Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

نحمياہ 12 - Muslim Sindhi Bible


ڪاهنن ۽ لاوين جي فهرست

1-7 جيڪي ڪاهن ۽ لاوي زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ سردار ڪاهن يشوع سان گڏ جلاوطنيءَ کان موٽي آيا هئا، تن مان ڪاهنن جا اڳواڻ هي هئا: سراياہ، يرمياہ، عزرا، امرياہ، ملوڪ، حطوش، سڪنياہ، رحوم، مريموت، عدو، جنتو، ابياہ، ميامين، معدياہ، بلجہ، سمعياہ، يويريب، يدعياہ، سلو، عموق، خلقياہ ۽ يدعياہ.

8 ان وقت موٽي ايندڙ لاوي جيڪي شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ ڳائڻ جي اڳواڻي ڪندا هئا سي هي هئا: يشوع، بنوي، قدمي‌ايل، سيربياہ، يهوداہ ۽ متنياہ.

9 هنن جي سامهون يقبوقياہ ۽ عنو ۽ سندن ساٿي بيهي موٽ ۾ ڳائيندا هئا.


سردار ڪاهن يشوع جو نسل

10 سردار ڪاهن يشوع يويقيم جو پيءُ هو، يويقيم الياسب جو پيءُ هو، الياسب يويدع جو پيءُ هو،

11 يويدع يونتن جو پيءُ هو، يونتن يدوع جو پيءُ هو.


ڪاهنن جي گھراڻن جا وڏا

12 يويقيم جي سردار ڪاهنيءَ جي ڏينهن ۾ هي ڪاهن پنهنجي پنهنجي گھراڻي جا وڏا هئا: سراياہ گھراڻي جو وڏو مراياہ هو، يرمياہ گھراڻي جو وڏو حنانياہ هو،

13 عزرا گھراڻي جو وڏو مسلام هو، امرياہ گھراڻي جو وڏو يهوحنان هو،

14 ملڪو گھراڻي جو وڏو يونتن هو، سبنياہ گھراڻي جو وڏو يوسف هو،

15 حارم گھراڻي جو وڏو عدنا هو، مرايوت گھراڻي جو وڏو خلقي هو،

16 عدو گھراڻي جو وڏو زڪرياہ هو، جِنتون گھراڻي جو وڏو مسلام هو،

17 ابياہ گھراڻي جو وڏو زڪري هو، منيمين گھراڻو، موعدياہ گھراڻي جو وڏو فلطي هو،

18 بلجہ گھراڻي جو وڏو سموع هو، سمعياہ گھراڻي جو وڏو يهونتن هو،

19 يويريب گھراڻي جو وڏو متني هو، يدعياہ گھراڻي جو وڏو عزي هو،

20 سلي گھراڻي جو وڏو قلي هو، عموق گھراڻي جو وڏو عبر هو،

21 خلقياہ گھراڻي جو وڏو حسبياہ هو، ۽ يدعياہ گھراڻي جو وڏو نتني‌ايل هو.

22 الياسب، يويدع، يوحنان ۽ يدوع پنهنجي پنهنجي ڏينهن ۾ لاوي گھراڻن جا وڏا لکيا ويا. دارا فارسيءَ جي شهنشاهت ۾ ڪاهنن جي وڏن جو پڻ اندراج ڪيو ويو.

23 لاويءَ جي اولاد مان جيڪي گھراڻن جا وڏا هئا سي تواريخ جي ڪتاب ۾ يوحنان ولد الياسب جي ڏينهن تائين لکيل هئا.


هيڪل ۾ خدمتن جو انتظام

24 لاوين جا اڳواڻ حسبياہ، سيربياہ، يشوع، بنوي ۽ قدمي‌ايل هئا، جن جي اڳواڻيءَ هيٺ لاوي ٻن ٻن جي ٽولن ۾ خدا جي بندي دائود بادشاهہ جي ترڪيب موجب واکاڻ ۽ شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ هڪٻئي جي سامهون ٿي بيهندا هئا.

25 متنياہ، بقبوقياہ، عبدياہ، مسلام، طلمون ۽ عقوب هيڪل جا دربان هئا، جيڪي هيڪل جي دروازي وارن گدامن تي پهرو ڏيندا هئا.

26 يويقيم ولد يشوع ولد يوصدق جي ڏينهن ۾ ۽ نحمياہ گورنر ۽ عزرا ڪاهن، جيڪو شريعت جو عالم پڻ هو، تن جي ڏينهن ۾ اهي سڀيئي خدمت ڪندا هئا.


شهر جي ڀتين جو وقف ٿيڻ

27 يروشلم شهر جي ڀتين جي وقف ڪرڻ وقت لاوين کي سندن رهڻ وارن هنڌن تان ڳولي يروشلم ۾ آندو ويو، تہ جيئن هو يروشلم ۾ حاضر ٿي وقف ڪرڻ واري انهيءَ رسم کي خوشيءَ ۽ شڪرگذاريءَ سان ٽلين ۽ تارن وارا ساز وڄائيندي بجا آڻين.

28-29 لاوي ڳائڻن کي يروشلم جي آس‌پاس وارن علائقن مان، جتي هنن پنهنجا ڳوٺ ٻڌا هئا، اتان توڙي نطوفاتين جي ڳوٺن مان آڻي کين گڏ ڪيو ويو هو. هنن کي بيت‌جلجال، جِبع ۽ عزماوت مان پڻ آندو ويو.

30 جڏهن ڪاهن ۽ لاوي پاڻ کي پاڪ ڪري چڪا، تڏهن هنن عام ماڻهن، دروازن ۽ شهر جي ڀتين کي بہ پاڪ ڪيو.

31 تنهن کان پوءِ مون نحمياہ يهوداہ جي اڳواڻن کي ڀتين تي آندو ۽ ٻہ وڏيون ٽوليون پڻ شڪرگذاري ادا ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيم. انهن مان هڪڙي ٽوليءَ کي ڀتين تي ساڄي پاسي گند واري دروازي ڏانهن وڌڻو هو.

32 انهيءَ جي پٺيان هوسعياہ هليو ۽ ساڻس گڏ يهوداہ جي اڳواڻن مان اڌ جيترا هليا.

33-35 سندن پٺيان جيڪي ڪاهن شرنايون وڄائيندا پئي هليا سي هي هئا: عزرياہ، عزرا، مسلام، يهوداہ، بنيامين، سمعياہ ۽ يرمياہ. انهن جي پٺيان زڪرياہ ولد يونتن ولد سمعياہ ولد متنياہ ولد ميڪاياہ ولد زڪور هليو جيڪو آسف جي اولاد مان هو.

36 هن جي پٺيان سندس قبيلي وارا ساز وڄائيندڙ هر هڪ: سمعياہ، عزرايل، مللي، جِللي، ماعي، نتني‌ايل، يهوداہ ۽ حناني هئا. اهي ساز خدا جي بندي دائود بادشاهہ جا مقرر ڪيل هئا. شريعت جي عالم عزرا انهيءَ ٽولي جي اڳواڻي ٿي ڪئي.

37 چشمي واري در مٿان ڀت تي هلندا اُهي سڌو دائود جي شهر جي ڏاڪڻ تان چڙهي مٿينءَ ڀت تي پهتا ۽ دائود جي محل وٽان گذرندا اوڀر طرف پاڻيءَ واري دروازي تائين هليا ويا.

38 شڪرگذاري ڪندڙن جي ٻي ٽولي کاٻي پاسي واري ڀت تان رواني ٿي. آءٌ بہ اڌ ماڻهن سميت انهن جي پٺيان هلڻ لڳس. اسين ڀتين جي مٿان کورن واري ٺُلهہ کان ٿيندا ويڪري ڀت تائين هليا وياسين،

39 تان جو اسين افرائيم واري دروازي، پراڻي دروازي، مڇيءَ واري دروازي، حنن‌ايل ٺُلهہ ۽ سؤ نالي ٺُلهہ کان ويندي رڍن واري دروازي تائين سندن پٺيان وياسين. هيڪل جي پهريدارن واري دروازي وٽ هو بيهي رهيا.

40 اهڙيءَ طرح شڪرگذاري ڪندڙ ٻئي ٽوليون خدا جي گھر ۾ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بيهي رهيون. مون بہ اڌ ماڻهن سميت ائين ئي ڪيو.

41 جيڪي ڪاهن شرنايون وڄائيندا اسان سان گڏ بيهي رهيا سي هي هئا: الياقيم، معسياہ، منيمين، ميڪاياہ، اليوعيني، زڪرياہ ۽ حنانياہ.

42 ان کان علاوہ هي لاوي اسان سان گڏ هئا: معسياہ، سمعياہ، اليعزر، عزي، يهوحنان، ملڪياہ، عيلام ۽ عزر. ازرخياہ جي اڳواڻيءَ ۾ ڳائڻن وڏي آواز سان ڳايو ٿي.

43 انهيءَ ڏينهن تي ماڻهن خوشيون ڪندي وڏيون قربانيون پيش ڪيون، ڇو تہ خدا کين تمام وڏي خوشي عطا ڪئي هئي. عورتن ۽ ٻارن پڻ خوشي ملهائي. يروشلم ۾ خوشيءَ جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو.


هيڪل ۾ عبادت جو انتظام

44 انهيءَ ئي ڏينهن چندن لاءِ، پهريتن ڦرن لاءِ ۽ ڏهان حصا گڏ ڪرڻ لاءِ گودامن جا نگران مقرر ڪيا ويا. شهر جي آس‌پاس وارين ٻنين مان انهن کي اهي حصا آڻي گودامن ۾ رکڻا هئا، جيڪي شريعت موجب ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ مقرر هئا. ڪاهنن ۽ لاوين جي خدمت واري ڪم کان يهوداہ وارا خوش هئا،

45 ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي خدا جا فرض ۽ پاڪ ڪرڻ وارا فرض بجا آڻيندا هئا. هيڪل جي ڳائڻن ۽ دربانن بہ دائود ۽ سندس پٽ سليمان جي حڪم موجب پنهنجا فرض پورا ڪيا.

46 انهيءَ ڪري جو گھڻو وقت اڳي دائود بادشاهہ ۽ ڳائڻن جي اڳواڻ آسف جي ڏينهن ۾ خدا جي واکاڻ ۽ شڪرگذاريءَ جي عبادت لاءِ ڳائڻ وارن لاءِ هدايتڪار هوندا هئا.

47 اهڙيءَ طرح زربابل جي ڏينهن ۾ توڙي نحمياہ جي ڏينهن ۾ سڀ بني اسرائيل هيڪل جي ڳائڻن ۽ دربانن جي لاءِ روزانو جو حصو ڏيندا هئا. ماڻهو لاوين لاءِ حصو ڌار ڪري رکندا هئا ۽ لاوي وري ڪاهنن لاءِ حصو ڌار ڪندا هئا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan