مرقس 12 - Muslim Sindhi Bibleبيايمان باغائين جو مثال ( متي 21:33-46 ، لوقا 20:9-19 ) 1 پوءِ عيسيٰ ڪائونسل جي انهن چڱن مڙسن سان مثالن ۾ ڳالهائڻ لڳو ۽ چيائين تہ ”ڪنهن ماڻهوءَ انگورن جو هڪ باغ لڳايو. انهيءَ جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪ حوض ٺهرايائين ۽ پهري لاءِ هڪڙو ٺُلهہ بہ ٺهرايائين. پوءِ اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو. 2 جڏهن انگورن لهڻ جي مند آئي تہ هن انهن باغائين ڏانهن پنهنجو هڪڙو نوڪر موڪليو تہ انگورن جو ڀاڱو وٺي اچي. 3 پر باغائين انهيءَ نوڪر کي پڪڙي مار ڏني ۽ کيس خالي هٿين موٽائي ڇڏيو. 4 تنهن تي هن انهن ڏانهن وري ٻيو نوڪر موڪليو. باغائين ان نوڪر جو بہ مٿو ڦاڙي وڌو ۽ جٺيون ڪري موڪلي ڇڏيائونس. 5 مالڪ وري ٽيون نوڪر موڪليو تہ انهن هن کي ماري وڌو. پوءِ هن ٻيا ڪيترائي ماڻهو موڪليا، جن مان ڪن کي مار ڏنائون تہ ڪن کي اڦٽ ماري وڌائون. 6 هاڻي باقي وڃي سڪيلڌو پٽ بچيو هئس. تنهن کي سڀني کان پوءِ باغائين ڏانهن موڪليائين، جو پڪ هئس تہ هو انهيءَ جو لحاظ ڪندا. 7 پر انهن باغائين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’هي مالڪ جو اڪيلو وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ سندس ميراث اسان جي ٿي پوندي.‘ 8 پوءِ انهن هن کي پڪڙي ماري وڌو ۽ سندس لاش کي باغ جي ٻاهران اڇلائي ڇڏيائون.“ 9 پوءِ عيسيٰ انهن چڱن مڙسن کي چيو تہ ”هاڻي سوچو تہ انگورن جي باغ جو مالڪ ڇا ڪندو. هاڻ تہ هو پاڻ ايندو ۽ انهن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيندو. پوءِ هو انگورن جو باغ ٻين باغائين جي حوالي ڪري ڇڏيندو. 10 ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ هي نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي. 11 اهو خداوند جي طرفان ڪيو ويو آهي، اها اسان لاءِ ڪهڙي نہ عجيب ڳالهہ آهي!‘“ 12 تنهن تي يهودين جي مذهبي اڳواڻن عيسيٰ کي پڪڙائڻ چاهيو، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ هي مثال عيسيٰ انهن جي خلاف ٻڌايو آهي. پر انهن کي ماڻهن کان ڊپ بہ ٿيو پئي، تنهنڪري هو کيس ڇڏي هليا ويا. ٽيڪس ڏيڻ بابت سوال ( متي 22:15-22 ، لوقا 20:20-26 ) 13 پوءِ يهودين جي انهن اڳواڻن ڪي فريسي ۽ ڪي هيروديس جا حمايت ڪندڙ ماڻهو عيسيٰ ڏانهن موڪليا، تہ جيئن اهي کيس ڳالهائڻ ۾ ڦاسائين. 14 اهي هن وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان کي خبر آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ ڪنهن جي پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو. اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيکويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو، بلڪ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. سو اسان کي ٻڌايو تہ رومي شهنشاهہ قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟ اسين اُن کي ٽيڪس ڏيون يا نہ؟“ 15 عيسيٰ انهن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوهين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟ چڱو ڀلا، هڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي اچي مون کي ڏيکاريو.“ 16 اهي چانديءَ جو سڪو وٽس کڻي آيا، تڏهن عيسيٰ پڇين تہ ”هن تي ڪنهن جي تصوير ۽ ڪنهن جو نالو اُڪريل آهي؟“ انهن جواب ڏنس تہ ”قيصر جو.“ 17 تڏهن عيسيٰ کين چيو تہ ”ٺيڪ آهي، جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي خدا جو آهي سو خدا کي ڏيو.“ عيسيٰ جو اهو جواب ٻڌي کين ڏاڍو عجب لڳو. مرڻ کان پوءِ جيئري ٿيڻ بابت سوال ( متي 22:23-33 ، لوقا 20:27-40 ) 18 پوءِ صدوقي، جن جو عقيدو هو تہ موت کان پوءِ ماڻهو جيئرا نہ ٿيندا، تن مان ڪي عيسيٰ وٽ آيا 19 ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان جي لاءِ موسيٰ شريعت ۾ فرمايو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪو ماڻهو زال ڇڏي بياولاد مري وڃي تہ هن جو ڀاءُ ان جي رنزال پرڻجي، تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘ 20 هڪڙا ست ڀائر هئا، پهرئين شادي ڪئي ۽ بياولاد مري ويو. 21 تڏهن ٻئي ان جي رنزال سان شادي ڪئي ۽ اهو بہ بياولاد مري ويو ۽ ٽئين بہ ساڳيءَ طرح اُن سان شادي ڪئي. 22 اهڙيءَ طرح ستن ئي ڀائرن ساڻس شادي ڪئي ۽ بياولاد مري ويا. آخرڪار اُها عورت بہ مري ويئي. 23 هاڻي ٻڌايو تہ جڏهن قيامت ٿيندي ۽ سڀيئي جيئرا ٿي اٿندا تہ اُها عورت ڪنهن جي زال ٿيندي، ڇاڪاڻ تہ ستن ئي هن سان شادي ڪئي هئي؟“ 24 عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ڀليل آهيو جو نہ پاڪ ڪلام جون لکتون ٿا ڄاڻو، نڪي وري خدا جي قدرت. 25 ڏسو، مري ويل جڏهن جيئرا ٿي اٿندا تڏهن اهي نہ پرڻبا، نڪي پرڻائبا، بلڪ جيئن آسمان ۾ ملائڪ آهن تيئن اهي بہ هوندا. 26 مري ويلن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت اوهان موسيٰ جي ڪتاب ۾ ٻرندڙ ٻوڙي واري بيان ۾ ڪين پڙهيو آهي ڇا تہ ڪيئن خدا موسيٰ سان ڳالهايو ۽ چيائينس تہ ’آءٌ ابراهيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آهيان.‘ 27 ان جو مطلب آهي تہ هو مئلن جو خدا نہ، بلڪ جيئرن جو خدا آهي. سو اوهين تہ سخت ڀليل آهيو.“ سڀ کان وڏو حڪم ( متي 22:34-40 ، لوقا 10:25-28 ) 28 انهيءَ وقت شريعت جو هڪڙو عالم اتي آيو ۽ هنن کي بحث ڪندو ڏسي ڄاڻي ورتائين تہ عيسيٰ صدوقين کي سٺو جواب ڏنو آهي. تڏهن عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”سڀني حڪمن کان وڏو حڪم ڪهڙو آهي؟“ 29 تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”پهريون وڏو حڪم هي آهي تہ ’اي بني اسرائيل! ٻڌ، خداوند اسان جو خدا هڪڙو ئي خداوند آهي. 30 تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان، پنهنجي پوريءَ سمجھہ ۽ پنهنجي پوريءَ طاقت سان پيار ڪر.‘ 31 ٻيو حڪم هي آهي تہ ’تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘ انهن ٻنهي حڪمن کان وڏو ٻيو ڪوبہ حڪم ڪونهي.“ 32 تنهن تي شريعت جي انهيءَ عالم عيسيٰ کي چيو تہ ”اي استاد! واہ جي ڳالهہ ڪئي اٿوَ. بيشڪ خدا هڪڙو ئي آهي ۽ انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي. 33 سو ضروري آهي تہ انسان انهيءَ کي ئي پوريءَ دل، پوريءَ سمجھہ ۽ پوريءَ طاقت سان پيار ڪري ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ سان بہ پاڻ جهڙو پيار ڪري. اهو جانورن جي قرباني ڪرڻ يا قربانگاهہ تي خدا جي خدمت ۾ ٻيون شيون نذر ڪرڻ کان بہ وڌيڪ سٺو آهي.“ 34 عيسيٰ ڏٺو تہ هن سياڻپ جو جواب ڏنو آهي. تنهنڪري کيس چيائين تہ ”تون خدا جي بادشاهيءَ کان پري نہ آهين.“ انهيءَ کان پوءِ ڪنهن کي بہ همت نہ ٿي جو عيسيٰ کان ڪو ٻيو سوال پڇي سگھي. مسيح بابت سوال ( متي 22:41-46 ، لوقا 20:41-44 ) 35 پوءِ عيسيٰ جڏهن هيڪل ۾ تعليم پئي ڏني تہ هن هڪ سوال ڪيو تہ ”شريعت جا عالم ڪيئن ٿا چون تہ ’مسيح دائود جو اولاد آهي‘؟ 36 دائود تہ پاڻ پاڪ روح جي هدايت تي چيو هو تہ ’خداوند خدا منهنجي خداوند کي چيو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘ 37 سو جيڪڏهن دائود پاڻ مسيح کي ’خداوند‘ ڪري ٿو سڏي، تہ پوءِ مسيح ڪيئن سندس اولاد ٿي سگھي ٿو؟“ عيسيٰ جون اهي ڳالهيون سڄيءَ خلق خوشيءَ سان پئي ٻڌيون. شريعت جي عالمن خلاف چتاءُ ( متي 23:1-36 ، لوقا 20:45-47 ) 38 عيسيٰ ماڻهن کي تعليم ڏيندي وڌيڪ چيو تہ ”شريعت جي عالمن کان هوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اهي چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين سلامي ٿين. 39 هو عبادتخانن توڙي دعوتن ۾ اعليٰ درجي وارين جاين تي ويهڻ پسند ڪن ٿا. 40 اهي رننزالن جا گھر لٽي ڦُري ٿا ڇڏين ۽ ماڻهن جي ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون دعائون گھرن ٿا. اهي تہ ٻين کان بہ وڌيڪ گنهگار قرار ڏنا ويندا.“ رنزال جو چندو ڏيڻ ( لوقا 21:1-4 ) 41 پوءِ عيسيٰ هيڪل ۾ چندي واري پيتيءَ جي ڀرسان ويهي رهيو ۽ جاچڻ لڳو تہ ڪيئن ماڻهو اُن پيتيءَ ۾ پئسا وجھن ٿا. هن ڏٺو تہ ڪي دولتمند ان ۾ گھڻا پئسا وجھي رهيا هئا. 42 ايتري ۾ هڪ غريب رنزال آئي جنهن ٻہ ننڍڙا سڪا اچي پيتيءَ ۾ وڌا. 43 تڏهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ چندي جي پيتيءَ ۾ هن غريب رنزال سڀني کان وڌيڪ چندو وڌو آهي. 44 ٻين ماڻهن جيڪي پنهنجي گھرج کان وڌيڪ هئن تنهن مان پيتيءَ ۾ وڌو آهي، جڏهن تہ هن رنزال پنهنجي غربت مان بہ جيڪو هڙ ۾ هئس سو سڀ وڌائين ۽ هاڻي زندگي گذارڻ لاءِ وٽس ڪجھہ بہ نہ رهيو آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society