نحمياہ 1 - Muslim Sindhi Bibleنحمياہ جي دعا 1 هي نحمياہ ولد حڪلياہ جون ڳالهيون آهن. فارس جي بادشاهہ ارتخششتا جي شهنشاهيءَ جي ويهين سال جي ڪِسليوِ واري مهيني ۾، جڏهن آءٌ نحمياہ عيلام صوبي جي گاديءَ واري شهر سوسن جي قلعي ۾ هئس، 2 تڏهن منهنجي ڀائرن مان حناني نالي هڪ ڀاءُ ڪن ٻين ماڻهن سان گڏجي يهوداہ ملڪ مان آيو. مون انهن کان يروشلم ۽ انهن يهودين بابت پڇا ڪئي، جيڪي بابل ڏانهن جلاوطن ٿيڻ کان بچي ويا هئا. 3 انهن مون کي ٻڌايو تہ ”جيڪي بابل ڏانهن جلاوطن ٿيڻ کان بچي ويا هئا، سي ڏاڍي ڏک ۽ ذلت ۾ آهن. يروشلم جون ڀتيون اڃا ڀڳل آهن ۽ سندس دروازا اڃا سڙيل آهن.“ 4 جڏهن مون اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن ويهي روئڻ لڳس. ڪيترائي ڏينهن آءٌ روئندو رڙندو رهيس ۽ ڪجھہ بہ کاڌم پيتم ڪونہ. مون خداوند، عرش عظيم جي خدا کان دعا گھري تہ 5 ”اي خداوند خدا! عظيم ۽ هيبت وارا خدا! تون انهن سان پنهنجو عهد قائم رکندي ساڻن لافاني شفقت ٿو ڪرين، جيڪي تو سان محبت ٿا ڪن ۽ تنهنجي فرمانبرداري ڪن ٿا. 6 اي منهنجا خداوند! مون تي پنهنجي رحم جي نظر ڪر ۽ ڪن ڏيئي منهنجي دعا ٻڌ، جيڪا آءٌ ڏينهن رات تنهنجي ٻانهن بني اسرائيل لاءِ گھرندو ٿو رهان. آءٌ پنهنجي طرفان، پنهنجي پيءُ جي گھراڻي طرفان ۽ بني اسرائيل جي طرفان اهي گناهہ باسيان ٿو، جيڪي اسان ڪيا آهن. 7 اسان تنهنجي خلاف ڏاڍي خراب هلت ڪئي آهي ۽ جيڪي حڪم ۽ قاعدا قانون تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي معرفت ڏنا هئا تن جي بجاآوري نہ ڪئي اٿئون. 8 تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي جيڪي فرمايو هو، سو ياد ڪر. تو چيو هو تہ ’جيڪڏهن اوهين بني اسرائيل گناهہ ڪندا تہ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏي ڏيندس. 9 پر جيڪڏهن اوهين مون آڏو توبهہتائب ٿيندا ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ پوءِ جيڪي اوهان مان توڙي جو ڌرتيءَ جي آخري ڇيڙي تي بہ جلاوطن ٿي ويا هوندا تہ آءٌ انهن کي اتان آڻي انهيءَ هنڌ گڏ ڪندس، جيڪو هنڌ مون پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي.‘ 10 سو، اي خداوند! اهي تنهنجا ٻانها ۽ تنهنجي ئي قوم آهن، جن کي تو پنهنجي وڏي طاقت ۽ پنهنجي زورآور هٿ سان ڇڏايو آهي. 11 تنهنڪري تون پنهنجي هن ٻانهي جي دعا ٻڌ ۽ پنهنجي انهن ٻانهن جي دعا ڏانهن بہ ڪن ڏي، جيڪي تنهنجي نالي جي تعظيم ڪري خوش ٿيندا آهن. مهرباني ڪري هاڻي مون کي ڪامياب ڪر ۽ بادشاهہ جي دل ۾ منهنجي لاءِ رحم وجھہ.“ تن ڏينهن ۾ آءٌ بادشاهہ جو ساقي هئس. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society