Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

نحمياہ 4 - Muslim Sindhi Bible


ڀتين جي تعمير جي مخالفت

1 جڏهن سنبلط ٻڌو تہ اسين ڀتين جي نئين سر تعمير ٿا ڪريون، تڏهن هو تپي باهہ ٿي ويو ۽ اسان يهودين تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳو.

2 هو پنهنجي ساٿين ۽ سامريہ جي فوج اڳيان چوڻ لڳو تہ ”هي ڪمزور يهودي ڇا ٿا ڪن؟ هو پاڻ تہ اهي ڀتيون ٺاهي نہ ٿا سگھن. انهيءَ لاءِ هو قربانيون پيش ڪندا ڇا؟ هي تعمير جو ڪم هڪڙي ئي ڏينهن ۾ پورو ٿي ويندو ڇا؟ ڪچري جي ڍير ۾ جيڪي پٿر سڙي ويا آهن، هو تن کي وري جوڙي استعمال ڪندا ڇا؟“

3 تنهن تي طوبياہ عموني جيڪو سندس ڀر ۾ بيٺو هو تنهن چيو تہ ”هي جيڪي ڪجھہ ٺاهين پيا، تنهن تي جيڪڏهن ڪو لومڙ چڙهي وڃي تہ اهو ان کي ڪيرائي وجھندو.“

4 تڏهن مون دعا گھري تہ ”اي اسان جا خدا! اسان جي ٻڌ، ڇاڪاڻ تہ اسان کي ڌڪاريو پيو وڃي. تون انهن جي ملامت ڦيرائي سندن ئي مٿان وِجھہ. لٽ ڦر واري مال طور کين انهيءَ ملڪ جي حوالي ڪري ڇڏ جنهن ۾ هو غلام ٿي گذارين.

5 هنن جي بڇڙائيءَ کي نہ بخش، نہ وري هنن جا گناهہ ميٽي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ هو ڀتين ٺاهڻ وارن کي گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين.“

6 سو اسان ڀتيون وري تعمير ڪندا رهياسون، تان جو اهي اڌ اوچائيءَ تائين پهچي ويون، ڇاڪاڻ تہ سڀني ماڻهن دل وَ جان سان پئي ڪم ڪيو.

7 پر جڏهن سنبلط، طوبياہ ۽ ڏکڻ وارن عربن، اوڀر وارن عمونين ۽ اولهہ وارن اشدودين ٻڌو تہ يروشلم جي ڀتين جي مرمت ٿيندي پئي وڃي ۽ انهيءَ جا ٻرگھل بند ٿي ويا آهن، تڏهن هو ڏاڍا ڪاوڙيا.

8 هنن سڀني گڏجي سازش تيار ڪئي تہ ”اچو تہ يروشلم وارن سان وڙهون ۽ شهر ۾ وڳوڙ وجھون.“

9 تنهن تي اسان پنهنجي خدا کان دعا گھري ۽ ان سازش سان منهن ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات پهرو بيهاريوسين.

10 انهيءَ دوران اسان يهودين مان ڪي ماڻهو مايوس ٿي چوڻ لڳا تہ ”مٽي کڻڻ وارن مان طاقت ڇڏائي ويئي آهي، ۽ مٽيءَ جو ڍير بہ اڃا گھڻو پيو آهي، سو اسين ڀتيون ٺاهي نہ ٿا سگھون.“

11 اسان جا دشمن پڻ چوندا رهيا تہ ”انهيءَ کان اڳ جو هنن کي ڪا خبر پئجي وڃي ۽ ڄاڻي وٺن، اسين منجھن پهچي وينداسين ۽ کين ماري ڇڏينداسين. اهڙيءَ طرح سندن ڪم رڪجي ويندو.“

12 پر جيڪي يهودي انهن جي آس‌پاس رهندا هئا، سي وقت بوقت اچي اسان کي ٻڌائيندا رهيا تہ ”اوهان جا دشمن اوهان تي حملي ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن.“

13 تنهنڪري مون ڀتين جي رهيل وڇوٽين وٽ هيٺاهين ۽ کُليل جاين تي، ماڻهن کي تلوارن، تيرڪمانن ۽ نيزن سان سندن قبيلن موجب بيهاري ڇڏيو.

14 مون نظرداري ڪندي ڏٺو تہ ماڻهو پريشان آهن. سو مون اميرن، اڳواڻن ۽ باقي ٻي خلق کي چيو تہ ”دشمنن کان نہ ڊڄو. ڌڻيءَ کي ياد ڪريو جيڪو عظيم ۽ هيبت وارو آهي ۽ پنهنجن ڀائرن، پنهنجن پٽن، پنهنجين ڌيئرن، پنهنجين زالن ۽ پنهنجن گھرن لاءِ وڙهو.“

15 جڏهن اسان جي دشمنن ٻڌو تہ اسان کي سندن سازش جو پتو پئجي ويو آهي، تڏهن سمجھيائون تہ خدا سندن سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙيءَ طرح اسين سڀ وري پنهنجي پنهنجي ڪم تي لڳي وياسين.

16-17 انهيءَ ڏينهن کان وٺي منهنجا اڌ ماڻهو ڪم ڪندا هئا، جڏهن تہ ٻيا اڌ ماڻهو نيزا، ڍالون، تيرڪمان کنيو ۽ زرهون پايو بيٺا هوندا هئا ۽ جن ڀتين تي ڪم پئي ڪيو تن جي نگراني ڪندڙ سندن همت‌افزائي ڪرڻ لاءِ بيٺا هوندا هئا. جن سامان پئي ڍوئيو، تن هڪڙي هٿ سان ڪم پئي ڪيو ۽ ٻئي هٿ ۾ پنهنجو هٿيار ٿي کنيو.

18 ڪم دوران هر هڪ رازي جي چيلهہ سان تلوار ٻڌل هئي. نفيل وڄائڻ تي مقرر ماڻهو هميشہ منهنجي ڀر ۾ بيٺو رهندو هو.

19 مون اميرن، اڳواڻن ۽ باقي ٻين ماڻهن کي چيو تہ ”ڪم وڏو ۽ جيڏانهن تيڏانهن پکڙيل آهي ۽ اسين هڪٻئي کان گھڻو پري پري جدا ٿيا بيٺا آهيون.

20 تنهنڪري جنهن هنڌان اوهين نفيل جو آواز ٻڌو اتان اسان وٽ اچي گڏ ٿيو. اسان جو خدا اسان جي پاران جنگ ڪندو.“

21 اهڙيءَ طرح اسان ڪم جاري رکيو ۽ انهيءَ دوران اسان مان اڌ ماڻهو پرهہ ڦٽيءَ کان وٺي سج لٿي اوندهہ ٿيڻ تائين هٿيار کنيو بيٺا هوندا هئا.

22 انهيءَ وقت مون ماڻهن کي ائين بہ چئي ڇڏيو هو تہ سڀيئي ماڻهو پنهنجي مزدورن سان گڏ يروشلم ۾ رهن، تہ جيئن رات جو اهي اسان تي پهرو ڏيئي سگھن ۽ ڏينهن جو ڪم ڪن.

23 سو مون، منهنجي ڀائرن، منهنجي نوڪرن ۽ مون سان گڏ پهري وارن پنهنجا ڪپڙا ئي نہ بدلايا ۽ هر ڪنهن کي هٿ ۾ هٿيار هئا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan