Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مرقس 5 - Muslim Sindhi Bible


ڀوتن ورتل ماڻهوءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ
( متي 8‏:28‏-34 ، لوقا 8‏:26‏-39 )

1 عيسيٰ ۽ سندس شاگرد گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر گراسينين جي علائقي ۾ اچي پهتا.

2 اڃا عيسيٰ ٻيڙيءَ تان لٿو ئي مس تہ هڪڙو ڀوت ورتل ماڻهو غارن واري قبرستان مان نڪتو.

3 هو قبرستان ۾ رهندو هو ۽ کيس زنجيرن سان بہ ڪو ٻڌي نہ ٿي سگھيو.

4 هن کي ڪيترائي دفعا لوهہ جي ڪڙين ۽ زنجيرن ۾ ٻڌو ويو هو، پر هن انهن زنجيرن کي ٽوڙي ۽ ڪڙين کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو هو. ڪوبہ مٿس قابو پئجي نہ ٿي سگھيو.

5 هو رات ڏينهن قبرستان ۽ ٽڪرن ۾ رڙندو وتندو هو ۽ پٿرن سان پاڻ کي رتوڇاڻ پيو ڪندو هو.

6 هن عيسيٰ کي پري کان ڏسي ورتو، سو ڀڄي اچي سندس پيرن تي ڪري پيو

7 ۽ زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! تنهنجو مون سان ڪهڙو واسطو آهي؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ خدا جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.“

8 هن اهو انهيءَ ڪري ٿي چيو جو عيسيٰ کيس انهيءَ ماڻهوءَ مان نڪري وڃڻ لاءِ پئي چيو.

9 عيسيٰ پڇيس تہ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ ماڻهوءَ جواب ڏنو تہ ”منهنجو نالو لشڪر آهي، ڇاڪاڻ تہ اسين گھڻا ڀوت آهيون.“

10 پوءِ هن ليلائيندي چيس تہ ”اسان کي هن علائقي مان تڙي نہ ڪڍ.“

11 اتي ٽڪر جي پاسي ۾ سوئرن جو هڪ وڏو ڌڻ چري رهيو هو.

12 سو عيسيٰ کي ڀوتن منٿ ڪئي تہ ”مهرباني ڪري اسان کي موڪل ڏيو تہ سوئرن ۾ گھڙي وڃون.“

13 عيسيٰ انهن کي موڪل ڏني ۽ ڀوت ماڻهوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا. تڏهن ٻہ هزار سوئرن جو اهو سڄو ڌڻ ٽڪر جي چوٽيءَ تان هيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.

14 جيڪي ماڻهو سوئرن جو ڌڻ چاري رهيا هئا، سي ڀڄي ويا ۽ وڃي شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ اها ڳالهہ ٻڌايائون. تڏهن ماڻهو هن واقعي کي ڏسڻ لاءِ نڪري آيا.

15 هو عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر هو سو اتي ويٺو آهي ۽ ڪپڙا پاتل اٿس ۽ پوري هوش حواس ۾ آهي. تڏهن سڀيئي ڊڄي ويا.

16 جن اهو واقعو اکين سان ڏٺو هو تن کين ڀوتن ۽ سوئرن بابت سڄي ڳالهہ ڪري ٻڌائي.

17 تنهن تي انهن عيسيٰ کي منٿ ڪندي چيو تہ ”مهرباني ڪري اسان جي علائقي مان هليا وڃو.“

18 پوءِ جڏهن عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو پئي تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ اڳ ڀوت هئا تنهن اچي منٿ ڪيس تہ ”مون کي بہ پاڻ سان وٺي هلو.“

19 پر عيسيٰ کيس اجازت نہ ڏني ۽ اٽلندو چيائينس تہ ”گھر مائٽن ڏانهن موٽي وڃ ۽ وڃي انهن کي ٻڌاءِ تہ خداوند تو لاءِ ڇا ڪيو ۽ ڪيتري قدر هو تو تي مهربان رهيو.“

20 تنهن تي اهو ماڻهو هليو ويو ۽ وڃي دڪاپلس جي شهرن ۾ ٻڌائڻ لڳو تہ عيسيٰ هن لاءِ ڇا ڪيو آهي. سو جن بہ اهو ٻڌو تہ حيران ٿي ويا.


يائرس جي ڌيءَ کي جيارڻ ۽ عورت کي شفا ڏيڻ
( متي 9‏:18‏-26 ، لوقا 8‏:40‏-56 )

21 عيسيٰ جڏهن ٻيڙيءَ ۾ چڙهي وري ٻيءَ ڀر موٽيو تہ ڍنڍ جي ڪناري تي ماڻهن جو وڏو ميڙ ڦري آيس.

22 انهيءَ ۾ يائرس نالي هڪ شخص بہ هو، جيڪو يهودين جي مقامي عبادت‌خاني جو هڪڙو اڳواڻ هو، سو عيسيٰ کي ڏسندي ئي سندس پيرن تي ڪري پيو.

23 هو کيس ڏاڍيون منٿون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”منهنجي ننڍي ڌيءَ مرڻ تي آهي. مهرباني ڪري هلي هٿ گھمايوس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.“

24 تنهن تي عيسيٰ ان سان گڏجي هليو تہ هڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان هلڻ لڳو. ماڻهو ايترا تہ گھڻا هئا جو عيسيٰ تي ڳاهٽ پئي ٿيا.

25 انهيءَ ميڙ ۾ هڪڙي اهڙي عورت بہ هئي، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو.

26 هن ڪيترن ئي حڪيمن کان علاج ڪرايو هو ۽ جيڪا بہ پنهنجي ميڙي چونڊي هئس سا سڀ خرچ ڪري ڇڏي هئائين ۽ کيس ذري جو بہ فائدو ڪونہ پيو هو، پر اٽلندو وڌيڪ عليل ٿيندي پئي ويئي.

27 انهيءَ عورت عيسيٰ بابت ڳالهيون ٻڌيون هيون، سو ميڙ سان گڏجي سندس پٺيان آئي ۽ عيسيٰ جي ڪپڙن کي هٿ لاتائين،

28 ڇاڪاڻ تہ هوءَ دل ۾ چوي پيئي تہ ”جيڪڏهن مون رڳو سندس ڪپڙن کي بہ هٿ لاتو تہ آءٌ چاق ٿي وينديس.“

29 عيسيٰ جي ڪپڙن کي هٿ لائڻ سان ئي سندس رت وهڻ بند ٿي ويو ۽ هوءَ پاڻ کي تندرست سمجھڻ لڳي.

30 ايتري ۾ عيسيٰ محسوس ڪيو تہ ”مون مان قدرت نڪتي آهي.“ سو ميڙ ڏانهن ڦري پڇيائين تہ ”منهنجي ڪپڙن کي ڪنهن هٿ لاتو آهي؟“

31 تنهن تي سندس شاگردن وراڻيس تہ ”استاد! ماڻهو اوهان تي پيا ڳاهٽ ٿين ۽ اوهين چئو ٿا تہ ’ڪنهن مون کي هٿ لاتو آهي.‘“

32 پر هو جاچيندو رهيو تہ اهو ڪم ڪنهن ڪيو.

33 هاڻي جڏهن ان عورت سمجھيو تہ هوءَ تندرست ٿي پئي آهي، تڏهن ڊڄندي ۽ ڏڪندي آئي ۽ عيسيٰ جي پيرن تي هٿ رکي کيس سڄي ڳالهہ ڪري ٻڌايائين.

34 تنهن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”ڌيءَ! تنهنجي ايمان تو کي ڇٽايو آهي، سو خوش ٿيءُ جو هاڻي آزار کان ڇٽينءَ.“

35 عيسيٰ اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ يائرس جي گھران ڪي ماڻهو آيا، جن اچي يائرس کي ٻڌايو تہ ”اوهان جي ڌيءَ مري ويئي آهي. سو هاڻي استاد کي وڌيڪ تڪليف نہ ڏيو.“

36 عيسيٰ انهيءَ ڳالهہ تي ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو، بلڪ يائرس کي چيائين تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو ويساهہ رک.“

37 پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ اوڏانهن هلڻ جي اجازت نہ ڏني.

38 جڏهن اهي يائرس جي گھر وٽ پهتا تہ عيسيٰ ڏٺو تہ گھر ۾ ماتم لڳو پيو آهي ۽ ماڻهو ڏاڍيان روئن پٽين پيا.

39 گھر ۾ داخل ٿيندي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين هُل ڇو ٿا ڪريو ۽ ڇو ٿا روئو رڙو؟ ڇوڪري مئي تہ ڪانهي پر ستي پيئي آهي.“

40 تنهن تي اهي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. تنهنڪري هن سڀني کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ رڳو پنهنجي ٽن شاگردن ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ کي ساڻ ڪري اندر ويو جتي اها ڇوڪري پيئي هئي.

41 هن ڇوڪريءَ جي هٿ کي پڪڙي کيس چيو تہ ”تليٿا قُومي،“ جنهن جي معنيٰ آهي تہ ”اي ننڍڙي نينگري! اُٿ.“

42 تنهن تي ڇوڪري هڪدم اُٿي کڙي ٿي ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳي. هن جي عمر ٻارهن سال هئي. اهو ڏسي سڀيئي ڏاڍو حيران ٿي ويا.

43 پوءِ عيسيٰ انهن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“ هن وڌيڪ چين تہ ”ڇوڪريءَ کي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan