مرقس 8 - Muslim Sindhi Bibleچار هزار ماڻهن کي ماني کارائڻ ( متي 15:32-39 ) 1 هڪڙي ڏينهن وري ماڻهن جو وڏو ميڙ اچي گڏ ٿيو. انهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجھہ بہ ڪونہ هو. تنهن تي عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ چيائين تہ 2 ”مون کي هنن ماڻهن تي ڏاڍو ترس ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ هي ٽن ڏينهن کان وٺي مون سان گڏ آهن ۽ هاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي کائين. 3 سو جيڪڏهن آءٌ انهن کي پنهنجن گھرن ڏانهن بکئي پيٽ ٿو موڪليان تہ اهي رستي تي ساڻا ٿي پوندا، ڇاڪاڻ تہ انهن مان ڪيترائي پري کان آيل آهن.“ 4 شاگردن وراڻيس تہ ”هتي ويران هنڌ تي ايتري ماني ڪٿان اچي جو هنن ماڻهن جو پيٽ ڀرجي؟“ 5 عيسيٰ شاگردن کان پڇيو تہ ”اوهان وٽ ڪيتريون مانيون آهن؟“ انهن وراڻيو تہ ”ست.“ 6 تڏهن هن ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويهي رهو.“ پوءِ هن اهي ست ئي مانيون هٿن تي کڻي انهن ۾ خدا کان برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ جيئن اهي ماڻهن کي کائڻ لاءِ ڏيندا وڃن. شاگردن ائين ئي ڪيو. 7 انهن وٽ ٿوريون ڪُرڙيون بہ هيون، تن تي بہ برڪت گھري شاگردن کي ڏنائين ۽ چيائين تہ ”اهي بہ کڻي ماڻهن کي ڏيو.“ 8 سو انهن تہ کائي ڍءُ ڪيو، تڏهن بہ ٽڪر ڳڀا ايترا تہ بچيا جو شاگردن ست کاريون ڀريون. 9 اهي اٽڪل چار هزار ماڻهو هئا. پوءِ عيسيٰ انهن کي موڪل ڏني 10 ۽ پاڻ پنهنجي شاگردن سميت ٻيڙيءَ ۾ چڙهي دلمنوٿا جي علائقي ڏانهن ويو. ثابتيءَ لاءِ نشانيءَ جي گھُر ( متي 16:1-4 ) 11 اتي ڪي فريسي عيسيٰ وٽ آيا ۽ کيس آزمائڻ لاءِ ساڻس بحث ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اسان کي ثابتيءَ لاءِ ڪا آسماني نشاني ڏيکار.“ 12 تنهن تي هن ٿڌو ساهہ کڻي چيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو نشاني ڇو ٿا گھرن؟ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن زماني جي ماڻهن کي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.“ 13 پوءِ هو انهن کي ڇڏي شاگردن سميت وري ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو ۽ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر وڃڻ لڳو. فريسين ۽ هيروديس وارن جو خمير ( متي 16:5-12 ) 14 ان وقت شاگردن کي مانيون کڻڻ وسري ويون ۽ ٻيڙيءَ ۾ هڪڙي مانيءَ کان سواءِ انهن وٽ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونہ هو. 15 عيسيٰ چين تہ ”ڏسو، هوشيار ٿجو، متان فريسين ۽ هيروديس جي خمير ۾ ڦاسجي پئو.“ 16 تنهنڪري هو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”هن اسان کي اهو انهيءَ ڪري چيو جو اسان وٽ ماني ڪونهي.“ 17 عيسيٰ سندن ڳالهہ سمجھي ويو ۽ چيائين تہ ”ڇو ٿا پاڻ ۾ بحث ڪريو تہ اسان وٽ ماني ڪونهي؟ ڇا اوهين اڃا تائين نہ ٿا ڄاڻو ۽ سمجھو؟ ڇا اوهان جا دماغ ايترا چٽ آهن؟ 18 ڇا اکين هوندي بہ ڏسي نہ ٿا سگھو ۽ ڪنن هوندي بہ ٻڌي نہ ٿا سگھو؟ ڇا اوهان کي اهي ڳالهيون ياد نہ آهن 19 جڏهن مون پنج مانيون ڀڃي پنج هزار ماڻهن کي ڏنيون تہ ان وقت اوهان ڪيتريون کاريون اوبر جي بچيل ٽڪرن جون ڀري کنيون هيون؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ٻارهن کاريون.“ 20 عيسيٰ ٻيهر پڇين تہ ”وري جڏهن مون ست مانيون چار هزار ماڻهن ۾ ورهائي پوريون ڪيون هيون تہ اوهان ان وقت اوبر جي ٽڪرن جون ڪيتريون کاريون ڀريون هيون؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ست کاريون.“ 21 تڏهن عيسيٰ چين تہ ”پوءِ اڃا بہ اوهين نہ ٿا سمجھو.“ بيتصيدا ۾ انڌي کي شفا ڏيڻ 22 پوءِ هو بيتصيدا ۾ آيا. اتي ڪي ماڻهو هڪ انڌي کي عيسيٰ وٽ وٺي آيا ۽ منٿون ڪيائونس تہ ”هن کي هٿ لايو.“ 23 عيسيٰ انهيءَ انڌي ماڻهوءَ کي هٿ کان وٺي ڳوٺ کان ٻاهر وٺي ويو. اتي هن انڌي ماڻهوءَ جي اکين تي لٻ لائي پنهنجا هٿ گھمايا ۽ پڇيائينس تہ ”ڇا تون ڪا شيءِ ڏسي سگھين ٿو؟“ 24 انڌي ماڻهوءَ مٿي نهاري چيو تہ ”مون کي ماڻهو گھمندي نظر اچن ٿا، پر اهي وڻن وانگر لڳن ٿا.“ 25 تنهن تي عيسيٰ وري پنهنجا هٿ هن جي اکين تي گھمايا. پوءِ هو غور سان ڏسڻ لڳو تہ سندس نظر بحال ٿي ويئي ۽ هو ڏورانهيون شيون بہ چٽيون ڏسڻ لڳو. 26 پوءِ عيسيٰ کيس حڪم ڏنو تہ ”سڌو گھر وڃ ۽ ڳوٺ ۾ ڪنهن سان بہ اها ڳالهہ نہ ڪجانءِ.“ پطرس جو عيسيٰ مسيح بابت اظهار ( متي 16:13-20 ، لوقا 9:18-21 ) 27 پوءِ عيسيٰ ۽ سندس شاگرد قيصريہ فلپي شهر جي ويجھن ڳوٺن ڏانهن ويا. رستي تي هن شاگردن کان پڇيو تہ ”ماڻهو منهنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ 28 انهن وراڻيو تہ ”ڪي ماڻهو چون ٿا تہ اوهين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ الياس نبي آهيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ ٻين نبين مان ڪوبہ هڪ آهيو.“ 29 پوءِ عيسيٰ وري پڇين تہ ”اوهين منهنجي لاءِ ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ تنهن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”اوهين مسيح آهيو.“ 30 تڏهن عيسيٰ کين تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اهو ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو.“ عيسيٰ مسيح جو پنهنجي تڪليفن ۽ موت بابت ٻڌائڻ ( متي 16:21-28 ، لوقا 9:22-27 ) 31 عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي تعليم ڏيندي چيو تہ ”ابنِ آدم لاءِ ضروري آهي تہ هو گھڻيون سختيون سهي، سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن کان رد ڪيو وڃي، کيس ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيئرو ٿي اُٿي.“ 32 عيسيٰ هي ڳالهيون کولي کولي چيون. تنهن تي پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ انهن ڳالهين بابت جھڻڪيون ڏيڻ لڳس. 33 عيسيٰ ڦري شاگردن ڏانهن منهن ڪري پطرس کي جھڻڪيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون خدا جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“ 34 پوءِ عيسيٰ ميڙ کي پنهنجي شاگردن سميت ويجھو اچڻ لاءِ سڏيو ۽ چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ اهو پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان هلي. 35 ڏسو، جيڪو چاهي ٿو تہ پنهنجي جان بچائي سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي واسطي ۽ منهنجي خوشخبريءَ جي واسطي پنهنجي جان وڃائيندو سو اها بچائيندو. 36 ڀلا، ڪنهن ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو جو هو سڄي دنيا تہ هٿ ڪري پر پنهنجي جان وڃائي ڇڏي؟ 37 ماڻهو ڪجھہ بہ ڏيئي پنهنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي. 38 جيڪڏهن ڪو هن گمراهہ ۽ بڇڙي زماني ۾ مون کان ۽ منهنجي ڳالهين کان شرمائيندو تہ ابنِ آدم بہ ان کان شرمائيندو، جڏهن هو پنهنجي پيءُ جي جلوي ۾ پاڪ ملائڪن سان گڏ ايندو.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society