ميڪاہ 3 - Muslim Sindhi Bibleميڪاہ جو بني اسرائيل جي اڳواڻن کي نندڻ 1 اي بني يعقوب جا اڳواڻؤ! هائو، اي بني اسرائيل جا حڪمرانؤ! ٻڌو. ڇا اوهان جو اهو فرض ناهي جو اوهين انصاف قائم ڪريو؟ 2-3 پر اوهين تہ نيڪيءَ کي ڌڪاريو ٿا، ۽ بڇڙائيءَ کي پسند ٿا ڪريو. جيئن ڪاسائي ڪٺل ڍور جي کل لاهي انهيءَ جي هڏين تان ماس رهڙي ٿو وٺي ۽ هڏا ڀڃي ٿو ڇڏي، ۽ پوءِ گوشت کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ديڳ ۾ رنڌڻ لاءِ ٿو وجھي، تيئن ئي اوهين منهنجي قوم وارن سان سلوڪ ٿا ڪريو. ڄڻ تہ اوهين انهن جو ماس کائي کائي چٽ ٿا ڪريو. 4 سو اي اڳواڻؤ! اهو وقت اچڻ وارو آهي، جڏهن اوهين خداوند آڏو مدد لاءِ ٻاڏائيندا، پر هو اوهان کي ڪو جواب نہ ڏيندو. اوهان جي بدڪارين جي ڪري هو اوهان کان منهن موڙي ڇڏيندو. 5 نبي سڏائيندڙن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪرڻ وارؤ! جيڪي اوهان کي کارائين پيئارين ٿا، تن سان منهنجي طرفان امن وَ سلامتيءَ جو واعدو ٿا ڪريو. پر جيڪي اوهان جو وات نہ ٿا ڀرين، تن کي اوهين منهنجو نالو وٺي آفتن اچڻ جا دڙڪا ٿا ڏيو. 6 سو هاڻي اڳتي اوهين اهڙيون رويائون نہ ڏسي سگھندا، ۽ نہ وري ڪا اڳڪٿي ڪري سگھندا. هائو، جنهن کي اوهين روحاني روشني چئو ٿا سا اوهان کي ڏسڻ ۾ نہ ايندي ۽ ڏينهن ۾ بہ اوهان کي رات واري اونداهي نظر ايندي. 7 سو اي غيبدانو ۽ فالون وجھندڙؤ! هاڻ اوهين پنهنجي ناڪاميءَ سبب ذليل ۽ خوار خراب ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ منهنجي طرفان اوهان جي منٿن جو ڪو جواب نہ ملندو.“ 8 پر خداوند مون ميڪاہ تي پنهنجو روح نازل ڪري مون کي طاقت، عدل ۽ دليري عطا ڪري ڇڏي آهي، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ يعقوب جي اولاد بني اسرائيل کي سندن ڪيل گناهن کان آگاهہ ڪريان. 9 سو اي بني يعقوب جا اڳواڻؤ! هائو، اي بني اسرائيل جا حڪمرانؤ! ٻڌو. اوهين جيڪي انصاف کان نفرت ٿا ڪريو، ۽ سچ کي ٽوڙي مروڙي ٿا ڇڏيو، سي هيءَ ڳالهہ ٻڌي ڇڏيو تہ 10 اوهين خداوند جي شهر يروشلم کي تہ اڏايو ٿا پر انهيءَ اڏاوت ۾ خونريزي ۽ ناانصافي شامل آهي. 11 اوهان جا عملدار رشوت وٺي ناانصافيءَ وارو فيصلو ٿا ڪن. اوهان جا ڪاهن پئسن جي لالچ ۾ شريعت جي تعليم ٿا ڏين، ۽ اوهان جا نبي سڏائيندڙ دولت وٺي اڳڪٿيون ٿا ڪن. انهيءَ هوندي بہ اوهين دعويٰ ٿا ڪريو تہ ”خداوند اسان سان گڏ آهي، سو اسان تي ڪا آفت ڪا نہ ايندي.“ 12 تنهنڪري اوهان جي انهن عملن جي ڪري ئي صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو. هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو ۽ جتي هيڪل اڏيل آهي اُتي جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society