ميڪاہ 5 - Muslim Sindhi Bible(خداوند پاران واعدي مطابق مقرر ڪيل حڪمران) 1 اي يروشلم جا رهاڪؤ! پنهنجا لشڪر آڻي گڏ ڪري تيار ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي دشمن لشڪرن اچي اوهان جو گھيرو ڪيو آهي. اهي بني اسرائيل جي حڪمران جي بيعزتي ڪري سندس ڳلن تي لڪڻ هڻندا. 2 پر هوڏانهن خداوند بيتلحم اِفرات کي فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهوداہ جي ننڍن ننڍن شهرن مان هڪ آهين، تڏهن بہ تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص پيدا ٿيندو، جيڪو منهنجي طرفان بني اسرائيل جو حڪمران بڻبو. انهيءَ حڪمران جو گھراڻو پراڻي زماني کان وٺي قائم آهي.“ 3 خداوند پنهنجي قوم کي تيستائين سندن دشمنن جي هٿ ۾ ڇڏي ڏيندو، جيستائين اهو حڪمران پنهنجي ماءُ جي پيٽان نہ ڄمي. پوءِ حڪمران جي قوم وارا جيڪي جلاوطنيءَ ۾ آهن، سي موٽي اچي پنهنجي ملڪ ۾ آباد ٿيندا، ۽ باقي اتي رهيل بني اسرائيل سان گڏ رهندا. 4 تڏهن هو خداوند پنهنجي خدا جي قدرت ۽ سندس نالي جي عظمت سان هڪ ريڍار جيان پنهنجيءَ قوم جي سنڀال ڪندو. پوءِ خداوند جي قوم سلامتيءَ سان رهندي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ وقت سڄي ڌرتيءَ جا ماڻهو انهيءَ حڪمران جي عظمت کي ڄاڻي وٺندا. 5 بيشڪ انهيءَ جي اچڻ سان خوشحالي ۽ سلامتي ملندي. جڏهن اشوري اسان بني اسرائيل جي ملڪ تي اچي حملو ڪندا ۽ اسان جي ڪوٽن وارن شهرن ۾ گھڙي ايندا، تڏهن اسين پنهنجي گھڻن ئي طاقتور سالارن جي اڳواڻيءَ ۾ سندن مقابلو ڪنداسين. (اشور وارن کان آزادي) 6 انهن سالارن جو طاقتور لشڪر اشوري قوم کي، بلڪ نمرود نالي سندن ملڪ کي شڪست ڏيندو. هائو، جڏهن اشوري اسان جي ملڪ ۾ اچي اسان جي سرحدن ۾ پير ڄمائيندا، تڏهن خداوند انهن کان اسان کي ڇڏائيندو. (جلاوطنيءَ ۾ بني اسرائيل کي طاقت ملڻ) 7 بني اسرائيل جا تباهيءَ کان باقي بچي ويل ماڻهو، جيتوڻيڪ گھڻين ئي قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل هوندا، تنهن هوندي بہ خداوند انهن کي طاقت ڏيئي ائين قائم رکندو، جيئن ماڪ ۽ مينهن ڌرتيءَ کي تازگي ڏيندا آهن. اهي خدا تي ئي توڪل رکندا، نہ ڪنهن انسان تي. 8 جيتوڻيڪ اهي مختلف قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل هوندا، تنهن هوندي بہ اهي ائين حملو ڪندا، جيئن ڪو خوفناڪ شينهن جھنگلي جانورن يا رڍن جي ڌڻ ۾ ڪاهي پوندو آهي. جڏهن اهو ڌڻ ۾ گھڙي پوندو آهي تڏهن رڍن کي چيري ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو نہ هوندو آهي. 9 اهڙيءَ طرح بني اسرائيل پنهنجي دشمنن تي غالب پوندا، ۽ سڀني کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندا. (بني اسرائيل مان پليتي ڪڍڻ) 10 خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ وقت آءٌ اوهان جا گھوڙا، بلڪ اوهان جون جنگي گھوڙي گاڏيون ناس ڪري ڇڏيندس، جن تي اوهين توڪل رکو ٿا. 11 اوهان جي ملڪ جا شهر ۽ مضبوط قلعا، جن ۾ حفاظت جي لحاظ کان اوهان کي ڀروسو آهي، تن سڀني کي آءٌ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندس. 12 آءٌ اوهان مان جادوگريءَ وارا ڪم ختم ڪري ڇڏيندس، ۽ نہ وري اڳتي اوهان ۾ ڪو فال وجھندڙ ئي رهندو. 13-14 آءٌ اوهان جون تراشيل مورتيون، ٿنڀي جيان کوڙيل پوڄا وارا پٿر، ۽ يسيرہ نالي اوهان جي ديويءَ جا کوڙيل بت ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس. بلڪ آءٌ اوهان جا بتپرستيءَ وارا شهر بہ ناس ڪري ڇڏيندس. اوهين اڳتي وري ڪڏهن بہ پنهنجي هٿن سان جوڙيل شين جي پوڄا نہ ڪندا. 15 بلڪ آءٌ پنهنجو قهر وَ غضب نازل ڪري انهن قومن کان بدلو وٺندس، جن منهنجي نافرماني ڪئي آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society