Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

نحمياہ 2 - Muslim Sindhi Bible


نحمياہ جو يروشلم ڏانهن وڃڻ

1 چئن مهينن کان پوءِ هڪڙي ڏينهن جڏهن بادشاهہ جي اڳيان مئي آندي ويئي، تڏهن مون مئي کڻي بادشاهہ کي ڏني. ان کان اڳ هن مون کي ڪڏهن بہ غمگين نہ ڏٺو هو،

2 تڏهن بادشاهہ مون کان پڇيو تہ ”تنهنجو منهن ايترو لٿل ڇو آهي، جڏهن تہ تون بيمار بہ نہ آهين؟ اهو دل جي ڏک کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ آهي.“ تڏهن آءٌ ڊڄي ويس.

3 پر مون بادشاهہ کي چيو تہ ”بادشاهہ سلامت! منهنجو منهن ڇو نہ لٿل هجي، جڏهن تہ اهو شهر جنهن ۾ منهنجا ابا ڏاڏا دفن ٿيل آهن، سو ويران ڪيو ويو آهي ۽ ان جا دروازا ساڙيا ويا آهن؟“

4 تنهن تي بادشاهہ مون کي چيو تہ ”تنهنجي انهيءَ چوڻ جو مطلب ڇا آهي؟“ تڏهن مون عرش عظيم جي خدا کان دعا گھري

5 ۽ بادشاهہ کي وراڻيم تہ ”جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي ۽ جيڪڏهن پنهنجي هِن ٻانهي تي اوهان جي مهربانيءَ جي نظر آهي تہ مون کي موڪل ڏيو تہ آءٌ يهوداہ جي ان شهر ڏانهن وڃان جتي منهنجا ابا ڏاڏا دفن ٿيل آهن تہ جيئن آءٌ اهو وري تعمير ڪرائي سگھان.“

6 تڏهن بادشاهہ، جنهن جي ڀر ۾ سندس راڻي بہ ويٺل هئي، تنهن منهنجو عرض قبول ڪري مون کان پڇيو تہ ”تنهنجو سفر ڪيترن ڏينهن جو ٿيندو ۽ ڪڏهن موٽي ايندين؟“ پوءِ مون کيس پنهنجي سفر جا ڏينهن ٻڌايا.

7 مون کيس اهو بہ چيو تہ ”اي بادشاهہ سلامت! مهرباني فرمائي مون کي اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي وارن گورنرن ڏانهن فرمان لکي ڏيو تہ جيئن هو مون کي راهداري ڏين، تان جو آءٌ وڃي يهوداہ ۾ پهچان.

8 هڪڙو فرمان مون کي شاهي ٻيلي جي رکوالي آسف ڏانهن بہ لکي ڏنو وڃي، تہ هو مون کي عمارتي ڪاٺ ڏئي، تہ جيئن خداوند جي گھر جي ڀر واري قلعي ۽ ڪوٽ جون ڀتيون ۽ دروازا ۽ جنهن گھر ۾ آءٌ رهندس تنهن جا دروازا ۽ ٻيو سامان ٺهرايان.“ جيئن تہ منهنجي خدا جو مون تي مهربانيءَ جو هٿ هو، تنهنڪري بادشاهہ منهنجا سڀيئي عرض قبول ڪيا.

9 تڏهن آءٌ اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبن وارن گورنرن وٽ ويس ۽ کين بادشاهہ جا فرمان ڏنم. بادشاهہ مون سان گڏ پنهنجي لشڪر جا ڪجھہ سالار ۽ گھوڙي سوار پڻ موڪليا هئا.

10 جڏهن سنبلط حوروني ۽ طوبياہ نالي هڪ عموني عملدار اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا رنج ٿيا، ڇاڪاڻ تہ ڪو ماڻهو بني اسرائيل جي ڀلائيءَ لاءِ آيو آهي.


ڀتين جو معائنو

11 پوءِ آءٌ يروشلم شهر ۾ ويس ۽ اتي ٽي ڏينهن ترسڻ کان پوءِ

12 رات جو ڪجھہ ماڻهن سان گڏجي اتان نڪتس. مون ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي نہ ٻڌايو تہ خدا منهنجيءَ دل ۾ يروشلم بابت ڇا وڌو آهي. جنهن وهٽ تي آءٌ چڙهيل هئس، تنهن کان سواءِ اسان کي ٻيو ڪو وهٽ ڪونہ هو.

13 آءٌ رات جو شهر جي اولهہ واري ماٿريءَ جي دروازي کان نڪري ٻاهر ڏکڻ طرف ازدها واري چشمي ۽ گند واري دروازي ڏانهن ويس. اتي مون ڏٺو تہ يروشلم شهر جون ڀتيون ڀڳيون ۽ ڊٺيون پيون هيون ۽ دروازا پڻ سڙيل هئا.

14 پوءِ آءٌ شهر جي اوڀر ۾ چشمي واري دروازي ڏانهن ويس ۽ اڳتي هلي وري بادشاهہ واري تلاءَ ڏانهن اتر طرف وڌي ويس، پر جنهن وهٽ تي آءٌ سوار هئس تنهن جي لنگھڻ جي جاءِ اتان ڪانہ هئي.

15 تنهنڪري آءٌ اتان ڀتين جو معائنو ڪندو قدرون جي برساتي نهر وٽ لهي ويس. آخرڪار، آءٌ اتان ٿي موٽي اچي ماٿريءَ واري دروازي کان شهر ۾ داخل ٿيس.

16 اڳواڻن کي اها خبر ئي ڪانہ پيئي تہ آءٌ ڪيڏانهن ڪيڏانهن ويو هئس ۽ ڇا ڇا پئي ڪيم، ڇاڪاڻ تہ اڃا تائين مون يهودين يعني ڪاهنن، اميرن، اڳواڻن يا ڪن ٻين ماڻهن جن کي ڪم ۾ حصو وٺڻو هو تن مان ڪنهن کي بہ ڪين ٻڌايو هو.

17 پوءِ مون هنن کي ٻڌايو تہ ”اوهين ڏسو ٿا تہ اسان جو ڪهڙو حال ٿي ويو آهي. يروشلم ويران ٿيو پيو آهي ۽ ان جا دروازا سڙيا پيا آهن. سو اچو تہ يروشلم جون ڀتيون وري تعمير ڪريون تہ جيئن اسين وڌيڪ خوار خراب نہ ٿيون.“

18 مون هنن کي اهو بہ ٻڌايو تہ منهنجي خدا جي مهربانيءَ جو هٿ مون تي آهي ۽ جيڪي ڪجھہ بادشاهہ مون کي چيو هو سو بہ کين ٻڌايم. تڏهن هنن وراڻيو تہ ”اچو تہ انهيءَ کي وري تعمير ڪريون.“ اهڙيءَ طرح هو ان چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا.

19 پر جڏهن سنبلط حوروني، طوبياہ ۽ جشم نالي هڪ عرب اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اسان تي کل ٺٺوليون ڪندي حقارت وچان اسان کان پڇيائون تہ ”اهو ڪهڙو ڪم آهي، جيڪو اوهين ڪريو ٿا؟ اوهين شهنشاهہ جي خلاف بغاوت ڪندءُ ڇا؟“

20 تڏهن مون هنن کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”عرش عظيم جو خدا اسان کي ڪامياب ڪندو. اسين سندس ٻانها وري تعمير جو ڪم شروع ڪنداسين، پر اوهان جو يروشلم ۾ ڪوبہ حصو پتي ڪونهي، نڪي وري اوهان کي ڪو حڪم يا مذهبي حق آهي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan