻڌي.

10 تو فرعون، سندس عملدارن ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن خلاف معجزا ۽ عجب جهڙا ڪم ڪري ڏيکاريا، ڇاڪاڻ تہ تو کي خبر هئي تہ مصري انهن سان مغروريءَ سان پيش ايندا هئا. تو پنهنجو نالو مشهور ڪيو، جيڪو اڄوڪي ڏينهن تائين مشهور آهي.

11 تو انهن جي اڳيان سمنڊ کي چيريو، ۽ هو انهيءَ جي وچ مان سڪيءَ زمين تي هلندا پار نڪري آيا. پر تو هنن جي پٺيان پوڻ وارن کي ائين سمنڊ جي تري ۾ اڇلائي وڌو، جيئن ڪو پٿر کڻي اونهي پاڻيءَ ۾ اڇلائبو آهي.

12 تو ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀي سان سندن رهنمائي ڪئي، ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀي سان، تہ جيئن جنهن رستي سان انهن کي هلڻو هو، تنهن تي کين روشني ملي.

13 تون عرش عظيم کان سينا جبل تي لهي آئين، ۽ انهن سان اچي ڳالهيون ڪيون. تو انهن کي قاعدا قانون ڏنا، جيڪي سچا ۽ صحيح آهن. تو هنن کي پنهنجا حڪم ڏنا جيڪي چڱا آهن.

14 تو انهن کي پنهنجي پاڪ سبت جي ڄاڻ ڏني، ۽ کين پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي معرفت حڪم ۽ شرعي قاعدا قانون ڏنا.

15 هنن جي بک لاهڻ لاءِ تو کين آسمان مان ماني ڏني. هنن جي اُڃ لاهڻ لاءِ تو هنن واسطي ٽڪر مان پاڻي ڪڍيو. تو ئي کين انهيءَ ملڪ تي وڃي قبضو ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن جي ڏيڻ جو تو ساڻن واعدو ڪيو هو.

16 پر اسان جي ابن ڏاڏن مغروريءَ ۽ هٺ کان ڪم ورتو، ۽ تنهنجا حڪم نہ مڃيائون.

17 هنن تنهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي، ۽ جيڪي معجزا تو هنن لاءِ ڪيا هئا، سي سڀ وساري ڇڏيائون. هو ڏاڍا مغرور ٿي ويا، ۽ بغاوت ڪندي پاڻ مان هڪڙو اڳواڻ مقرر ڪيائون، تہ جيئن وري وڃي مصر جي غلاميءَ ۾ پون. پر تون اهڙو خدا آهين جيڪو معاف ڪرڻ لاءِ تيار، مهربان، رحم ڀريو، ڪاوڙ ۾ ڍرو ۽ شفقت سان ڀرپور آهين. انهيءَ ڪري تو هنن کي وساري نہ ڇڏيو.

18 وري هنن پنهنجي لاءِ پلٽيل گابو جوڙيو ۽ چوڻ لڳا تہ ’هي ئي اسان جو خدا آهي، جنهن اسان کي مصر مان ڪڍي آندو آهي.‘ بلڪ هنن انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪفر واريون ڳالهيون ڪيون.

19 تڏهن بہ پنهنجي گھڻي رحم جي ڪري، تو هنن کي بيابان ۾ ڇڏي نہ ڏنو. هائو، ڏينهن جو رستو ڏيکاريندڙ ڪڪر جو ٿنڀو، توڙي رات جو رستو ڏيکاريندڙ باهہ وارو ٿنڀو کين ڇڏي نہ ويو.

20 تو هنن کي پنهنجو سڳورو روح عطا ڪري کين سٺي تعليم ڏني. تو هنن جي کائڻ لاءِ مَنَ بہ بند نہ ڪئي، ۽ اڃ لاهڻ لاءِ تو کين پاڻي عطا ڪيو.

21 چاليهن سالن تائين تو هنن کي بيابان ۾ پئي پاليو، ۽ وٽن ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ٿيڻ نہ ڏني. نہ تہ هنن جا ڪپڙا پراڻا ٿيا ۽ نہ وري هنن جا پير سڄيا.

22 تو هنن کي بادشاهتون ڏنيون ۽ قومون سندن قبضي هيٺ ڪيون. تو هنن جي بادشاهت جون حدون پري پري تائين وڌائي ڇڏيون. هنن حشبون جي بادشاهہ سيحون جي ملڪ تي، توڙي بسن جي بادشاهہ عوج جي ملڪ تي پڻ قبضو ڪيو.

23 تو هنن جو اولاد ايترو تہ وڌايو جيترا آسمان ۾ تارا. تو کين انهيءَ ملڪ ۾ آندو، جنهن جي باري ۾ تو سندن ابن ڏاڏن کي چيو هو تہ ’انهيءَ ملڪ ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو.‘

24 سو هو انهيءَ ملڪ ۾ ويا ۽ وڃي مٿس قبضو ڪيائون. جيڪي ڪنعاني اتي رهندا هئا، تن کي بادشاهن سميت تو هنن جي حوالي ڪري ڇڏيو تہ کين جيئن وڻي تيئن ساڻن سلوڪ ڪن.

25 هنن قلعن وارن شهرن ۽ زرخيز زمين تي قبضو ڪيو، ۽ هر قسم جي سٺين شين سان ڀريل گھرن، کوٽيل کوهن، انگورن ۽ زيتونن جي باغن، توڙي بي‌شمار ميويدار وڻن تي قبضو ڪيائون. هنن ايترو تہ ڍءَ تي کاڌو پيتو جو ٿلها متارا ٿي پيا، هائو، تنهنجي وڏي ڀلائيءَ جي ڪري خوب مزا ماڻيائون.

26 انهيءَ هوندي بہ هو نافرمان ٿيا، ۽ تنهنجي خلاف بغاوت ڪندي تنهنجي شريعت کي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيائون. هنن تنهنجي انهن نبين کي قتل ڪري ڇڏيو، جن کين نصيحت ٿي ڪئي تہ هو تو آڏو توبهہ‌تائب ٿين. ان کان علاوہ هنن وڏيون ڪفر واريون ڳالهيون پڻ ڪيون.

27 تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جن کين ڏاڍو ستايو. پوءِ جڏهن مٿن ظلم ٿيڻ لڳو، تہ وٺي تو کي ٻاڏايائون. تڏهن عرش عظيم مان تو سندن دانهون ورنايون، ۽ پنهنجي وڏي ٻاجھہ سان تو هنن کي ڇڏائڻ وارا موڪليا، جن کين سندن دشمنن جي هٿان ڇڏايو.

28 پر جيئن ئي هنن کي آرام مليو، تيئن ئي هنن وري بہ اُهي ئي ڪم ڪيا، جيڪي تنهنجي نظر ۾ بُرا هئا. تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن مٿن حڪمراني ڪئي. وري جڏهن هنن تو کي ٻاڏايو، تڏهن تو انهن جون دانهون عرش عظيم مان ورنايون. ائين بار بار تو هنن کي پنهنجي وڏيءَ ٻاجھہ سان ڇڏايو.

29 جيتوڻيڪ تو کين خبردار بہ ڪيو تہ ’منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪجو،‘ تڏهن بہ هنن هٺ کان ڪم ورتو ۽ تنهنجا حڪم نہ مڃيائون. بلڪ تنهنجي انهن قاعدن قانونن جي ابتڙ ڪم ڪيائون، جن تي جيڪڏهن انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي سگھي ٿو. هنن هوڏ ڪندي تو کي پٺي ڏني، ۽ وڏائيءَ ۾ ڀرجي تو ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنائون.

30 تڏهن بہ ڪيترن ئي سالن تائين تو کين برداشت ڪيو، ۽ پنهنجي نبين جي معرفت کين پنهنجي روح جي وسيلي نصيحتون ڪندو رهئين. تنهن هوندي بہ جڏهن هنن ڪو توجھہ نہ ڏنو، تڏهن تو هنن کي آس‌پاس وارين قومن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.

31 پوءِ بہ تو پنهنجي وڏي رحم جي ڪري کين صفا نيست وَ نابود نہ ڪيو، نہ وري تو کين بلڪل ئي ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ تون فضل ۽ رحم وارو خدا آهين.

32 تنهنڪري هاڻي اي اسان جا خدا! اي عظمت، قدرت ۽ هيبت وارا خدا! تون جيڪو پنهنجو عهد قائم رکندي لافاني شفقت ڪندڙ آهين، سو اسان جي هن مصيبت کي معمولي نہ ڄاڻ، جيڪا اسان تي، اسان جي بادشاهن، اميرن، ڪاهنن، نبين ۽ ابن ڏاڏن توڙي تنهنجي سڄي قوم تي، اشور جي بادشاهہ جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ايندي رهي آهي.

33 جيڪي ڪجھہ اسان سان ٿيو آهي، تنهن ۾ تون حق تي آهين. بيشڪ تون وفا سان هليو آهين، پر اسين بڇڙائي ڪندا رهيا آهيون.

34 اسان جي بادشاهن، اسان جي اميرن، اسان جي ڪاهنن ۽ اسان جي ابن ڏاڏن تنهنجي شريعت تي عمل نہ ڪيو. هائو، هنن نہ تنهنجي حڪمن کي مڃيو، نڪي تنهنجي طرفان مليل نصيحتن تي ئي ڪو ڌيان ڏنائون.

35 توڙي جو تنهنجي ڀلائيءَ سان کين بادشاهت ملي، جتي تنهنجي عطا ڪيل ڪشادي ۽ زرخيز زمين تي هنن مزا پئي ماڻيا، تہ بہ هنن نڪي تنهنجي عبادت ڪئي، ۽ نہ وري هو پنهنجن بڇڙن ڪمن کان ئي باز آيا.

36 اڄ اسين غلام آهيون. هائو، اسين انهيءَ ئي ملڪ ۾ غلام آهيون، جيڪو تو اسان جي ابن ڏاڏن کي انهيءَ لاءِ ڏنو هو، تہ جيئن هو انهيءَ جو ميوو ۽ ٻيون چڱيون شيون واپرائين.

37 اسان جي گناهن جي ڪري اسان جي زمين جي اپت جو گھڻو حصو انهن بادشاهن ڏانهن ٿو وڃي، جيڪي تو اسان تي مقرر ڪيا آهن. هو اسان تي ۽ اسان جي چوپائي مال تي، جيئن وڻين ٿو تيئن اختيار ٿا هلائين. سو اسين ڏاڍي مصيبت ۾ آهيون.“


اقرارنامو

38 انهن سڀني ڳالهين جي ڪري اسين بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو لکت ۾ اقرار ٿا ڪريون، جنهن تي اسان جا اڳواڻ، اسان جا لاوي ۽ اسان جا ڪاهن تصديق ڪري مهر ٿا هڻن.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan