نحمياہ 11 - Muslim Sindhi Bibleيروشلم جا نوان چونڊيل رهاڪو 1 يروشلم ۾ بني اسرائيل قوم جا اڳواڻ رهندا هئا. بني اسرائيل جي باقي گھراڻن لاءِ بہ ڪڻا وڌا ويا تہ جيئن منجھائن ڏهن ڪٽنبن مان هڪڙو پاڪ شهر يروشلم ۾ اچي رهي، جڏهن تہ باقي نَوَ ڪٽنب پنهنجن ئي شهرن ۾ رهن. 2 ان کان سواءِ جن ماڻهن پنهنجي رضا خوشيءَ سان يروشلم ۾ رهڻ قبول ڪيو، تن سڀني جي واکاڻ ڪئي ويئي. 3 ڪي ڪاهن، لاوي، هيڪل جا خدمتگار ۽ سليمان جي نوڪرن جو اولاد ۽ ڪجھہ ٻيا بني اسرائيل پنهنجين پنهنجين ملڪيتن تي يهوداہ جي مختلف شهرن ۾ رهندا هئا. يهوداہ جا جيڪي اڳواڻ پنهنجي پنهنجي گھراڻي سميت يروشلم ۾ رهندا هئا سي هي آهن. 4 يهوداہ قبيلي مان: عتاياہ ولد عُزياہ ولد زڪرياہ ولد امرياہ ولد سفطياہ ولد مهللايل جيڪو فارص ولد يهوداہ جي اولاد مان هو، 5 معسياہ ولد باروڪ ولد ڪلحوزہ ولد حزاياہ ولد عداياہ ولد يويريب ولد زڪرياہ جيڪو شلونيءَ ولد يهوداہ جي اولاد مان هو. 6 عتاياہ ۽ معسياہ اڳواڻن سان گڏ فارص جو اولاد، جيڪي يروشلم ۾ رهندا هئا سي جملي چار سؤ اٺهٺ جوڌا جوان هئا. 7 بنيامين قبيلي مان: سلو ولد مسلام ولد يوئيد ولد فداياہ ولد قولاياہ ولد معسياہ ولد ايتيايل ولد يسعياہ، 8 انهيءَ کان علاوہ سلوءَ جا مائٽ جبي ۽ سلي. انهيءَ قبيلي مان جملي نَو سؤ اٺاويهہ ڄڻا هئا. 9 يوايل ولد زڪري انهن جو سردار هو ۽ يهوداہ ولد هسنوہ شهر جي حاڪم جو نائب هو. 10 ڪاهنن مان: يدعياہ ولد يويريب، ياڪين 11 ۽ شراياہ ولد خلقياہ ولد مسلام ولد صدوق ولد مرايوت ولد اخيطوب جيڪو هيڪل ۾ سردار ڪاهن هو. 12 هن گھراڻي مان جيڪي هيڪل جو ڪم ڪار ڪندا هئا، سي اٺ سؤ ٻاويهہ ڄڻا هئا. انهن کان علاوہ عداياہ ولد يروحام ولد فللياہ ولد امضي ولد زڪرياہ ولد فشحور ولد ملڪياہ هو. 13 هن جي گھراڻي مان جيڪي ڪٽنبن جا وڏا پڻ هئا، سي ٻہ سؤ ٻائيتاليهہ ڄڻا هئا. انهن کان علاوہ امشي ولد عزرايل ولد اخسي ولد مسيلموت ولد امير هو. 14 هن جي گھراڻي مان همت ڀريا بهادر جملي هڪ سؤ اٺاويهہ ڄڻا هئا. سندن سالار زبديايل ولد هجدوليم هو. 15 لاوين مان: سمعياہ ولد حسوب ولد عزريقام ولد حسبياہ ولد بني، 16 سبتي ۽ يوزباد جيڪي لاوين جا وڏا هئا ۽ هيڪل جي ٻاهرين ڪم ڪار جي نگراني ڪندا هئا، 17 متنياہ ولد ميڪا ولد زبدي جيڪو آسف جي اولاد مان هو ۽ متنياہ جيڪو شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ ڳائڻن جي اڳواڻي ڪندو هو، بقبوقياہ جيڪو پنهنجي ساٿين مان متنياہ کان پوءِ ٻئي نمبر تي هو ۽ عبدا ولد سموع ولد جلال جيڪو يدوتون جي اولاد مان هو. 18 يروشلم جي پاڪ شهر ۾ جملي ٻہ سؤ چوراسي لاوي رهندا هئا. 19 عقوب ۽ طلمون جي اڳواڻيءَ ۾ هيڪل جي دروازن تي جيڪي پهريدار مقرر هئا سي هڪ سؤ ٻاهتر ڄڻا هئا. 20 بني اسرائيل جا باقي ماڻهو، جن ۾ ڪاهن ۽ لاوي بہ شامل هئا، سي يهوداہ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پنهنجين پنهنجين اباڻي ملڪيتن تي رهندا هئا. 21 هيڪل جا خدمتگار يروشلم ۾ عوفل ٽڪريءَ تي رهندا هئا ۽ ضيحا ۽ جِسفا مٿن نگران مقرر هئا. 22 يروشلم ۾ لاوين جو نگران عزي ولد باني ولد حسبياہ ولد متنياہ ولد ميڪا هو. عزي آسف جي اولاد مان هو جيڪي ڳائڻا هئا ۽ هيڪل ۾ ڳائڻ جي خدمت سندن ذمي هئي. 23 ڳائڻا شاهي حڪم هيٺ هر روز ڳائڻ لاءِ مقرر حڪم تي عمل ڪندا هئا. 24 فتحياہ ولد مشيزبيل جيڪو زارح ولد يهوداہ جي اولاد مان هو، سو عوامي مسئلن لاءِ شهنشاهہ جو مشير مقرر هو. ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهڻ وارا 25 ڪيترائي ماڻهو پنهنجي ٻنين جي ويجھو شهرن ۾ رهندا هئا. يهوداہ قبيلي وارا هنن هنڌن تي رهندا هئا: قريت اربع شهر ۽ ان جي آسپاس وارا ڳوٺ، ديبون شهر ۽ ان جي آسپاس وارا ڳوٺ، يقبضيايل شهر ۽ ان جي آسپاس وارا ڳوٺ، 26 يشوع، مولادہ، بيتفلط 27 ۽ حصرسوعال شهرَ ۽ بيرسبع شهر ۽ ان جي آسپاس وارا ڳوٺ، 28 صِقلاج شهر، مقوناہ شهر ۽ ان جي آسپاس وارا ڳوٺ، 29 عينرمون، صارعاہ، يارموت، 30 زانوح، عدلام شهرَ ۽ انهن جي آسپاس وارا ڳوٺ، لڪيس شهر ۽ ان جي آسپاس واريون ٻنيون، عزيقہ شهر ۽ ان جا ڳوٺ. اهڙيءَ طرح هو بيرسبع کان وٺي هنوم جي ماٿريءَ تائين آباد هئا. 31 بنيامين قبيلي وارا هنن هنڌن تي رهندا هئا: جِبع، مڪماس، عئي شهرَ، بيتايل شهر ۽ ان جي آسپاس وارا ڳوٺ، 32 عنتوت، نوب، عننياہ، 33 حاصور، رامہ، جتيم، 34 حاديد، ضبوعيم، نبلات، 35 لود، اونو شهرَ ۽ خراسيم ماٿري. 36 لاوين مان جيڪي يهوداہ ۾ رهندا هئا، سي بني بنيامين سان رهڻ لڳا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society