Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مرقس 7 - Muslim Sindhi Bible


وڏن جون ريتون رسمون
( متي 15‏:1‏-9 )

1 هڪ دفعي يروشلم کان ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم عيسيٰ وٽ اچي گڏ ٿيا.

2 انهن ڏٺو تہ عيسيٰ جا ڪي شاگرد پنهنجا هٿ ڌوئي پاڪ ڪرڻ کان سواءِ ئي پليت هٿن سان ماني کائين ٿا پيا.

3 جڏهن تہ فريسي ۽ سڀ يهودي پنهنجن وڏن جي ريتن رسمن موجب، جيستائين پنهنجا هٿ پنهنجي خاص نموني سان نہ ڌوئن تيستائين نہ کائيندا آهن

4 ۽ جڏهن بازار کان اچن تڏهن جيستائين نہ وهنجن تيستائين ڪين کائيندا آهن. انهن وٽ ٻيون بہ گھڻيون ريتون رسمون آهن، جهڙوڪ: پيالن، لوٽن، پتل جي ٿانوَن ۽ بسترن کي ڌوئڻ.

5 سو انهن فريسين ۽ شريعت جي عالمن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”تنهنجا شاگرد وڏن جي مذهبي ريتن رسمن موجب ڇو نہ ٿا هلن ۽ پليت هٿن سان ڇو ٿا ماني کائين؟“

6 تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”خدا اوهان رياڪارن بابت يسعياہ نبيءَ جي معرفت ڪيترو نہ صحيح فرمايو آهي تہ ’هي ماڻهو پنهنجي زبان سان تہ مون کي عزت ڏين ٿا، پر دل سان نہ ٿا چاهين.

7 هو منهنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ هو ماڻهن جا حڪم ائين ٿا سيکارين ڄڻ تہ اهي مون خدا جا حڪم آهن.‘“

8 عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين خدا جا حڪم ڇڏي انساني ريتن رسمن ۾ ڦاسي پيا آهيو.

9 اوهين پنهنجين ريتن رسمن کي پوري ڪرڻ خاطر خدا جي حڪمن کي ڪيئن نہ پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو.

10 مثال طور موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تہ ’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو‘ ۽ ’جيڪو پنهنجي ماءُ يا پيءُ جي گلا ڪري تنهن کي اڦٽ ماريو وڃي.‘

11 پر اوهين ماڻهن کي سيکاريو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪا شيءِ آهي جنهن سان هو پنهنجي ماءُ پيءُ جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر هن اها ”قربان،“ يعني خدا جي نذر ڪري ڇڏي آهي،

12 تہ پوءِ هو ماءُ پيءُ جي گھرج پوري ڪرڻ کان ڇٽي وڃي ٿو.‘

13 اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجين ريتن رسمن سان خدا جو ڪلام رد ٿا ڪريو. اهڙي نموني ٻيون بہ ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي اوهين ڪريو ٿا.“


انسان کي پليت ڪرڻ واريون شيون
( متي 15‏:10‏-20 )

14 پوءِ عيسيٰ سڄي خلق کي وري پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”اوهين سڀ منهنجي ڳالهہ ٻڌو ۽ سمجھو.

15-16 ڪابہ شيءِ ٻاهران ماڻهوءَ ۾ داخل ٿي کيس پليت ڪري نہ ٿي سگھي، پر جيڪي شيون ماڻهوءَ جي اندر مان ٻاهر نڪرن ٿيون سي کيس پليت ٿيون ڪن.“

17 جڏهن عيسيٰ ميڙ کي ڇڏي گھر پهتو تہ سندس شاگردن انهيءَ مثال بابت پڇيس.

18 تنهن تي عيسيٰ هنن کي چيو تہ ”اوهين بہ ڪيڏا نہ بي‌سمجھہ آهيو، جو ايتري بہ خبر نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي ٻاهران انسان ۾ داخل ٿئي ٿو سو کيس پليت نہ ٿو ڪري،

19 ڇاڪاڻ تہ اهو انسان جي دل ۾ نہ ٿو وڃي پر انسان جي پيٽ ۾ ٿو وڃي ۽ اتان آخرڪار ٻاهر نڪريو وڃي.“ ائين چئي عيسيٰ کائڻ جي سڀني شين کي حلال سڏيو.

20 هن وڌيڪ چين تہ ”جيڪي انسان جي دل مان ٻاهر ٿو نڪري سو ئي کيس پليت ٿو ڪري.

21 هائو، انسان جي دل مان برا خيال ٿا نڪرن، جيڪي خراب ڪم ٿا ڪرائين، جهڙوڪ: حرامڪاري، چوري، خون،

22 زناڪاري، لالچ، بڇڙائي، ٺڳي، ڇڙواڳي، ڪينو، گلاخوري، مغروري ۽ بي‌وقوفي.

23 اهي سڀ خرابيون اندر مان ئي ٿيون نڪرن، جيڪي ماڻهوءَ کي پليت ڪن ٿيون.“


هڪ عورت جو ايمان
( متي 15‏:21‏-28 )

24 پوءِ عيسيٰ اتان اُٿي صور شهر جي علائقي ڏانهن روانو ٿيو ۽ اچي هڪڙي گھر ۾ رهيو. هن جي مرضي هئي تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي سندس اچڻ جي خبر نہ پوي، پر اها ڳالهہ لڪي نہ سگھي.

25 هڪڙي عورت جنهن جي ننڍڙي ڌيءَ ۾ ڀوت هو، تنهن کي جڏهن عيسيٰ جي اچڻ جي خبر پيئي تہ اها هڪدم وٽس آئي ۽ اچي پيرن تي ڪريس.

26 اها عورت غير يهودي هئي ۽ شام ملڪ جي فينيڪي علائقي مان هئي. هن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”منهنجي ڌيءَ مان ڀوت ڪڍو.“

27 پر عيسيٰ مثال ۾ ڳالهائيندي چيس تہ ”پهريائين ٻارن کي ڍءُ ڪرڻ ڏي، ڇاڪاڻ تہ اهو واجب نہ آهي جو ٻارن جي ماني کڻي ڪتن کي اڇلائي ڏجي.“

28 تنهن تي عورت چيس تہ ”سائين! برابر، پر ڪتا بہ تہ دسترخوان وٽان ٻارن جي اوبر ڪيل مانيءَ جا ٽڪر کائيندا آهن.“

29 عيسيٰ هن کي چيو تہ ”واہ! تنهنجي انهيءَ جواب جي ڪري تنهنجي نياڻيءَ مان ڀوت نڪري ويو. سو تون ڀلي گھر وڃ.“

30 سو هن گھر وڃي ڏٺو تہ سندس ڌيءَ هنڌ تي پيل آهي ۽ ڀوت بلڪل ڇڏي ويو اٿس.


هڪ ٻوڙي ۽ هٻڪ واري ماڻهوءَ کي شفا ڏيڻ

31 پوءِ عيسيٰ صور جي حدن مان نڪري صيدا جي علائقي مان لنگھي دڪاپلس جي حدن جو وچ وٺي گليل ڍنڍ تي آيو.

32 ماڻهو وٽس هڪڙي اهڙي شخص کي وٺي آيا جيڪو ٻوڙو هو ۽ ڳالهائڻ ۾ بہ هٻڪ هئس. سو منٿ ڪيائونس تہ ”هن کي پنهنجو هٿ لايو.“

33 عيسيٰ اُن کي گوڙ کان پاسيرو وٺي ويو ۽ پنهنجيون آڱريون هن جي ڪنن ۾ وڌائين ۽ پنهنجي زبان جي لٻ ڪڍي هن جي زبان کي لاتائين.

34 پوءِ عيسيٰ آسمان ڏانهن نهاري ٿڌو ساهہ ڀريو ۽ هن کي چيائين تہ ”افتح،“ يعني ”کُلي پئُہ.“

35 تڏهن هڪدم سندس ڪن کُلي پيا ۽ هن جي زبان جي تند ڇڄي پيئي ۽ هو چٽو ڳالهائڻ لڳو.

36 پوءِ عيسيٰ انهن ماڻهن کي تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“ پر جيترو هن وڌيڪ تاڪيد ڪيو هئن، اوترو ئي وڌيڪ هنن وڃي اها ڳالهہ ماڻهن ۾ پڌري ڪئي.

37 سو جن بہ پئي ٻڌو، تن کي ڏاڍو عجب پئي لڳو ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڪهڙي نہ سهڻي نموني سان هو هر هڪ ڪم ڪري ٿو، بلڪ هو تہ ٻوڙن کي ٻڌڻ جي ۽ گونگن کي ڳالهائڻ جي بہ طاقت ٿو ڏئي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan