نحمياہ 6 - Muslim Sindhi Bibleنحمياہ خلاف سازش 1 سنبلط، طوبياہ، جشم عربي ۽ اسان جي ٻين دشمنن کي خبر پيئي تہ مون ڀتيون نئين سر تعمير ڪرائي ڇڏيون آهن ۽ انهن جو ڪوبہ حصو ڀڳل رهجي نہ ويو آهي، حالانڪ ان وقت تائين مون اڃا دروازن ۾ طاق نہ وجھرايا هئا. 2 تڏهن سنبلط ۽ جشم مون ڏانهن هي پيغام موڪليو تہ ”اچ تہ اونو جي ميدان واري فلاڻي ڳوٺ ۾ ملاقات ڪريون.“ پر هنن مون کي نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيو هو. 3 سو مون هنن کي قاصدن جي هٿان هيئن چوائي موڪليو تہ ”آءٌ هڪڙي وڏي ڪم ۾ مصروف آهيان. تنهنڪري اچي نہ ٿو سگھان. جيڪڏهن آءٌ اوهان وٽ ايندس تہ ڪم رڪجي ويندو.“ 4 هنن چار دفعا مون ڏانهن ساڳيو ئي پيغام موڪليو ۽ مون بہ هر دفعي کين ساڳيو ئي جواب ڏنو. 5 پوءِ سنبلط پنجين دفعي ساڳئي نموني پنهنجو هڪ نوڪر مون ڏانهن موڪليو پر هن دفعي هن جي هٿ ۾ هڪڙو کُليل خط هو، 6 جنهن ۾ لکيل هو تہ ”جشم چوي ٿو تہ قومن ۾ اها ڳالهہ پڌري ٿي ويئي آهي تہ تون ۽ يهودي ماڻهو بغاوت ڪرڻ وارا آهيو، انهيءَ ڪري ئي تون ڀتيون ٿو تعمير ڪرائين. انهيءَ کان سواءِ اهي بہ اطلاع آهن تہ تون بادشاهہ بڻجڻ وارو آهين 7 ۽ تو پنهنجا نبي بہ مقرر ڪيا آهن تہ جيئن تنهنجي باري ۾ يروشلم ۾ اهڙو اعلان ڪن تہ ’يهوداہ ۾ هڪڙو بادشاهہ بڻيو آهي.‘ هاڻي اهو اطلاع شهنشاهہ تائين بہ پهچندو، تنهنڪري اچ تہ گڏجي پاڻ ۾ صلاح ڪريون.“ 8 تڏهن مون هن ڏانهن هيءَ ورندي ڏياري موڪلي تہ ”جيڪي ڳالهيون تون ڪرين ٿو، انهن ۾ ڪابہ سچائي ڪانهي. تون اهي ڳالهيون پاڻ ٿو ٺاهين پيو.“ 9 اهي سڀيئي ڄاڻيواڻي اسان کي ڊيڄارين پيا تہ جيئن اسين دل شڪستہ ٿي پئون ۽ اهو ڪم پورو نہ ٿي سگھي. پر مون دعا گھري تہ ”اي خدا! تون مون کي همت ڏي.“ 10 پوءِ هڪ ڏينهن آءٌ سمعياہ ولد دلاياہ ولد مهيطبيل جي گھر ويس جيڪو گھر ۾ نظربند هو. هن مون کي چيو تہ ”اچ تہ خدا جي گھر ۾ گڏ ٿي هيڪل جا دروازا بند ڪري ڇڏيون، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو تو کي قتل ڪرڻ ٿا گھرن. هائو، رات جو هو تو کي قتل ڪرڻ لاءِ ايندا.“ 11 پر مون کيس چيو تہ ”ڇا مون جهڙي ماڻهوءَ کي ڀڄڻ گھرجي يا پنهنجي جان بچائڻ لاءِ هيڪل اندر لڪڻ گھرجي؟ آءٌ نہ ڀڄندس، نڪي لڪندس.“ 12 پوءِ آءٌ سمجھي ويس تہ هن کي خدا ائين نہ چيو آهي، پر هو اها پيشنگوئي منهنجي خلاف ان ڪري ٿو ڪري جو طوبياہ ۽ سنبلط کيس لالچ ڏني آهي. 13 هن کي انهيءَ لاءِ لالچ ڏني ويئي هئي تہ جيئن هو مون کي ڊيڄاري، تانتہ ائين ڪرڻ سان آءٌ گنهگار ۽ بدنام ٿيان ۽ پوءِ هو مون کي ملامت ڪن. 14 تنهنڪري اي منهنجا خدا! طوبياہ ۽ سنبلط جي افعالن ڏانهن ڏس ۽ نبياڻي سڏائيندڙ نوعيدياہ ۽ ٻين نبي سڏائيندڙن ڏانهن بہ ڏس، جيڪي مون کي ڊيڄارڻ ٿا گھرن. ڀتين جي مرمت جي تڪميل 15 اهڙيءَ طرح ٻاونجاهہ ڏينهن ۾ الول مهيني جي پندرهين تاريخ تي ڀتيون ٺهي راس ٿي ويون. 16 جڏهن اسان جي آسپاس رهندڙ سڀني دشمن قومن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن پنهنجي ئي نظرن ۾ ڪري پيا ۽ همت هاري ويٺا، ڇاڪاڻ تہ هنن سمجھيو تہ اهو ڪم اسان جي خدا جي مدد سان ٿيو آهي. 17 تن ڏينهن ۾ يهوداہ جا ڪيترائي امير طوبياہ ڏانهن خط موڪليندا رهيا ۽ طوبياہ وٽان بہ وٽن ورندي ايندي رهندي هئي. 18 يهوداہ وارن مان گھڻن ئي هن سان قول اقرار ڪيا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو سڪنياہ ولد ارخ يهوديءَ جو ناٺي هو ۽ سندس پٽ يهوحانان مسلام ولد برڪياہ جي ڌيءَ سان پرڻيل هو. 19 ان کان علاوہ ماڻهو منهنجي آڏو طوبياہ جي چڱن ڪمن جو بيان ڪندا رهندا هئا ۽ منهنجيون ڳالهيون بہ کيس ٻڌائيندا رهندا هئا، جڏهن تہ طوبياہ مون کي ڊيڄارڻ لاءِ خط موڪليندو رهندو هو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society