مرقس 9 - Muslim Sindhi Bible1 عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي ڪي اهڙا شخص بہ بيٺل آهن جيڪي جيستائين خدا جي بادشاهيءَ کي قدرت سان ايندي نہ ڏسندا، تيستائين موت جو ذائقو نہ چکندا.“ عيسيٰ مسيح جو نوراني صورت ۾ بدلجي پوڻ ( متي 17:1-13 ، لوقا 9:28-36 ) 2 ڇهن ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي هڪ مٿاهين جبل تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو. تڏهن انهن جي ڏسندي ڏسندي عيسيٰ جي صورت بدلجي پيئي. 3 سندس پوشاڪ اهڙي سفيد تجليدار ٿي پيئي جو ڌرتيءَ جو ڪوبہ ڌوٻي پوشاڪ کي اهڙو سفيد ڪري نہ سگھي. 4 پوءِ انهن موسيٰ ۽ الياس نبيءَ کي ڏٺو، جيڪي عيسيٰ سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا. 5 تنهن تي پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”استاد! اها اسان جي خوشنصيبي آهي جو اسين هتي آهيون. اسين هتي ٽي تنبو ٿا کوڙيون هڪ اوهان لاءِ، هڪ موسيٰ لاءِ ۽ هڪ الياس لاءِ.“ 6 پطرس کي خبر نہ پئي پوي تہ هو ڇا پيو چوي، ڇو تہ هو ۽ ٻيا شاگرد ڏاڍا ڊڄي ويا هئا. 7 ايتري ۾ هڪڙي ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو هڪڙو ئي پيارو فرزند آهي. سو هن جي ڌيان سان ٻڌو.“ 8 تڏهن انهن شاگردن جلدي هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، پر کين عيسيٰ کان سواءِ اتي ٻيو ڪوبہ نظر نہ آيو. 9 پوءِ جڏهن هو جبل تان هيٺ پئي لٿا تہ عيسيٰ کين تاڪيد ڪيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ سو تيستائين ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو جيستائين ابنِ آدم موت کان پوءِ وري جيئرو نہ ٿئي.“ 10 انهن عيسيٰ جو حڪم تہ مڃيو پر پاڻ ۾ هن معاملي تي بحث ڪرڻ لڳا تہ ”موت کان پوءِ جيئرو ٿيڻ جو مطلب ڇا آهي؟“ 11 تڏهن شاگردن کانئس پڇيو تہ ”شريعت جا عالم ڇو ٿا چون تہ مسيح جي اچڻ کان پهريائين الياس نبيءَ جو اچڻ ضروري آهي؟“ 12 تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”برابر، اهو پهريائين ايندو ۽ ماڻهن کي بحال ڪندو. تڏهن بہ پاڪ ڪلام ۾ ڇا هيئن بہ لکيل نہ آهي تہ ابنِ آدم گھڻيون سختيون سهندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟ 13 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ الياس اچي چڪو، پر ماڻهن کي جيئن وڻيو تيئن ئي ساڻس سلوڪ ڪيائون، جيئن هن بابت پاڪ ڪلام ۾ اڳڪٿي ڪيل آهي.“ ڇوڪر مان ڀوت ڪڍڻ ( متي 17:14-21 ، لوقا 9:37-43 ) 14 جڏهن عيسيٰ پنهنجي ٽنهي شاگردن سان گڏ ٻين شاگردن ڏانهن موٽي اچي رهيو هو تڏهن ڏٺائين تہ انهن جي چوڌاري ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ لڳو پيو آهي ۽ شريعت جا ڪي عالم انهن سان بحث ڪري رهيا آهن. 15 عيسيٰ کي ايندو ڏسندي ئي سڀ ماڻهو خوشيءَ وچان ”واہ! واہ!“ ڪرڻ لڳا ۽ ڊوڙي وڃي سندس آڌرڀاءُ ڪيائون. 16 عيسيٰ انهيءَ ميڙ کان پڇيو تہ ”اوهين منهنجي شاگردن سان ڪهڙيءَ ڳالهہ تي بحث ڪري رهيا آهيو؟“ 17 تنهن تي ميڙ مان هڪڙي ماڻهوءَ وراڻيو تہ ”اي استاد! مون پنهنجو پٽ اوهان وٽ آندو آهي، ڇاڪاڻ تہ منجھس هڪ ڀوت آهي جنهن ڪري ڳالهائي بہ نہ ٿو سگھي. 18 جڏهن بہ ڀوت وٺيس ٿو تہ کيس پٽ تي ڪيرائي ٿو ۽ وات مان گِگَ ڪڍيس ٿو. ان وقت هو ڏند ڪرٽي ٿو ۽ بدن بہ سيٽجي سيخ ٿي وڃيس ٿو. مون اوهان جي شاگردن کي چيو تہ ’هن مان اهو ڀوت ڪڍو.‘ پر اهي ڪڍي نہ سگھيا.“ 19 عيسيٰ چين تہ ”اي بييقين قوم! آءٌ اوهان سان ڪيستائين هوندس ۽ ڪيستائين آءٌ اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟ هاڻي ڇوڪري کي مون وٽ آڻيو.“ 20 انهن ڇوڪري کي وٽس آندو. عيسيٰ کي ڏسندي ئي ڀوت ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ ڇوڪرو پٽ تي ڪري ليٿڙڻ لڳو ۽ وات مان گِگَ پئي وهيس. 21 عيسيٰ ڇوڪري جي پيءُ کان پڇيو تہ ”ڪيتري عرصي کان هن جو هي حال آهي؟“ هُن جواب ڏنو تہ ”ننڍي هوندي کان وٺي. 22 ڀوت ڇوڪري کي مارڻ جي ڪوشش بہ پئي ڪئي آهي، ڇو تہ ڪيترائي دفعا کيس باهہ ۽ پاڻيءَ ۾ اڇلايو اٿس. هاڻي جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا تہ اسان تي ترس کائي اسان جي مدد ڪريو.“ 23 عيسيٰ هن کي چيو تہ ”تنهنجي هنن لفظن تہ ’جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا،‘ جو مطلب ڇا آهي؟ ياد رک، جيڪو بہ خدا تي ايمان رکي ٿو تنهن لاءِ سڀ ڪجھہ ٿي سگھي ٿو.“ 24 تنهن تي ڇوڪري جي پيءُ هڪدم واڪو ڪري چيو تہ ”آءٌ ايمان رکان ٿو، پر جيڪڏهن منهنجو ايمان ڪامل نہ آهي تہ بہ مدد ڪريو.“ 25 عيسيٰ ڏٺو تہ ميڙ ڀيڙ ڪندو ٿو اچي، سو ڀوت کي حڪم ڏنائين تہ ”اي ٻوڙو ۽ گونگو ڪرڻ وارا ڀوت! آءٌ تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ ڇوڪري مان هڪدم نڪري وڃ ۽ وري ڪڏهن بہ موٽي نہ اچجانءِ.“ 26 تنهن تي ڀوت رڙيون ڪري ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ منجھانئس نڪري ويو. تڏهن ڇوڪرو مُڙدي جهڙو ٿي پيو ۽ گھڻن تہ ائين پئي سمجھيو تہ هو مري ويو آهي. 27 پر عيسيٰ کيس هٿ کان وٺي اُٿاريو تہ هو اُٿي کڙو ٿيو. 28 جڏهن عيسيٰ گھر پهتو تہ سندس شاگردن اڪيلائيءَ ۾ پڇيس تہ ”اسين هن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسين؟“ 29 عيسيٰ وراڻيو تہ ”اهڙي قسم جي ڀوت کي دعا کان سواءِ ٻئي ڪنهن بہ نموني ڪڍي نہ سگھبو آهي.“ ٻيو دفعو پنهنجي موت بابت ٻڌائڻ ( متي 17:22-23 ، لوقا 9:43-45 ) 30 هو اتان اُٿي هليا ۽ گليل علائقي منجھان گذري ويا. عيسيٰ نہ ٿي چاهيو تہ سندس اچڻ جي ڪنهن کي بہ خبر پوي، 31 ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي شاگردن کي تعليم ڏيندي ٻڌايو پئي تہ ”ابنِ آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس ماريندا ۽ ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ٿي اٿندو.“ 32 پر اهي عيسيٰ جي انهيءَ ڳالهہ جو مطلب سمجھي نہ سگھيا ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي. وڏو ڪير؟ ( متي 18:1-5 ، لوقا 9:46-48 ) 33 عيسيٰ ۽ سندس شاگرد ڪفرناحوم شهر ۾ آيا. پوءِ جڏهن اهي هڪڙي گھر ۾ پهتا، تڏهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن کان پڇيو تہ ”رستي تي اوهان ڪهڙي ڳالهہ تي بحث پئي ڪيو؟“ 34 پر هنن ڪڇيو ئي ڪين، ڇاڪاڻ تہ رستي تي هنن پاڻ ۾ هن ڳالهہ تي بحث پئي ڪيو تہ منجھن سڀ کان وڏو ڪير آهي. 35 پوءِ عيسيٰ ويهي رهيو ۽ ٻارهن ئي شاگردن کي سڏي چيائين تہ ”جيڪڏهن ڪو اڳيان ٿيڻ چاهي، تہ هو سڀني کان پويان ٿئي ۽ سڀني جو خادم ٿئي.“ 36 تڏهن هن هڪڙو ننڍو ٻار کڻي اڳيان بيهاريو ۽ کيس ڀاڪر پائي شاگردن کي چيائين تہ 37 ”جيڪو منهنجي ڪري اهڙن ٻارن مان ڪنهن بہ هڪڙي کي قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جنهن مون کي قبول ڪيو، تنهن نہ رڳو مون کي بلڪ خدا کي بہ قبول ڪيو جنهن مون کي موڪليو آهي.“ مخالف ۽ طرفدار ڪير؟ ( لوقا 9:49-50 ) 38 پوءِ يوحنا عيسيٰ کي چيو تہ ”اي استاد! اسان هڪ اهڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو اوهان جي نالي تي ڀوت ڪڍي رهيو هو. اسان هن کي منع ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هو اسان جي ٽولي مان نہ هو.“ 39 تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”هن کي منع نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جيڪو منهنجي نالي تي معجزو ڪري ۽ پوءِ جلد ئي منهنجي گلا ڪري سگھي. 40 جيڪو بہ اسان جي خلاف نہ آهي سو اسان جي پاسي آهي. 41 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوهان کي پاڻيءَ جو پيالو انهيءَ لاءِ ٿو پيئاري تہ اوهين مسيح جا آهيو، تنهن کي پنهنجو اجر ضرور ملندو.“ گمراهيءَ کان پاڻ کي بچايو ( متي 18:6-9 ، لوقا 17:1-2 ) 42 ”انهن سادن سٻاجھن پوئلڳن جن جو مون تي ايمان آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو گمراهہ ڪري ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين هو جو انهيءَ کان اڳ ۾ ئي سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي ها. 43-44 جيڪڏهن تنهنجو هٿ تو کي گمراهہ ڪري، تہ پنهنجو اهو هٿ ڪپي ڇڏ، ڇو تہ ٻنهي هٿن سان دوزخ جي هميشہ ٻرندڙ باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ ٽُنڊي هٿ سان دائمي زندگيءَ ۾ داخل ٿئين. 45-46 جيڪڏهن تنهنجو پير تو کي گمراهہ ڪري تہ اهو پير ڪپي ڇڏ، ڇو تہ دوزخ ۾ ٻنهي پيرن سان داخل ٿيڻ کان اهو بهتر آهي تہ دائمي زندگيءَ ۾ منڊو وڃين. 47 جيڪڏهن تنهنجي اک تو کي گمراهہ ڪري تہ اها اک ڪڍي ڇڏ، ڇو تہ ٻن اکين سان دوزخ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿئين. 48 جيڪي دوزخ ۾ پيل آهن تن کي ڪينئان هميشہ کائيندا رهن ٿا ۽ اتي باهہ هميشہ ٻرندي رهي ٿي. 49 ياد رکو، هر ماڻهو هِن دنيا ۾ بہ ڄڻ تہ باهہ سان پاڪ صاف ڪيو ويندو، جهڙيءَ طرح قرباني لوڻ سان پاڪ صاف ڪئي وڃي ٿي. 50 سو لوڻ چڱي شيءِ آهي، پر جيڪڏهن انهيءَ مان لوڻياٺ ئي نڪري وڃي تہ پوءِ ان کي ڇا سان وري لوڻياٺو ڪري سگھبو؟ تنهنڪري پاڻ ۾ لوڻ واري خاصيت رکو ۽ هڪٻئي سان صلح ۾ رهو.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society