مرقس 14 - Muslim Sindhi Bibleعيسيٰ مسيح خلاف سازش سِٽڻ ( متي 26:1-5 ، لوقا 22:1-2 ، يوحنا 11:45-53 ) 1 فصح ۽ بيخميري مانيءَ جي عيد ٻن ڏينهن کان پوءِ اچڻي هئي. سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ اهي ڪهڙيءَ طرح عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائين. 2 پر چيائون تہ ”عيد جي ڏينهن ائين نہ ڪريون، متان ماڻهن ۾ وڳوڙ پئجي وڃي.“ عيسيٰ مسيح تي عطر هارڻ ( متي 26:6-13 ، يوحنا 12:1-8 ) 3 عيسيٰ جڏهن بيتعنياہ ۾ ڪوڙهہ جهڙي مرض واري شمعون جي گھر ماني کاڌي پئي، تہ هڪڙي عورت سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ خالص جٽاماسيءَ جو قيمتي عطر کڻي آئي ۽ عطرداني ڀڃي عطر عيسيٰ جي مٿي تي هاريائين. 4 تڏهن اتي ويٺلن مان ڪي پنهنجيءَ دل ۾ ڪاوڙيا ۽ چيائون تہ ”هي عطر ڇو زيان ڪيو ويو؟ 5 اهو عطر ٽي سؤ چانديءَ جي سڪن کان بہ وڌيڪ قيمت ۾ وڪامجي سگھيو ٿي ۽ اهي پئسا غريبن کي ڏجن ها.“ سو اُهي انهيءَ عورت کي سختيءَ سان نندڻ لڳا. 6 تنهن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”هن کي ڇو ٿا ستايو؟ کيس ڇڏي ڏيو. هن منهنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آهي. 7 غريب تہ اوهان وٽ هميشہ آهن، سو جڏهن بہ اوهان جي مرضي ٿئي تڏهن انهن سان نيڪي ڪري سگھو ٿا. پر آءٌ اوهان سان هميشہ نہ هوندس. 8 هن عورت کان جيڪو ڪجھہ ٿي سگھيو سو هن ڪيو. هن منهنجي دفن ٿيڻ کان اڳ ئي منهنجي جسم تي خوشبوءِ ڇٽڪائي آهي. 9 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ سڄيءَ دنيا ۾ جتي بہ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪئي ويندي، اُتي هن عورت جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل هن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“ عيسيٰ مسيح خلاف يهوداہ اسڪريوتيءَ جو سازش سِٽڻ ( متي 26:14-16 ، لوقا 22:3-6 ) 10 پوءِ عيسيٰ جي ٻارهن شاگردن مان يهوداہ اسڪريوتي سردار ڪاهنن وٽ ويو، انهيءَ لاءِ تہ هو عيسيٰ کي پڪڙائڻ ۾ سندن مدد ڪري. 11 يهوداہ جي هن ڳالهہ تي اهي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هن کي پئسن ڏيڻ جو انجام ڪيائون. پوءِ هو موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳو تہ ڪهڙيءَ طرح عيسيٰ کي پڪڙائي. عيد فصح جي ماني کائڻ ( متي 26:17-25 ، لوقا 22:7-14 ، 22:21-23 ، يوحنا 13:21-30 ) 12 بيخميري مانيءَ جي عيد جي پهرئين ڏينهن تي جڏهن هنن عيد فصح جي قربانيءَ جي لاءِ گھيٽا پئي ڪُٺا، تڏهن شاگردن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اوهين عيد فصح جي ماني ڪٿي کائڻ پسند ڪندا، تہ جيئن اسين وڃي تياري ڪريون؟“ 13 تنهن تي عيسيٰ پنهنجي ٻن شاگردن کي اهو چئي موڪليو تہ ”شهر ۾ وڃو. اتي اوهين هڪڙو اهڙو ماڻهو ڏسندا، جنهن کي پاڻيءَ جو دلو کنيل هوندو. اوهين انهيءَ جي پٺيان وڃجو. 14 پوءِ جنهن گھر ۾ اهو ماڻهو گھڙي وڃي تنهن جي مالڪ کي چئجو تہ ’استاد چوي ٿو تہ اهو مهمانخانو ڪٿي آهي، جتي هو پنهنجي شاگردن سان گڏجي عيد فصح جي ماني کائي؟‘ 15 تڏهن هو اوهان کي ماڙيءَ تي سجائي تيار ڪيل هڪ وڏو ڪمرو ڏيکاريندو، جتي اوهين اسان لاءِ عيد فصح جي مانيءَ جي تياري ڪجو.“ 16 شاگرد جڏهن يروشلم شهر ۾ پهتا تہ اتي هر شيءِ ائين ئي ڏٺائون جيئن عيسيٰ کين ٻڌايو هو. سو هنن اتي عيد فصح جي ماني کائڻ جي تياري ڪئي. 17 جڏهن شام ٿي تہ عيسيٰ ٻارهن ئي شاگردن سان گڏ اتي آيو. 18 پوءِ جڏهن اهي گڏجي دسترخوان تي کائي رهيا هئا تہ عيسيٰ چين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي پڪڙائيندو، جيڪو مون سان گڏ کائي ٿو.“ 19 تنهن تي شاگرد غمگين ٿيا ۽ هڪٻئي پٺيان عيسيٰ کان پڇڻ لڳا تہ ”اهو آءٌ تہ نہ هوندس نہ؟“ 20 عيسيٰ وراڻيو تہ ”اُهو اوهان ٻارهن مان ئي آهي، جيڪو مون سان گڏ ٿالهيءَ مان گرهہ ٻوڙيندو آهي. 21 ابنِ آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن پاڪ ڪلام ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي انهيءَ تي جيڪو ابنِ آدم کي پڪڙائيندو. انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو دنيا ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“ عيسيٰ مسيح جي يادگيريءَ لاءِ ماني ( متي 26:26-30 ، لوقا 22:14-20 ، 1.ڪرنٿين 11:23-25 ) 22 جڏهن اهي کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، هي منهنجو بدن آهي.“ 23 پوءِ هن مئي جو پيالو کڻي شڪر ڪري اهو بہ کين ڏنو ۽ سڀني اُن مان پيتو. 24 تڏهن عيسيٰ چين تہ ”اهو منهنجو رت آهي، جنهن سان خدا جو عهد ٻڌجي ٿو. اهو رت گھڻن ئي جي لاءِ وهائجي ٿو. 25 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن کان پوءِ آءٌ وري مئي نہ پيئندس، بلڪ خدا جي بادشاهيءَ ۾ نئين مئي ئي پيئندس.“ 26 پوءِ انهن زبور ڳايو ۽ يروشلم کان نڪري زيتون جي ٽڪر ڏانهن هليا ويا. پطرس جي انڪار ڪرڻ بابت اڳڪٿي ( متي 26:31-35 ، لوقا 22:31-34 ، يوحنا 13:36-38 ) 27 رستي تي عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”اوهين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، جيئن پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمايو آهي تہ ’آءٌ ريڍار کي ماريندس ۽ رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘ 28 تنهن هوندي بہ آءٌ پنهنجي جيئري ٿيڻ کان پوءِ اوهان کان اڳي ئي گليل ۾ وڃي پهچندس.“ 29 تنهن تي پطرس چيس تہ ”توڙي جو ٻيا سڀ اوهان کي ڇڏي وڃن، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي هرگز ڇڏي نہ ويندس.“ 30 عيسيٰ پطرس کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ رات ئي ڪڪڙ جي ٻہ دفعا ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ 31 تڏهن پطرس ڏاڍي جوش سان وراڻيس تہ ”آءٌ ائين ڪڏهن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوهان سان گڏ مرڻو پوي.“ ٻين سڀني بہ اهڙيءَ طرح اقرار ڪيو. گتسمني باغ ۾ دعا گھرڻ ( متي 26:36-46 ، لوقا 22:39-46 ) 32 جڏهن اهي گتسمني نالي هڪ باغ ۾ آيا، تڏهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”اوهين هتي ويهي رهو تہ آءٌ دعا گھري اچان.“ 33 پوءِ هن پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان کنيو. ان وقت کيس سخت پريشاني ۽ بيقراري وٺي ويئي. 34 سو هن کين ٻڌايو تہ ”آءٌ ايترو تہ غمگين ٿي پيو آهيان جو منهنجي دل ٽٽڻ تي آهي. اوهين هتي ترسو ۽ جاڳندا رهو.“ 35 پوءِ عيسيٰ ٿورو پرڀرو وڃي پاڻ کي زمين تي ڪيرائي دعا گھرڻ لڳو تہ ”جيڪڏهن ٿي سگھي تہ هيءَ ڏک جي گھڙي مون تان ٽاري وڃي.“ 36 هن وڌيڪ چيو تہ ”اي ابا! اي منهنجا بابا! تون سڀ ڪجھہ ڪري سگھين ٿو، سو هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، بلڪ تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“ 37 پوءِ هو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ٽيئي شاگرد سمهيا پيا آهن. تڏهن هن پطرس کي سڏي چيو تہ ”اي شمعون! تو کي بہ ننڊ وٺي ويئي ڇا؟ ڇا تون هڪڙي گھڙي بہ جاڳي نہ پيو سگھين؟“ 38 پوءِ ٽنهي کي چيائين تہ ”جاڳندا رهو ۽ دعا گھرندا رهو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو. بيشڪ دل تہ چاهي ٿي پر بدن ۾ ايتري طاقت ناهي.“ 39 هو وري پرڀرو ويو ۽ ائين ئي دعا گھريائين جيئن اڳ ۾ گھُري هئائين. 40 پوءِ هن ٻيهر موٽي اچي ڏٺو تہ شاگرد وري بہ ستا پيا آهن. کين ايتري تہ ننڊ ٿي آئي جو اکيون بہ پٽي نہ پئي سگھيا، سو خبر ئي نہ ٿي پين تہ کيس ڇا چون. 41 پر جڏهن هو ٽيون دفعو انهن وٽ موٽي آيو، تڏهن چيائين تہ ”ڇا اڃا تائين اوهين ننڊون ۽ آرام پيا ڪندا؟ بس، اها گھڙي اچي پهتي آهي. ڏسو، ابنِ آدم گنهگارن جي حوالي ڪيو پيو وڃي. 42 اُٿو، هلي ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي رهيو آهي سو ويجھو اچي پهتو آهي.“ عيسيٰ مسيح جي گرفتاري ( متي 26:47-56 ، لوقا 22:47-53 ، يوحنا 18:3-12 ) 43 عيسيٰ اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ سندس ٻارهن شاگردن مان يهوداہ اسڪريوتيءَ نالي شاگرد ماڻهن جي هڪڙي وڏي ٽولي سان گڏ آيو، جن کي هٿن ۾ تلوارون ۽ لٺيون هيون. انهن کي سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن موڪليو هو. 44 هن دغاباز انهن کي اها نشاني سمجھائي هئي تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ چميان سو ئي عيسيٰ هوندو. انهيءَ کي پڪڙجو ۽ پهري هيٺ وٺي وڃجوس.“ 45 هو پهچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس ”استاد!“ سڏي چمي ڏنائين. 46 پوءِ تہ هنن عيسيٰ کي جھلي قابو ڪيو. 47 تنهن تي عيسيٰ جي ڀرسان بيٺلن مان هڪڙي شخص پنهنجي تلوار ڪڍي وڏي سردار ڪاهن جي نوڪر کي هنئي ۽ سندس ڪن ڪپي وڌائين. 48 پوءِ عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل آهيان جو اوهين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ آيا آهيو؟ 49 آءٌ تہ روزانو اوهان وٽ هيڪل ۾ تعليم ڏيندو هئس پر ان وقت تہ اوهان ڪڏهن بہ مون کي نہ پڪڙيو. پر هي انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن پاڪ ڪلام جي ڳالهہ پوري ٿئي.“ 50 تڏهن سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا. 51 عيسيٰ سان گڏ آيلن مان هڪڙو نوجوان جنهن کي بدن تي رڳو چادر ويڙهيل هئي، تنهن کي انهن چادر کان پڪڙي ورتو. 52 پر هو چادر ڇڏي اگھاڙو ئي ڀڄي نڪتو. عيسيٰ مسيح يهودي ڪائونسل جي اڳيان ( متي 26:57-68 ، لوقا 22:54-55 ، 63-71 ، يوحنا 18:13-14 ، 19-24 ) 53 پوءِ اهي عيسيٰ کي يروشلم ۾ وڏي سردار ڪاهن جي گھر وٺي آيا، جتي سردار ڪاهنَ، شريعت جا عالم ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا سڀيئي چڱا مڙس گڏ ٿيندا ٿي ويا. 54 پطرس بہ عيسيٰ جي ٿورو پٺيان پٺيان ايندي وڏي سردار ڪاهن جي گھر جي اڱڻ ۾ اچي پهتو. اُتي هو پهريدارن سان گڏ ويهي رهيو ۽ پاڻ کي باهہ تي سيڪڻ لڳو. 55 ان وقت سردار ڪاهنن بلڪ يهودين جي سڄي ڪائونسل ڪوشش پئي ڪئي تہ عيسيٰ جي خلاف ڪا شاهدي هٿ ڪري کيس موت جي سزا ڏيارين. پر انهن کي اهڙي ڪابہ شاهدي ملي نہ سگھي، 56 ڇاڪاڻ تہ ڪيترن ئي ماڻهن عيسيٰ جي خلاف ڪوڙيون شاهديون تہ ڏنيون، پر انهن شاهدين پاڻ ۾ ميل نہ ٿي کاڌو. 57 پوءِ ڪي ماڻهو اُٿي بيٺا ۽ عيسيٰ تي هيءَ تهمت هنيائون تہ 58 ”اسان هن کي هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ ماڻهن جي ٺهيل هن هيڪل کي ڊاهيندس ۽ ٽن ڏينهن اندر اهڙي هيڪل ٺاهيندس جيڪا ماڻهن جي ٺهيل نہ هوندي.‘“ 59 پر انهن جي هن شاهديءَ بہ ميل نہ ٿي کاڌو. 60 تڏهن وڏو سردار ڪاهن اُٿي بيٺو ۽ سڀني جي روبرو عيسيٰ کان پڇڻ لڳو تہ ”تون ڳالهائين ڇو نہ ٿو؟ ڇا تو کي هنن جي الزامن جي جواب ۾ ڪجھہ چوڻو نہ آهي؟“ 61 پر عيسيٰ ماٺ ئي رهيو ۽ هڪ لفظ بہ نہ ڪڇيائين. وڏي سردار ڪاهن کانئس ٻيهر پڇيو تہ ”ڇا تون ئي مسيح آهين، سڳوري خدا جو فرزند؟“ 62 تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ آهيان. اوهين ابنِ آدم کي قادرِمطلق جي ساڄي پاسي ويٺل ڏسندا ۽ کيس آسمان وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسندا.“ 63 تنهن تي وڏي سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”بس! اسان کي وڌيڪ شاهد نہ کپن. 64 هن جا ڪفر وارا لفظ اوهان پاڻ ٻڌا آهن. سو هاڻي اوهان جو ڪهڙو فيصلو آهي؟“ تنهن تي انهن سڀني فيصلو ڏيندي چيو تہ ”هي موت جي سزا جي لائق آهي.“ 65 پوءِ انهن مان ڪي عيسيٰ کي ٿڪون هڻڻ لڳا ۽ ڪي سندس اکيون ٻڌي کيس ٺونشا هڻڻ لڳا ۽ چونس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“ پهريدارن بہ کيس چماٽون هنيون. پطرس جو عيسيٰ مسيح بابت انڪار ڪرڻ ( متي 26:69-75 ، لوقا 22:56-62 ، يوحنا 18:15-18 ، 25-27 ) 66 هوڏانهن پطرس اڃا اڱڻ ۾ ئي ويٺو هو تہ وڏي سردار ڪاهن جي هڪ نوڪرياڻي اتي آئي. 67 هن جڏهن پطرس کي باهہ تي پاڻ سيڪيندي ڏٺو تہ ڏانهس چتائي نهاريندي چيائينس تہ ”تون بہ تہ عيسيٰ ناصريءَ سان گڏ هئين.“ 68 پر هن انڪار ڪندي چيس تہ ”آءٌ نہ ٿو ڄاڻان، نڪي سمجھان ٿو تہ تون ڇا چئي رهي آهين.“ هو اهو جواب ڏيئي ٻاهر ڏيڍيءَ ۾ هليو ويو تہ ايتري ۾ ڪڪڙ ٻانگ ڏني. 69 انهيءَ نوڪرياڻيءَ جڏهن پطرس کي وري ڏٺو تڏهن اُتي بيٺل ماڻهن کي چوڻ لڳي تہ ”هي انهن مان هڪڙو آهي.“ 70 پر هن وري بہ انڪار ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ اُتي بيٺلن بہ پطرس کي چيو تہ ”پڪ سان تون انهن مان ئي آهين، ڇو تہ تون بہ گليلي پيو لڳين.“ 71 تنهن تي پطرس قسم کڻي چيو تہ ”ڪوڙي تي خدا جي لعنت هجي. آءٌ تہ هن ماڻهوءَ کي سڃاڻان ئي ڪونہ ٿو، جنهن جي اوهين ڳالهہ ٿا ڪريو.“ 72 انهيءَ دم ڪڪڙ ٻيو دفعو ٻانگ ڏني. تڏهن پطرس کي عيسيٰ جي چيل ڳالهہ ياد اچي ويئي تہ ”ڪڪڙ جي ٻہ دفعا ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ اهو خيال ايندي ئي هو اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society