نحمياہ 13 - Muslim Sindhi Bibleڌارين کي ڪڍي ڇڏڻ 1 انهيءَ ڏينهن عام ماڻهن جي روبرو وڏي آواز سان موسيٰ جو ڪتاب پڙهيو ويو، جنهن ۾ اهو بہ لکيل مليو تہ عموني ۽ موآبي خداوند جي قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد ٿي نہ ٿا سگھن، 2 ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل جي مصر جي غلاميءَ مان نڪرڻ وقت اهي ماني ۽ پاڻي کڻي ساڻن ملڻ لاءِ نہ آيا هئا. اُٽلندو هنن بلعام کي ڀاڙي تي آندو، تہ جيئن هو انهن تي لعنت وجھي، جنهن لعنت کي بني اسرائيل جي خدا برڪت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. 3 جڏهن ماڻهن اِها شريعت ٻڌي، تڏهن هنن سڀني ڌارئي نسل وارن کان بني اسرائيل قوم ۾ فرد هئڻ وارا حق حقوق کسي ڇڏيا. نحمياہ جا ٻيا سڌارا 4 انهيءَ کان اڳ، الياسب ڪاهن، جيڪو خدا جي گھر جي گودامن تي نگران مقرر هو ۽ طوبياہ سان سندس ويجھا تعلقات هئا، 5 تنهن طوبياہ کي رهڻ لاءِ انهن گودامن مان هڪڙي وڏي ڪوٺي ڏني. اها ڪوٺي هيڪل جي سامان رکڻ لاءِ مقرر هئي يعني اناج جون قربانيون، لوبان، خدا جي گھر جا ٿانوَ، اَناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جا ڏهان حصا، جيڪي مقرر طريقي موجب لاوين، هيڪل جي ڳائڻن ۽ دربانن کي ڏبا هئا. انهيءَ کان علاوہ اتي ڪاهنن لاءِ گڏ ڪيل چندا پڻ رکيا ويندا هئا. 6 انهن ڏينهن دوران آءٌ يروشلم ۾ ڪونہ هئس، ڇاڪاڻ تہ بابل جي بادشاهہ ارتخششتا جي شاهيءَ جي ٻٽيهين سال آءٌ انهيءَ شهنشاهہ ڏانهن موٽي ويو هئس. ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ مون کانئس موڪل ورتي 7 ۽ موٽي يروشلم ۾ آيس. هتي اچي انهي خرابيءَ جي خبر پيم، جيڪا الياسب ڪئي هئي جو هن طوبياہ کي خدا جي گھر جي اڱڻ ۾ رهڻ لاءِ ڪوٺي ڏني هئي. 8 مون کي انهيءَ ڳالهہ تي ڏاڍو رنج ٿيو، سو طوبياہ جو سمورو سامان ڪوٺيءَ مان ڪڍي ٻاهر اڇلائي ڇڏيم. 9 پوءِ منهنجي حڪم موجب سڀيئي ڪوٺيون پاڪ ڪيون ويون ۽ خدا جي گھر جا ٿانوَ، اناج جي قربانين ۽ لوبان سميت موٽائي آڻي اتي رکيا ويا. 10 مون کي اها بہ خبر پيئي تہ لاوين کي سندن حصا ڪونہ ٿي ڏنا ويا. تنهنڪري هيڪل ۾ خدمت لاءِ مقرر لاوي ۽ ڳائڻا پنهنجين پنهنجين ٻنين ڏانهن موٽي هليا ويا هئا. 11 سو مون اڳواڻن کي ڇينڀيو ۽ کانئن پڇيو تہ ”ڇو خداوند جي گھر کي ڇڏي ڏنو ويو آهي؟“ پوءِ مون انهن سڀني لاوين ۽ ڳائڻن کي گھرايو ۽ کين سندن عهدن تي بيهاريو. 12 سڄي بني اسرائيل اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جا ڏهان حصا گودامن ۾ آندا. 13 انهن گودامن تي مون سلميا ڪاهن، صدوق شريعت جي عالم ۽ فداياہ نالي هڪ لاويءَ کي نگران مقرر ڪيو ۽ حنان ولد زڪور ولد متنياہ کي سندن نائب مقرر ڪيم، ڇاڪاڻ تہ اهي ماڻهو ڀروسي جهڙا سمجھيا ويندا هئا. انهن جي ذميواري هئي تہ هو پنهنجي همخدمت ڀائرن کي سندن حصا ورهائي ڏين. 14 اي منهنجا خدا! انهيءَ ڳالهہ ڪارڻ مون کي ياد ڪج ۽ جيڪي ڪم مون وفاداريءَ سان تو پنهنجي خدا جي گھر ۽ ان جي خدمتن لاءِ ڪيا آهن سي ميٽي نہ ڇڏج. 15 انهن ڏينهن ۾ مون يهوداہ ۾ سبت جي ڏينهن ڪن ماڻهن کي انگورن جي چيچڙن کي هلائيندي ۽ اناج جي ول گڏهن تي آڻيندي ڏٺو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ مئي، انگور، انجير ۽ ٻيو هر طرح جو سامان سبت جي ڏينهن يروشلم ۾ ٿي آندائون. تنهنڪري مون کين اُن ڏينهن تي وڪرو ڪرڻ کان تنبيهہ ڪئي. 16 يروشلم ۾ صور شهر جا ماڻهو پڻ رهندا هئا، جيڪي مڇي ۽ ٻيو هر قسم جو وڪري جو سامان آڻي سبت جي ڏينهن بني اسرائيل وٽ وڪڻندا هئا. 17 تڏهن مون يهوداہ جي اميرن کي ڇينڀيندي چيو تہ ”اوهين سبت جي ڏينهن جي بيحرمتي ڪري ڪيڏو نہ خراب ڪم ٿا ڪريو. 18 اوهان جي ابن ڏاڏن بہ تہ ائين ئي ڪيو هو، جنهن ڪري اسان جي خدا اسان تي ۽ هن شهر تي بيحد مصيبت آندي. هاڻي اوهين سبت جي ڏينهن جي بيحرمتي ڪري بني اسرائيل تي خدا کي وڌيڪ ڪاوڙايو ٿا.“ 19 پوءِ هيئن ڪيم جو سبت جي شروعات کان ئي يعني سج لهڻ وقت مون حڪم ڏنو تہ يروشلم شهر جا دروازا بند ڪيا وڃن ۽ سبت جي پوري ٿيڻ تائين نہ کوليا وڃن. مون پنهنجي ماڻهن مان ڪن کي دروازن تي بيهاري ڇڏيو تہ جيئن سبت جي ڏينهن ڪوبہ ماڻهو ڪو بار کڻي اندر نہ اچي. 20 سو هر قسم جي سامان جا واپاري ۽ وڪرو ڪندڙ هڪ يا ٻہ دفعا يروشلم جي ٻاهران سبت جي رات رهي پيا. 21 تنهن تي مون کين تنبيهہ ڪندي چيو تہ ”ڇو اوهين شهر جي ڀتين جي ڀرپاسي رات ٿا گذاريو؟ جيڪڏهن اوهين وري ائين ڪندا تہ پوءِ آءٌ اوهان کي پڪڙيندس.“ تڏهن کان وٺي هو وري سبت جي ڏينهن نہ آيا. 22 پوءِ مون لاوين کي حڪم ڏنو تہ سبت جي ڏينهن کي پاڪ رکڻ لاءِ هو پاڻ کي پاڪ ڪري اچي دروازن جي نگهباني ڪن. اي منهنجا خدا! اهو بہ منهنجي حق ۾ ياد رکج ۽ پنهنجي وڏيءَ رحمت موجب مون تي رحم ڪج. 23 انهن ئي ڏينهن ۾ مون ڪي يهودي ڏٺا جيڪي بني اشدود، بني عمون ۽ بني موآب جون عورتون پرڻجي آيا هئا. 24 انهن جا اڌ ٻار اشدودي يا وري ٻين قومن جي ڪا ٻولي ڳالهائيندا هئا، پر پنهنجي عبراني ٻولي ڳالهائڻ نہ ايندي هئن. 25 تڏهن مون انهن کي ڇينڀيو ۽ مٿن ڦٽلعنت ڪيم. مون انهن مان ڪن ماڻهن کي مار بہ ڏني ۽ سندن وار بہ پٽيا. مون کانئن خدا جو قسم کڻائي واعدو ورتو تہ ”آئيندہ اسين پنهنجيون ڌيئرون ڌارين جي پٽن کي پرڻائي نہ ڏينداسون ۽ نہ وري اسين هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ يا پنهنجي پرڻي لاءِ وٺنداسون. 26 جيئن تہ بني اسرائيل جو بادشاهہ سليمان، جنهن سان خدا جو تمام گھڻو پيار هو ۽ کيس سڄي اسرائيل ملڪ تي بادشاهہ مقرر ڪيو هئائين ۽ جنهن جهڙو بادشاهہ ڪنهن بہ قوم ۾ ڪونہ ٿيو هو، تنهن بہ اهڙو ئي گناهہ ڪري وڌو جو ڌارين عورتن سان شادي ڪيائين. 27 پر اسين اوهان جي منع ڪرڻ کان پوءِ آئيندہ ائين نہ ڪنداسون. اسين اهڙي بڇڙائي ڪري خدا جا نافرمان نہ ٿينداسون.“ 28 سردار ڪاهن يويدع ولد الياسب جي پٽن مان هڪڙي پٽ سنبلط حورونيءَ نالي ڌارئي ماڻهوءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي. مون انهيءَ کي پنهنجي قوم مان خارج ڪري ڇڏيو. 29 اي منهنجا خدا! اها ڳالهہ ياد ڪر تہ انهن ڪيئن نہ ڪهانت جي توڙي انهيءَ عهد جي بيحرمتي ڪئي آهي، جيڪو عهد تو ڪاهنن ۽ لاوين سان ٻڌو هو. 30 اهڙيءَ طرح مون ڪاهنن ۽ لاوين کي سڀني ڌارين ڳالهين کان پاڪ ڪيو ۽ هر ڪنهن لاءِ سندس ڪم مقرر ڪيم. 31 مون مقرر وقت تي ساڙيون ويندڙ قربانين لاءِ ڪاٺين ۽ پهريتن ڦرن جي نذراني مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ پڻ بندوبست ڪيو. سو اي منهنجا خدا! مون کي مهربانيءَ جي نظر سان ياد رکج. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society