Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

نحمياہ 8 - Muslim Sindhi Bible


عزرا جو موسيٰ جي شريعت جو ڪتاب پڙهڻ

1 جڏهن بني اسرائيل پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آباد ٿي ويا، تڏهن ستين مهيني جي پهرينءَ تاريخ تي سڀ ماڻهو يڪمشت ٿي يروشلم جي پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان کُليل ميدان ۾ اچي گڏ ٿيا. شريعت جي عالم عزرا ڪاهن کي هنن عرض ڪيو تہ هو موسيٰ جي شريعت جو ڪتاب آڻي پڙهي ٻڌائي، جنهن ۾ خداوند بني اسرائيل لاءِ حڪم ڏنا آهن.

2 تڏهن عزرا سڀني ماڻهن، جن ۾ مرد، عورتون ۽ اهي ٻار شامل هئا جيڪي سمجھہ ڀريا هئا، تن جي اڳيان اهو شريعت جو ڪتاب آڻي پڙهڻ لڳو.

3 عزرا پرهہ ڦٽيءَ کان وٺي منجھند تائين انهيءَ کُليل ميدان ۾ جيڪو پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان هو، اهو ڪتاب پڙهي ٻڌايو ۽ سڀني اهو ڌيان سان پئي ٻڌو.

4 عزرا ڪاٺ جي انهيءَ منبر تي چڙهي بيٺو، جيڪو انهيءَ موقعي لاءِ ٺاهيو ويو هو. سندس ڀرسان ساڄي پاسي متتياہ، سمع، عناياہ، اورياہ، خلقياہ ۽ معسياہ بيٺا هئا ۽ کاٻي پاسي فداياہ، مساايل، ملڪياہ، حاشوم، حسبدانہ، زڪرياہ ۽ مسلام بيٺا هئا.

5 جيئن تہ عزرا سڀني ماڻهن کان مٿي بيٺو هو ۽ سڀيئي هن کي ڏسي ٿي سگھيا، سو جيئن ئي عزرا ڪتاب کوليو تہ سڀيئي ماڻهو اُٿي بيٺا.

6 جڏهن عزرا خداوند عظيم خدا جي واکاڻ ڪئي، تڏهن سڀني ماڻهن پنهنجا هٿ مٿي کڻي چيو تہ ”آمين! آمين!“ پوءِ هنن منهن ڀر زمين تي ڪري خداوند کي سجدو ڪيو.

7 جڏهن ماڻهو وري اُٿي بيٺا، تڏهن يشوع، باني، سربياہ، يامن، عقوب، سبتي، هودياہ، معسياہ، قليطا، عزرياہ، يوزبد، حنان ۽ فلاياہ جيڪي لاوي هئا، تن بہ عزرا کان پوءِ ماڻهن کي شريعت جي سمجھاڻي ڏني.

8 انهن خدا جي شريعت جي ڪتاب مان صاف صاف پئي پڙهيو ۽ ان جي معنيٰ پئي سمجھائي تہ جيئن جيڪو پڙهيو ٿي ويو سو ماڻهو سمجھي سگھن.

9 شريعت جون ڳالهيون ٻڌي ماڻهو روئڻ لڳا. تنهن تي نحمياہ گورنر، عزرا ڪاهن ۽ شريعت جي عالمن ۽ لاوين ماڻهن کي سمجھاڻي ڏيندي چيو تہ ”اڄوڪو ڏينهن خداوند، اوهان جي خدا جي لاءِ مخصوص آهي، سو نہ ڪو ڏک ڪريو ۽ نہ روئو

10 ۽ وڃي سڻڀا طعام کائو ۽ شربت پيئو. انهن ڏانهن بہ ڪجھہ ڏياري موڪليو جن وٽ ڪجھہ بہ تيار ڪرڻ لاءِ نہ هجي. اڄوڪو ڏينهن اسان جي خداوند جي لاءِ مخصوص آهي. سو غمگين نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي خوشي اوهان جي قوت آهي.“

11 لاوين سڀني ماڻهن کي روئڻ کان جھليندي کين چيو تہ ”ماٺ ڪريو، ڇو تہ اڄوڪو ڏينهن مخصوص آهي. اوهين غمگين نہ ٿيو.“

12 پوءِ سڀيئي ماڻهو هليا ويا ۽ وڃي کائڻ پيئڻ لڳا ۽ ٻين ڏانهن بہ ڪجھہ موڪليائون. هنن وڏو جشن ملهايو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي شريعت جو ڪتاب جيڪو کين پڙهي ٻڌايو ويو هو، سو هنن سمجھي ورتو هو.


تنبن واري عيد

13 ٻئي ڏينهن تي وري سڀني گھراڻن جا وڏا، ڪاهن ۽ لاوي عزرا وٽ اچي گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ شريعت جي ڳالهين تي غور ڪن.

14 هنن کي شريعت ۾ اهو لکيل مليو جيڪو خداوند موسيٰ جي معرفت فرمايو هو تہ سال جي ستين مهيني ۾ تنبن واري عيد دوران بني اسرائيل تنبن ۾ رهي اها عيد ملهائين.

15 ان کان علاوہ هي بہ تہ هو يروشلم ۽ پنهنجي سڀني شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اهو اعلان ڪن تہ ”جابلو علائقي ڏانهن نڪري وڃو ۽ زيتون، چيل ۽ ٻين گھاٽن وڻن جون ٽاريون ۽ مينديءَ جي ٻوٽن جون ٽاريون ۽ کجيءَ جون ڇڙهيون تنبن ٺاهڻ لاءِ کڻي اچو، جيئن لکيل آهي.“

16 سو ماڻهو اوڏانهن ويا ۽ اهي سڀ ٽاريون آندائون، جن مان پنهنجن گھرن جي ڇتين تي، پنهنجن اڱڻن ۾، خدا جي گھر جي اڱڻن ۾ ۽ پاڻيءَ واري دروازي واري کُليل ميدان ۽ افرائيم واري دروازي واري کُليل ميدان وٽ پنهنجي لاءِ تنبو ٺاهيائون.

17 جيڪي ماڻهو جلاوطنيءَ مان واپس آيا هئا، سي سڀيئي تنبو ٺاهي انهن ۾ رهڻ لڳا. يشوع ولد نون جي ڏينهن کان وٺي هيستائين بني اسرائيل اها عيد ڪانہ ملهائي هئي. سو هنن تمام گھڻي خوشي ڪئي.

18 پهرئين ڏينهن کان وٺي پوئين ڏينهن تائين هر روز عزرا خدا جي شريعت جي ڪتاب مان پڙهي ٻڌائيندو هو. هنن لاڳيتا ست ڏينهن عيد ملهائي ۽ اٺين ڏينهن شريعت موجب هنن هڪ گڏجاڻي ڪئي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan