Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ناحوم 2 - Muslim Sindhi Bible


نينواہ جي زوال جي اڳڪٿي

1 اي نينواہ! تون ڀلي پنهنجي قلعي جي حفاظت ڪر، ۽ رستي ڏانهن نظر رک، تون ڀلي پنهنجو سندرو ٻڌي تيار ٿيءُ، ۽ پنهنجي سموري طاقت هڪ هنڌ جمع ڪر. مگر تون بچي نہ سگھندين، ڇو تہ تو کي تباهہ ڪندڙ تو ڏانهن وڌندو ٿو اچي.

2 پر يقيناً خداوند بني اسرائيل جون رونقون اڳي وانگر وري بحال ڪندو، توڙي جو تباهي ڪندڙن کين ويران ڪري ڇڏيو آهي، ۽ سندن شاخون وڍي ڇڏيون آهن.

3 اي نينواہ! تنهنجي دشمنن جا لشڪر حملو ڪرڻ وارا آهن، هنن جون ڍالون ڳاڙهيون آهن، ۽ سندن جنگي جوانن کي ڳاڙهي پوشاڪ پهريل آهي. سندن جنگي گھوڙي گاڏين تي لڳل فولاد شعلي جيان چمڪندڙ آهي، ۽ هنن جا نيزا اُڀا ٿيل آهن.

4 هنن جون جنگي گھوڙي گاڏيون ڇوهہ مان رستن تي ڊوڙن ٿيون، چونڪن وٽان هيڏانهن هوڏانهن اچن وڃن ٿيون. اهي گاڏيون ڏسڻ ۾ ٻرندڙ مشعل وانگر آهن، ۽ وڄ وانگر چمڪن ٿيون.

5 لشڪر جا چونڊ سالار حملي ڪرڻ لاءِ سڏايا وڃن ٿا، اهي جوش وچان ڪاهيندي ٿاٻڙجيو ٿا پون. اهي جلدي جلدي مٿي چڙهڻ لاءِ ڪوٽ جي لڳولڳ دِڪا ٺاهين ٿا.

6 جڏهن دريائن جا بند ٽوڙيا ٿا وڃن، تڏهن محلاتن ۾ هيبت ۽ ڏهڪاءُ ٿو پکڙجي وڃي.

7 اتي جي راڻيءَ کي بي‌حرمتو ڪري ۽ قيدي بڻائي نيو وڃي ٿو. راڻيءَ جون ٻانهيون ڳيرين وانگر روئندي ماتم ڪن ٿيون، ۽ پنهنجيون ڇاتيون پٽين ٿيون.

8 نينواہ انهيءَ تلاءَ مثل آهي، جنهن جو پاڻي ٻاهر وهندو ٿو وڃي. کين پڪاري چيو وڃي ٿو تہ ”بيهو! بيهو!“ تہ بہ ڀڄندا ٿا وڃن ۽ پوئتي ڪونہ ٿا ڏسن.

9 چيو وڃي ٿو تہ ”چاندي لٽيو، سون لٽيو، دولت جي ڪا کوٽ ڪونهي ۽ نہ خزانو کٽڻ جو آهي.“

10 هاڻي شهر لٽيو ڦريو ويو آهي ۽ خالي ڪيو ويو آهي! شهر وارن جون دليون هارجي ويون آهن ۽ ٽنگن ۾ ڏڪڻي اٿن، جسم ۾ ڪنبڻي اٿن ۽ منهن ڦڪا ٿي ويا اٿن.

11 هاڻ انهن شينهن جي غار ڪٿي آهي، جتي هو پنهنجن ٻچن سميت رهندا آهن؟ هائو، اها جاءِ ڪٿي آهي، جتي هو پنهنجن ٻچن کي کارائيندا آهن، ۽ جتي کين ڪوبہ خوف نہ هوندو آهي؟

12 شينهَن پنهنجن ٻچڙن جي کاڌي لاءِ گھڻن ئي کي ماريو آهي، ۽ پنهنجين مادين لاءِ گھڻو ئي شڪار ڪيو اٿن، هنن پنهنجي غار ۽ چُر شڪار سان ڀري ڇڏيون آهن.

13 قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي نينواہ! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ تنهنجيون گھوڙي گاڏيون ساڙي رک ڪري ڇڏيندس ۽ تنهنجا شينهن جهڙا جوان تلوار سان ماري ڇڏيندس. آءٌ تنهنجو ڪيل شڪار تو کان کسيندس. تنهنجي پاران ڌمڪي ڏيندڙن جو آواز اڳتي ٻڌڻ ۾ ئي نہ ايندو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan