مرقس 3 - Muslim Sindhi Bibleسڪل هٿ وارو ماڻهو ( متي 12:9-14 ، لوقا 6:6-11 ) 1 عيسيٰ جڏهن ٻيهر عبادتخاني ۾ داخل ٿيو تہ اتي هڪڙو سڪل هٿ وارو ماڻهو ڏٺائين. 2 ڪي فريسي جيڪي انهيءَ تاڙ ۾ رهندا هئا تہ عيسيٰ تي ڪا تهمت هڻن، سي غور سان ڏسڻ لڳا تہ ڇا عيسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن شفا ڏئي ٿو. 3 تڏهن عيسيٰ سڪل هٿ واري ماڻهوءَ کي چيو تہ ”اچ، ماڻهن جي سامهون ٿي بيهہ.“ 4 پوءِ هن ماڻهن کان پڇيو تہ ”شريعت موجب سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ جائز آهي يا بدي، حياتي بچائڻ جائز آهي يا مارڻ؟“ پر هنن ڪجھہ بہ نہ ڪڇيو. 5 عيسيٰ کي انهن جي هٺ ۽ هوڏ تي ارمان ٿيڻ لڳو، سو چوڌاري انهن ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريائين. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ اهو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو. 6 تنهن تي فريسي ٻاهر نڪري وڃي هڪدم هيروديس جي حمايت ڪندڙ ماڻهن سان مليا ۽ عيسيٰ جي خلاف سازشون سٽڻ لڳا تہ کيس ڪيئن ختم ڪجي. ڍنڍ تي ميڙ 7-8 عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏجي گليل ڍنڍ جي پاسي نڪري ويو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ سندس پٺيان آيو. انهيءَ ميڙ ۾ گليل علائقي کان علاوہ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ، ادوم، اردن درياءَ جي اوڀر طرف، صور ۽ صيدا شهرن جي آسپاس وارن علائقن جا ماڻهو بہ شامل هئا، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻڌو هو تہ عيسيٰ عجيب وَ غريب ڪم ٿو ڪري. 9 جيئن تہ ماڻهن جو گھڻو ڳاهٽ هو تنهنڪري عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”منهنجي لاءِ هڪڙي ٻيڙي تيار رکو، متان ماڻهو مون کي ڳاهي نہ ڇڏين.“ 10 جيئن تہ هن گھڻن ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو، تنهنڪري جن کي بہ بيماري هئي سي کيس هٿ لائڻ لاءِ هڪٻئي کي ڌِڪيندا اڳتي وڌن پيا. 11 ڀوتن ورتل ماڻهن بہ جڏهن عيسيٰ کي ڏٺو پئي تہ پٽ تي ڪري رڙيون ڪندي چيائون ٿي تہ ”تون خدا جو فرزند آهين.“ 12 پر عيسيٰ انهن کي سختيءَ سان ڇينڀي تاڪيد ٿي ڪيو تہ ”مون کي ظاهر نہ ڪريو.“ رسول مقرر ڪرڻ ( متي 10:1-4 ، لوقا 6:12-16 ) 13 پوءِ عيسيٰ هڪڙي پهاڙيءَ تي چڙهي ويو ۽ جن شاگردن کي چاهيائين تن کي پاڻ وٽ سڏيائين، جيڪي وٽس هليا آيا. 14 هن انهن مان ٻارهن ڄڻا چونڊي کين رسول مقرر ڪيو. انهن کي چيائين تہ ”مون اوهان کي انهيءَ ڪري چونڊيو آهي تہ اوهين مون سان گڏ رهو. آءٌ اوهان کي تبليغ ڪرڻ لاءِ ٻاهر بہ موڪليندس 15 ۽ اوهان کي ماڻهن مان ڀوتن ڪڍڻ جي اختياري بہ ڏيندس.“ 16 عيسيٰ جيڪي ٻارهن ڄڻا چونڊيا سي هي هئا: شمعون، جنهن کي پطرس نالو بہ ڏنائين، 17 زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا، جن کي بوانرگس يعني ”گجگوڙ جا پٽ“ ڪري سڏيائين، 18 اندرياس، فلپس، برتُلمئي، متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، تدئي، شمعون قومپرست 19 ۽ يهوداہ اسڪريوتي، جنهن پوءِ دغا ڪري پڪڙايو هئس. عيسيٰ مسيح ۽ بعلزبول ( متي 12:22-32 ، لوقا 11:14-23 ) 20 پوءِ عيسيٰ هڪ گھر ۾ آيو. اتي بہ ايتري تہ خلق اچي مڙي جو عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي ماني کائڻ جي بہ واندڪائي نہ پئي ملي. 21 هوڏانهن جڏهن عيسيٰ جي مائٽن کي خبر پيئي تہ هو ڇا ڇا ڪندو پيو وتي ۽ ماڻهو کيس ديوانو پيا سمجھن، تڏهن سندس مائٽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ لاءِ آيا. 22 ڪي شريعت جا عالم جيڪي يروشلم کان آيا هئا، تن پئي چيو تہ ”عيسيٰ ۾ ڀوتن جو سردار بعلزبول آهي. سو انهيءَ جي مدد سان ئي هو ڀوتن کي ماڻهن مان ڪڍي ٿو.“ 23 تنهن تي عيسيٰ انهن کي پاڻ وٽ گھرائي چيو تہ ”شيطان ڪيئن شيطان کي ڪڍندو؟“ پوءِ کين هي مثال ٻڌايائين تہ 24 ”جيڪڏهن ڪنهن بادشاهت ۾ ڏڦيڙ پوندو تہ اها جٽاءُ ڪري نہ سگھندي 25 ۽ جيڪڏهن ڪنهن گھر ۾ ڦيٽهڙو پوندو تہ اهو گھر بہ هلي نہ سگھندو. 26 سو جيڪڏهن شيطان پاڻ ئي پنهنجي خلاف ٿي بيهي ۽ منجھس ڏڦيڙ پيدا ٿي پوي تہ هو ڪيئن بيهي سگھندو؟ هو تہ تباهہ ٿي ويندو. 27 ڪوبہ ماڻهو ڪنهن طاقتور شخص جي گھر ۾ گھڙي تيستائين سندس ملڪيت ڦُري نہ سگھندو، جيستائين هو ان طاقتور شخص کي ٻڌي سوگھو نہ ڪري. تنهن کان پوءِ ئي هو سندس گھر ڦُري سگھي ٿو. 28 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جن ماڻهن جيڪي بہ گناهہ ڪيا هوندا يا ڪفر جون ڳالهيون بڪيون هوندائون، تن سڀني کي معافي ملي سگھي ٿي، 29 سواءِ انهيءَ ڪفر جي جيڪو پاڪ روح جي خلاف بڪيو وڃي ٿو. اهڙن ماڻهن کي ڪڏهن بہ بخش نہ ڪيو ويندو. اٽلندو اهي ابدي گناهہ جا ڏوهاري ليکيا ويندا.“ 30 عيسيٰ اهو انهيءَ ڪري چيو جو ڪن چيو پئي تہ ”هن ۾ ڀوت آهي.“ عيسيٰ مسيح جي ماءُ ۽ ڀائر ڪير؟ ( متي 12:46-50 ، لوقا 8:19-21 ) 31 ايتري ۾ عيسيٰ جي ماءُ ۽ ڀائر اچي پهتا ۽ ٻاهر بيهي عيسيٰ کي پاڻ وٽ گھرائڻ لاءِ ماڻهو موڪليائون. 32 جيڪو ميڙ عيسيٰ جي چوگرد ويٺو هو تنهن مان ڪن ماڻهن کيس ٻڌايو تہ ”ڏسو، اوهان جي ماءُ ۽ ڀائر ٻاهر بيٺا اوهان کي سڏين ٿا.“ 33 هن پڇيو تہ ”منهنجي ماءُ ۽ ڀائر ڪير آهن؟“ 34 پوءِ جيڪي اتي سندس چوڌاري ويٺا هئا تن ڏانهن نظر ڦيرائي چوڻ لڳو تہ ”ڏسو، منهنجي ماءُ ۽ منهنجا ڀائر هي آهن، 35 ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ خدا جي مرضيءَ موجب هلندو سو منهنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماءُ آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society