Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ميڪاہ 1 - Muslim Sindhi Bible

1 يهوداہ جي ٽن بادشاهن يوتام، آخز ۽ حزقياہ جي بادشاهتن جي دوران خداوند مون ميڪاہ مورشتيءَ کي اسرائيل ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ سامريہ ۽ يهوداہ ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ يروشلم وارن بابت هي پيغام ڏنو.


سامريہ ۽ يروشلم شهرن ۽ سندن رهاڪن لاءِ مرثيو

2 اي سموريون قومون! ٻڌو، هائو، اي ڌرتيءَ جا رهاڪؤ! اوهين سڀ ٻڌو. خداوند خدا اوهان جا گناهہ ظاهر ڪندي اوهان جي خلاف فيصلو ڏيڻ وارو آهي. ٻڌو، هو پنهنجي عرش عظيم مان ڳالهائي رهيو آهي.

3 ڏسو، خداوند پنهنجي انهيءَ جاءِ مان نڪري هيٺ اچي ٽڪر تي ٺهيل پوڄا گھرن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيندو.

4 پوءِ سندس پيرن جي بار ڪري جبل ائين رجي ويندا، جيئن باهہ ۾ ميڻ رجيو وڃي. جبلن جي رجڻ سان ائين گھارا بڻجي ويندا، جيئن جبلن تان پاڻيءَ جي وهڻ ڪري بڻبا آهن.

5 اهو سڀ ڪجھہ يعقوب جي اولاد، يعني بني اسرائيل جي گناهن جي ڪري ٿيندو. ڇا سامريہ شهر ۾ اسرائيل وارن کي بت‌پرستيءَ جي راهہ تي نہ آندو ويو آهي؟ ڇا يروشلم شهر ۾ غير معبودن جون قربان‌گاهون ٺاهي يهوداہ وارن کي گنهگار نہ بڻايو ويو آهي؟

6 تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ سامريہ شهر کي برباد ڪري ڀترن جا ڍير بڻائي ڇڏيندس، جتي رڳو انگورن جون وليون پوکي سگھجن. آءٌ انهيءَ جا ڀتر ماٿريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيندس، ايتري قدر جو شهر جي جاين جا بنياد ڏسڻ ۾ ايندا.

7 آءٌ سامريہ جي قيمتي بتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس. هائو، انهيءَ جي سڀني بتن کي ڀڃي ڍير ڪيو ويندو، ۽ انهيءَ جي پوڄا گھرن جي ڪڃرين کي ڏنل هر شيءِ ساڙي رک ڪئي ويندي. سامريہ وارن پوڄا گھرن جي ڪڃرين جي اجرت مان جيڪي سون ۽ چاندي گڏ ڪيا آهن، سي سڀيئي ڌاريا ماڻهو کڻي ٻين ڪڃرين کي اجرت طور ڏيڻ ۾ استعمال ڪندا.“

8 اهڙي دردناڪ واقعي سبب آءٌ ميڪاہ روئندس ۽ رڙندس، ۽ پيرين اگھاڙو ۽ ننگو ٿي گھمندس. جيئن گدڙ ڪوڪون ڪندا آهن، ۽ شتر مرغ روئڻ جهڙو آواز ڪڍندا آهن، تيئن ئي آءٌ سوڳ وچان رڙيون ڪندس.

9 سامريہ جا زخم لاعلاج آهن، ۽ ساڳي ئي حالت يهوداہ سان بہ ٿيڻي آهي. بيشڪ بربادي منهنجي قوم جي واپاري مرڪز مٿان اچي پهچڻ واري آهي، هائو، يروشلم مٿان ڪڙڪڻ واري آهي.

10 اي يهوداہ وارؤ! اوهين جات شهر وارن اسان جي دشمنن کي پنهنجي ملڪ تي اچڻ واري مصيبت بابت نہ ٻڌايو، اهي اوهان کي روئندي پٽيندي نہ ڏسن. تنهن هوندي بہ اوهين پنهنجي مصيبت جو اظهار اهڙيءَ طرح ڪندا جهڙا اوهان جي ڳوٺن جا نالا آهن، جهڙوڪ: اي بيت‌افرہ وارؤ! اوهين مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائيندا.

11 اي سفير شهر جا رهاڪؤ! اوهين اگھاڙا ۽ شرمندا ٿي جلاوطن ٿي ويندا. اي ضانان شهر جا رهاڪؤ! اوهين پنهنجي شهر مان نڪرڻ جي همت نہ ڌاري سگھندا. جڏهن بيت‌ايضل وارن جي روئڻ رڙڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي، تڏهن ڄاتو ويندو تہ اتي انهن لاءِ ڪا پناهہ ناهي.

12 جڏهن خداوند جي طرفان يروشلم تي آفت اچي نازل ٿيندي، تڏهن ماروت شهر جا رهاڪو مدد لاءِ سخت انتظار ۾ هوندا.

13 اي لڪيس شهر جا رهاڪؤ! اوهين جنگي گھوڙي گاڏيون تيار ڪري ڀڄي وڃو. شروعات ۾ اوهان اسرائيل وارن جا گناهہ ڏسي ڪري يروشلم وارن کي بہ گمراهہ ڪيو.

14 هاڻي اي يهوداہ وارؤ! اوهين مورست‌جات شهر کي الوداع چئي هليا ويندا. اسرائيل جا بادشاهہ اڪزيب شهر وارن جي مدد کان مايوس ٿي ويندا.

15 اي مريسہ شهر جا رهاڪؤ! خداوند اوهان کي اهڙي دشمن جي حوالي ڪندو، جيڪو اوهان جي شهر تي قبضو ڪري وٺندو. بني اسرائيل جا اڳواڻ عدلام جي غار ۾ وڃي لڪندا.

16 اي يروشلم جي پياري وسندي! جيئن ماڻهو ڏک جو اظهار ڪرڻ خاطر پنهنجا مٿا ڪوڙائي ڳجھہ وانگر بلڪل گنجا ٿين ٿا، تيئن تون بہ پنهنجي ملڪ جي رهاڪن لاءِ روڄ راڙو ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهي تو کان کسي جلاوطن ڪيا ويندا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan