مرقس 11 - Muslim Sindhi Bibleيروشلم ۾ شان سان داخل ٿيڻ ( متي 21:1-11 ، لوقا 19:28-40 ، يوحنا 12:12-19 ) 1 جڏهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن سميت يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر تي بيتفگاہ ۽ بيتعنياہ ڳوٺن وٽ پهتو، تڏهن هن پنهنجي ٻن شاگردن کي چيو تہ 2 ”سامهون واري ڳوٺ ۾ وڃو. اوهين جيئن ئي ان ڳوٺ ۾ پهچندا تہ اُتي هڪ کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنهن تي اڃا ڪنهن بہ سواري نہ ڪئي آهي. اوهين انهيءَ کي ڇوڙي هيڏانهن ڪاهي اچو. 3 جيڪڏهن ڪوبہ اوهان کان پڇي تہ ’اهو ڇو ٿا ڇوڙيو؟‘ تڏهن کيس چئجو تہ ’استاد کي انهيءَ جي ضرورت آهي ۽ جلد ئي هو واپس ڏياري موڪليندو.‘“ 4 سو هو روانا ٿي ويا ۽ هڪڙي گھٽيءَ ۾ دروازي جي ٻاهران کودڙو ٻڌل ڏٺائون. جيئن ئي ان کي ڇوڙيائون پئي 5 تہ اُتي بيٺل ماڻهن مان ڪن انهن کي چيو تہ ”هي ڇا ٿا ڪريو ۽ کودڙي کي ڇو ٿا ڇوڙيو؟“ 6 تنهن تي انهن کين اهو ئي جواب ڏنو جيڪو عيسيٰ چيو هئن. تڏهن انهن اهو ڪاهي وڃڻ ڏنن. 7 شاگردن اهو کودڙو ڪاهي عيسيٰ وٽ آندو ۽ انهيءَ تي پنهنجيون چادرون وڌائون، پوءِ عيسيٰ ان تي چڙهي ويٺو. 8 ڪيترائي ماڻهو پنهنجيون چادرون عيسيٰ جي اڳيان رستي تي وڇائيندا ٿي رهيا ۽ ڪن وري ٻنين مان گاهہ ۽ وڻن جون ٽاميون پٽي آڻي پئي وڇايون. 9 جيڪي ماڻهو عيسيٰ جي اڳيان ۽ پٺيان پئي هليا تن نعرا پئي هنيا تہ ”خدا جي واکاڻ هجي! سڀاڳو آهي اهو جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي! 10 سڀاڳي آهي اسان جي ابي دائود جي گھراڻي جي ايندڙ بادشاهي! عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي!“ 11 عيسيٰ يروشلم ۾ داخل ٿي هيڪل ۾ ويو ۽ اتي جيڪي وهي واپري پيو تنهن کي چوڌاري نظر ڦيرائي ڏٺائين. پر جيئن تہ ڏينهن ڪافي لڙي چڪو هو، تنهنڪري هو پنهنجي ٻارهن شاگردن سان گڏ بيتعنياہ ڏانهن هليو ويو. انجير جي وڻ کي پاراتو ڏيڻ ( متي 21:18-19 ) 12 ٻئي ڏينهن تي جڏهن هو بيتعنياہ کان موٽي رهيا هئا تہ رستي تي عيسيٰ کي بک لڳي. 13 هن پري کان هڪ انجير جو وڻ ڏٺو، جيڪو ڏاڍو سرسبز هو. انهيءَ ڪري هو اُن وڻ ۾ انجير ڳولڻ ويو تہ شايد ڪجھہ ملي سگھي. پر هو اچي ڏسي تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن آهن، ڇاڪاڻ تہ انجيرن جي مند نہ هئي. 14 تنهن تي عيسيٰ انجير جي وڻ کي چيو تہ ”اڄ کان پوءِ وري ڪڏهن بہ ڪو تو مان انجير نہ لهندو.“ سندس شاگردن اهو ٻڌو. واپارين کي هيڪل مان تڙي ڪڍڻ ( متي 21:12-17 ، لوقا 19:45-48 ، يوحنا 2:13-22 ) 15 جڏهن اهي يروشلم ۾ پهتا تہ عيسيٰ هيڪل ۾ ويو ۽ اُتي اڱڻ ۾ جيڪي ماڻهو واپار ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ رُڌل هئا، تن کي تڙي ڪڍڻ لڳو ۽ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين. 16 هن ڪنهن کي بہ سامان کڻي هيڪل جي اڱڻ مان اچڻ وڃڻ نہ ڏنو. 17 پوءِ عيسيٰ ماڻهن کي تعليم ڏيندي چيو تہ ”پاڪ ڪلام ۾ خدا اهو فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر سڀني قومن لاءِ دعا وارو گھر سڏبو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“ 18 سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن جڏهن اهو ٻڌو تڏهن هو موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳا تہ ڪهڙي طريقي سان عيسيٰ کي مارجي، ڇاڪاڻ تہ هو عيسيٰ کان انهيءَ ڪري ڊڄن پيا جو سڄي خلق هن جي تعليم تي حيران هئي. 19 جڏهن شام ٿي تہ عيسيٰ ۽ سندس شاگرد شهر مان نڪري هليا ويا. پاراتي ڏنل انجير جي وڻ مان سبق ( متي 21:20-22 ) 20 ٻئي ڏينهن صبح جو سوير جيئن ئي هو يروشلم ڏانهن پئي آيا تہ رستي تي انهن انجير جو اُهو وڻ ڏٺو، جيڪو هاڻي چوٽيءَ کان وٺي پاڙ تائين سڪي ويو هو. 21 تنهن تي پطرس کي پاراتي واري ڳالهہ ياد اچي ويئي. تڏهن عيسيٰ کي چيائين تہ ”اي استاد! انجير جي جنهن وڻ کي اوهان پاراتو ڏنو هو، سو سڪي ويو آهي.“ 22 عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”خدا تي پورو ايمان رکو. 23 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن ڪنهن جي دل ۾ شڪ نہ آهي ۽ يقين اٿس تہ ’جيئن آءٌ چوان ٿو ائين ٿيندو،‘ تہ پوءِ جيڪڏهن هو هن جبل کي بہ چوندو تہ ’پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِر،‘ تہ اهو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو. 24 تنهنڪري آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪا شيءِ اوهين دعا ۾ گھرو ٿا تنهن لاءِ يقين ڪريو تہ اها اوهان کي ملي ويئي آهي. تڏهن ئي اها اوهان کي ملندي. 25-26 جڏهن بہ اوهين دعا گھرو، تڏهن جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن تي رنج آهي تہ انهيءَ کي معاف ڪري ڇڏيو، تہ جيئن اوهان جو پيءُ جيڪو آسمان تي آهي سو بہ اوهان جا گناهہ اوهان کي معاف ڪري ڇڏي.“ عيسيٰ مسيح جي اختياريءَ بابت سوال ( متي 21:23-27 ، لوقا 20:1-8 ) 27 پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏ يروشلم ۾ پهتو. جڏهن هو هيڪل ۾ گھميو پئي تہ سردار ڪاهن، شريعت جا عالم ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس وٽس آيا. 28 انهن پڇيس تہ ”تون ڪهڙي اختياريءَ سان هي ڪم ڪرين ٿو؟ تو کي انهن ڪمن جي اختياري ڪنهن ڏني آهي؟“ 29 تنهن تي عيسيٰ انهن کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ بہ اوهان کان هڪ سوال ٿو پڇان ۽ جيڪڏهن اوهان مون کي جواب ڏنو تہ آءٌ بہ اوهان کي ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان آءٌ هي ڪم ڪريان ٿو. 30 مون کي ٻڌايو تہ يحيٰ جيڪا بپتسما ٿي ڏني سا ڪنهن جي طرفان هئي، خدا جي طرفان يا انسان جي طرفان؟“ 31 تنهن تي اهي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ڇا چئون؟ جيڪڏهن جواب ۾ چئون ٿا تہ ’خدا جي طرفان،‘ تہ هو چوندو تہ ’پوءِ اوهان يحيٰ جي ڳالهين تي ڇو يقين نہ ڪيو؟‘ 32 جڏهن تہ کُليو کُلايو ائين بہ نہ ٿا چئي سگھون تہ ’انسان جي طرفان.‘“ انهيءَ جو سبب هي هو جو ماڻهن کان کين ڊپ ٿي ٿيو، ڇو تہ ماڻهو يحيٰ کي سچو نبي ڪري مڃين پيا. 33 تنهنڪري انهن عيسيٰ کي جواب ڏنو تہ ”اسان کي خبر نہ آهي.“ تنهن تي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”پوءِ آءٌ بہ نہ ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان آءٌ هي ڪم ڪريان ٿو.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society