نحمياہ 7 - Muslim Sindhi Bibleپهريدار مقرر ڪرڻ 1 جڏهن ڀتيون ٺهي راس ٿي ويون ۽ مون منجھن دروازا لڳرايا ۽ هيڪل ۾ دربان، ڳائڻا ۽ ٻيا لاوي مقرر ٿيا، 2 تڏهن مون پنهنجي ڀاءُ حنانيءَ سان گڏ قلعي جي سالار حنانياہ کي پڻ يروشلم جو نگران مقرر ڪيو، ڇاڪاڻ تہ حنانياہ هڪ ديانتدار ماڻهو هو ۽ گھڻن ئي ماڻهن کان وڌيڪ خداترس هو. 3 مون ٻنهي کي چئي ڇڏيو تہ ”جيستائين سج نہ چڙهي اچي تيستائين يروشلم جا دروازا نہ کوليا وڃن. پهريدار پڻ تيستائين پهري تي بيٺا رهن جيستائين دروازن جا ڪڙا ۽ ڪلف کُليل آهن. اوهين يروشلم جي رهاڪن مان پڻ پهريدار مقرر ڪريو، جن مان ڪي چوڪين تي بيٺل هجن تہ ڪي پنهنجن گھرن جي سامهون.“ جلاوطنيءَ مان موٽندڙن جي فهرست ( عزرا 2:1-70 ) 4 يروشلم وڏو ۽ ڪشادو شهر هو، پر منجھس ماڻهو ٿورا رهندا هئا ۽ گھر بہ اڃا نئين سر تعمير ڪونہ ٿيل هئا. 5 سو منهنجي خدا منهنجي دل ۾ اها ڳالهہ وڌي تہ اميرن، اڳواڻن ۽ عام ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪريان، تہ جيئن گھراڻن موجب سندن فهرست تيار ڪئي وڃي. سو جيڪي سڀ کان پهريائين موٽيا هئا، تن جي نسبنامي جو ڪتاب مون کي ملي ويو، جنهن ۾ هي لکيل هو. 6 بابل صوبي جا ماڻهو جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي آيا، جن جي وڏن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو هو سي سڀ يروشلم شهر ۽ سڄي يهوداہ ملڪ ۾ پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۾ موٽي آيا. 7 اُهي زربابل، يشوع، نحمياہ، عزرياہ، رعمياہ، نحماني، مردڪي، بِلشان، مسفرت، بگوي، نحوم ۽ بعنہ جي اڳواڻيءَ ۾ آيا. بني اسرائيل جي انهن ماڻهن جو تعداد هن طرح هو: 8 بني پرعُوس جا ٻہ هزار هڪ سؤ ٻاهتر ماڻهو هئا، 9 بني سفطياہ جا ٽي سؤ ٻاهتر ماڻهو هئا، 10 بني ارخ جا ڇهہ سؤ ٻاونجاهہ ماڻهو هئا، 11 بني پخت موآب جيڪي يشوع ۽ يوآب جي نسل مان هئا، تن جا ٻہ هزار اٺ سؤ ارڙهن ماڻهو هئا، 12 بني عيلام جا هڪ هزار ٻہ سؤ چوونجاهہ ماڻهو هئا، 13 بني زتوءَ جا اٺ سؤ پنجيتاليهہ ماڻهو هئا، 14 بني زڪيءَ جا ست سؤ سٺ ماڻهو هئا، 15 بني بنويءَ جا ڇهہ سؤ اٺيتاليهہ ماڻهو هئا، 16 بني ببئيءَ جا ڇهہ سؤ اٺاويهہ ماڻهو هئا، 17 بني عزجاد جا ٻہ هزار ٽي سؤ ٻاويهہ ماڻهو هئا، 18 بني ادونقام جا ڇهہ سؤ ستهٺ ماڻهو هئا، 19 بني بِگويءَ جا ٻہ هزار ستهٺ ماڻهو هئا، 20 بني عدين جا ڇهہ سؤ پنجونجاهہ ماڻهو هئا، 21 بني اطير عرف حزقياہ جا اٺانوي ماڻهو هئا، 22 بني حشوم جا ٽي سؤ اٺاويهہ ماڻهو هئا، 23 بني بضيءَ جا ٽي سؤ چوويهہ ماڻهو هئا، 24 بني خارف جا هڪ سؤ ٻارهن ماڻهو هئا 25 ۽ بني جِبعون جا پنجانوي ماڻهو هئا. 26 اهي ماڻهو جن جا وڏا هنن ننڍن وڏن شهرن ۾ رهندا هئا، تن جو تعداد هن طرح هو: بيتلحم ۽ نطوفہ شهرن جا هڪ سؤ اٺاسي ماڻهو هئا، 27 عنتوت شهر جا هڪ سؤ اٺاويهہ ماڻهو هئا، 28 بيتعزماوت شهر جا ٻائيتاليهہ ماڻهو هئا، 29 قريت يعريم، ڪفيرہ ۽ بيروت شهرن جا ست سؤ ٽيتاليهہ ماڻهو هئا، 30 رامہ ۽ جِبع شهرن جا ڇهہ سؤ ايڪيهہ ماڻهو هئا، 31 مڪماس شهر جا هڪ سؤ ٻاويهہ ماڻهو هئا، 32 بيتايل ۽ عئي شهرن جا هڪ سؤ ٽيويهہ ماڻهو هئا، 33 ٻئي نبو شهر جا ٻاونجاهہ ماڻهو هئا، 34 ٻئي عيلام شهر جا هڪ هزار ٻہ سؤ چوونجاهہ ماڻهو هئا، 35 حارم شهر جا ٽي سؤ ويهہ ماڻهو هئا، 36 يريحو شهر جا ٽي سؤ پنجيتاليهہ ماڻهو هئا، 37 لود، حادِيد ۽ اونو شهرن جا ست سؤ ايڪيهہ ماڻهو هئا 38 ۽ سناآہ شهر جا ٽي هزار نوَ سؤ ٽيهہ ماڻهو هئا. 39 ڪاهنن جا گھراڻا جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي آيا، تن جي ماڻهن جو تعداد هن طرح هو: يدعياہ جو اولاد يعني يشوع جي گھراڻي جا نوَ سؤ ٽيهتر ماڻهو هئا، 40 اِمير جي گھراڻي جا هڪ هزار ٻاونجاهہ ماڻهو هئا، 41 فشحور جي گھراڻي جا هڪ هزار ٻہ سؤ ستيتاليهہ ماڻهو هئا 42 ۽ حارم جي گھراڻي جا هڪ هزار سترهن ماڻهو هئا. 43 لاويءَ جا گھراڻا جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي آيا، تن جي ماڻهن جو تعداد هن طرح هو: هوداوياہ جي نسل مان يشوع ۽ قدميايل جي اولاد جا چوهتر ماڻهو هئا، 44 آسف جو اولاد جيڪي هيڪل جا ڳائڻا هئا، تن جا هڪ سؤ اٺيتاليهہ ماڻهو هئا 45 ۽ بني سلوم، بني اِطير، بني طلمون، بني عقوب، بني خطيطا ۽ بني سوبي جيڪي هيڪل جا دربان هئا، تن جو تعداد هڪ سؤ اٺٽيهہ هو. 46 اهي گھراڻا جيڪي هيڪل جا خدمتگار هئا ۽ جلاوطنيءَ مان موٽي آيا، سي هي هئا: بني ضيحا، بني حُسوفا، بني طبعوت، 47 بني قروس، بني سيحا، بني فدون، 48 بني لبانہ، بني حجابہ، بني شلمي، 49 بني حنان، بني جِديل، بني جحر، 50 بني رآياہ، بني رصين، بني نقودا، 51 بني جزام، بني عزا، بني فاسيخ، 52 بني بسي، بني معونيم، بني نفوشسيم، 53 بني بقبوق، بني حقوفا، بني حرحور، 54 بني بضليت، بني محِيدا، بني حرشا، 55 بني برقوس، بني سيسرا، بني تامح، 56 بني نضياح ۽ بني خطيفا. 57 سليمان جي نوڪرن جا گھراڻا جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي آيا، سي هي هئا: بني سوطي، بني سوفرت، بني فريدا، 58 بني يعلہ، بني درقون، بني جِديل، 59 بني سفطياہ، بني خِطيل، بني فوڪرتحضبائم ۽ بني امُون. 60 هيڪل جي خدمتگارن ۽ سليمان جي نوڪرن جي اولاد جو ڪل تعداد ٽي سؤ ٻيانوي هو. 61-62 بني دلاياہ، بني طوبياہ ۽ بني نقودا جا ڇهہ سؤ ٻائيتاليهہ ماڻهو جيڪي تل ملح، تل حرسا، ڪرُوب، ادان ۽ امير مان موٽي آيا هئا، سي اهو ثابت ڪري نہ سگھيا تہ هو بني اسرائيل آهن. 63-64 جيڪي ماڻهو اهو ثابت ڪري نہ سگھيا تہ هو ڪاهنن مان آهن تن جا گھراڻا هي هئا: بني حباياہ، بني هقوص ۽ بني برزلي. هي اهو برزلي هو جنهن جِلعادي برزليءَ جي هڪڙي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي ۽ انهيءَ نالي سان ئي کيس سڏيو ويو. انهن پنهنجي خانداني نسبنامي کي ڏاڍو ڳوليو پر لهي نہ سگھيا، تنهنڪري کين نااهل سمجھي ڪاهنيت مان خارج ڪيو ويو. 65 يهودي گورنر انهن کي حڪم ڏنو تہ تيستائين هو خداوند لاءِ ئي مخصوص شين مان ڪجھہ نہ کائين، جيستائين اُوريم ۽ ٿُميم سان خدمت ڪندڙ ڪو ڪاهن هجي جيڪو فيصلو ڪري. 66 موٽي ايندڙ جلاوطنن جو ڪل تعداد ٻائيتاليهہ هزار ٽي سؤ سٺ هو. 67 کانئن علاوہ سندن نوڪرن ۽ نوڪرياڻين جو تعداد ست هزار ٽي سؤ ستٽيهہ هو. ساڻن ڳائڻن ۽ ڳائڻين جو تعداد ٻہ سؤ پنجيتاليهہ هو. 68 گھوڙن جو تعداد ست سؤ ڇٽيهہ، خچرن جو ٻہ سؤ پنجيتاليهہ، 69 اُٺن جو چار سؤ پنجٽيهہ ۽ گڏهن جو ڇهہ هزار ست سؤ ويهہ هو. 70 ڪيترن ئي ماڻهن هيڪل جي نئين سر تعمير ڪرڻ لاءِ نذرانا ڏنا. يهوداہ جي گورنر پاڻ بہ خزاني ۾ سون جا اٽڪل ساڍا اٺ ڪلوگرام، پنجاهہ پيالا ۽ پنج سؤ ٽيهہ ڪاهنن وارا لباس ڏنا. 71 گھراڻن جي ڪن وڏن جي طرفان هيڪل جي ڪم لاءِ خزاني ۾ سون جا اٽڪل هڪ سؤ ستر ڪلوگرام ۽ چانديءَ جا اٽڪل هڪ هزار ٻہ سؤ ڪلوگرام ڏنا ويا. 72 باقي ٻين ماڻهن جيڪي ڪجھہ ڏنو، سو جملي اٽڪل هڪ سؤ ستر ڪلوگرام سون، هڪ هزار هڪ سؤ ڪلوگرام چاندي ۽ ڪاهنن وارا ستهٺ لباس هئا. 73 ڪاهن، لاوي، هيڪل جا دربان، ڳائڻا ۽ خدمتگار باقي ٻين بني اسرائيل وارن سميت پنهنجن پنهنجن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ آباد ٿي ويا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society