متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6 - Muslim Sindhi Bibleرياڪاريءَ خلاف تنبيهہ ( 6:1-18 ) 1 ”خبردار ٿجو، متان چڱا ڪم ماڻهن جي ڏيکاءَ لاءِ ڪريو. جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ اوهان کي پنهنجي آسمان واري پيءُ وٽان ڪوبہ اجر نہ ملندو. (خيرات ۾) 2 تنهنڪري جڏهن اوهين ڪنهن کي خيرات ڏيو تہ ان جو ڏيکاءُ نہ ڪريو، جيئن رياڪار عبادتخانن ۽ بازارن ۾ ڪندا آهن. اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا آهن تہ جيئن ماڻهو انهن جي ساراهہ ڪن. پر آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو اجر ملي چڪو آهي. 3 جڏهن اوهين خيرات ڏيو تہ اوهان جي کاٻي هٿ کي اها خبر نہ پوي تہ ساڄو هٿ ڇا ٿو ڪري، 4 تہ جيئن اوهان جو خيرات ڏيڻ ڳجھو رهي. تڏهن اوهان جو پيءُ جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي ان جو اجر ڏيندو.“ (دعا ۾) ( لوقا 11:2-4 ) 5 ”جڏهن اوهين دعا گھرو تڏهن رياڪارن وانگر نہ ٿيو. اهي عبادتخانن ۽ رستن جي چونڪن تي بيهي دعا گھرندا آهن تہ جيئن هر هڪ انهن کي ڏسي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو اجر ملي چڪو. 6 پر جڏهن اوهين دعا گھرو تہ پنهنجي ڪمري جا دروازا بند ڪري پنهنجي پيءُ کان دعا گھرو، جيڪو ڳُجھہ ۾ آهي. اوهان جو پيءُ جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي ان جو اجر ڏيندو. 7 اوهين پنهنجي دعا ۾ اجايا گھڻا لفظ ڪم نہ آڻيو، جيئن غير ايمان وارا ڪندا آهن، ڇو تہ هو سمجھن ٿا تہ انهن جون ڊگھيون دعائون گھرڻ ڪري خدا سندن ٻڌندو. 8 سو انهن وانگر نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو پيءُ اوهان جي گھرڻ کان اڳ ۾ ئي ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي ڇا گھرجي. 9 تہ پوءِ هن ريت دعا گھرو تہ ’اي اسان جا بابا! تون جيڪو آسمان تي آهين، شل تنهنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي، 10 ۽ تنهنجي بادشاهي اچي. تنهنجي مرضي جيئن آسمان تي پوري ٿئي ٿي، تيئن زمين تي بہ ٿئي. 11 اسان جي روزانو واري ماني اڄ اسان کي ڏي. 12 اسان جا ڏوهہ اسان کي ائين معاف ڪر، جيئن اسين بہ پنهنجن ڏوهارين کي معاف ٿا ڪريون. 13 اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي، پر جيڪڏهن آزمائش ۾ پئون تہ اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘ 14 سو جيڪڏهن اوهين ماڻهن کي پنهنجا ڏوهہ معاف ڪندا تہ اوهان جو آسمان وارو پيءُ بہ اوهان کي پنهنجا ڏوهہ معاف ڪندو. 15 پر جيڪڏهن اوهين ماڻهن کي پنهنجا ڏوهہ معاف نہ ڪندا تہ اوهان جو آسمان وارو پيءُ بہ اوهان کي پنهنجا ڏوهہ معاف نہ ڪندو.“ (روزي ۾) 16 ”جڏهن اوهين روزو رکو تہ رياڪارن وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهن لٿل جو ڏيکاءُ انهيءَ لاءِ ٿا ڪن، تہ جيئن ماڻهو ڏسن تہ هنن روزو رکيو آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو اجر ملي چڪو آهي. 17 پر جڏهن اوهين روزو رکو تہ پنهنجي منهن کي ڌوئو ۽ مٿي کي تيل مکي ڦڻي ڏيو، 18 تہ جيئن ماڻهو نہ، بلڪ اوهان جو پيءُ جيڪو ڳُجھہ ۾ آهي سو اوهان کي روزيدار سمجھي. تڏهن اوهان جو پيءُ جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي اجر ڏيندو.“ خدا جي ئي طلب ۾ رهو ( 6:19-34 ) (عرش عظيم ۾ خزانو گڏ ڪرڻ) ( لوقا 12:33-34 ) 19 ”اوهين هن دنيا ۾ پنهنجي لاءِ خزانو گڏ نہ ڪريو، جتي ڪينئان ۽ ڪٽ ان کي تباهہ ڪن ٿا ۽ چور کاٽ هڻي چوري ڪن ٿا. 20 بلڪ پنهنجو خزانو عرش عظيم ۾ گڏ ڪريو، جتي نہ ڪينئان ۽ نہ ڪٽ ان کي تباهہ ڪري سگھن ٿا ۽ نہ وري چور کاٽ هڻي چورائي سگھن ٿا، 21 ڇاڪاڻ تہ جتي اوهان جو خزانو هوندو تہ اوهان جي دل بہ اتي ئي هوندي.“ (خدا ڏانهن نظر رکڻ) ( لوقا 11:34-36 ) 22 ”اکيون بدن لاءِ ڏيئي مثل آهن. سو جيڪڏهن اوهان جي نظر صحيح پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جي سڄي بدن اندر روشني هوندي. 23 پر جيڪڏهن اوهان جي نظر ڪنهن غلط پاسي ڏانهن هوندي تہ اوهان جي سڄي بدن اندر اونداهي هوندي. سو جيڪا روشني اوهان ۾ آهي سا جيڪڏهن اوندهہ هجي تہ پوءِ ڪيڏي نہ وڏي اونداهي ٿي پوندي.“ (خدا ۽ دولت جي هڪ ئي وقت غلامي ٿي نہ ٿي سگھي) ( لوقا 16:13 ، 12:22-31 ) 24 ”ڪوبہ ماڻهو هڪ ئي وقت ٻن مالڪن جي غلامي ڪري نہ ٿو سگھي. هو هڪڙي سان محبت تہ ٻئي سان نفرت ڪندو، يا هڪڙي سان وفادار رهندو تہ ٻئي کي خسيس ڄاڻيندو. سو اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي هڪ ئي وقت غلامي ڪري نہ ٿا سگھو. 25 تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’اسين ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين؟‘ ۽ نہ پنهنجي جسم لاءِ تہ ’اسين ڇا پهرينداسين؟‘ ڇا جان کاڌي کان ۽ جسم ڪپڙن کان وڌيڪ اهم نہ آهي؟ 26 پکين تي غور ڪريو جيڪي نہ پوکين، نہ لڻين ۽ نہ اناج ڀانڊن ۾ انبار ڪن، تہ بہ اوهان جو آسمان وارو پيءُ انهن کي کارائي ٿو. ڇا اوهين انهن کان وڌيڪ قدر نہ ٿا رکو؟ 27 ڇا اوهان مان ڪو ڳڻتيون ڪرڻ سان پنهنجي حياتيءَ جو هڪڙو منٽ بہ وڌائي سگھي ٿو؟ 28 اوهين ڪپڙن لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟ غور ڪريو تہ جھنگ ۾ سوسن گل جا ٻوٽا ڪيئن ٿا وڌن. اهي پاڻ کي سينگارڻ لاءِ ڪا محنت ڪونہ ٿا ڪن. 29 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ سليمان کي باوجود ايڏي شان وَ شوڪت جي، انهن مان ڪنهن هڪ جهڙو بہ ويس پهريل نہ هو. 30 ڏسو، جيڪڏهن جھنگلي گاهہ جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنهن کي بہ خدا ائين پهرائي ٿو، تہ پوءِ اهو اوهان کي نہ پهرائيندو ڇا؟ اوهان جو ايمان ڪيڏو نہ ڪمزور آهي! 31 سو اوهين ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين؟‘ يا ’ڇا پيئنداسين؟‘ يا ’ڇا پهرينداسين؟‘ 32 غير ايمان وارا انهن شين جي ڳولا ۾ هوندا آهن، جڏهن تہ اوهان جو آسمان وارو پيءُ ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي هي سڀ شيون گھرجن. 33 پر اوهين پهريائين هن جي بادشاهيءَ ۽ سچائيءَ جي ڳولا ۾ رهو تہ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون. 34 سو اوهين سڀاڻي جي ڳڻتي نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي جو ڏينهن پنهنجي لاءِ پاڻ ئي ڳڻتي ڪندو. اڄ جي لاءِ اڄ جو ڏک ئي ڪافي آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society