Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5 - Muslim Sindhi Bible


ٽڪر تي وعظ ڪرڻ ( 5‏:1‏–7‏:29 )

1 عيسيٰ وڏو ميڙ ڏسي ٽڪر تي چڙهي ويو ۽ جڏهن اتي ويهي رهيو تہ شاگرد سندس چوڌاري مڙي آيا.

2 هو کين هي ڳالهيون چوندي تعليم ڏيڻ لڳو.


سچي خوشي
( لوقا 6‏:20‏-23 )

3 ”سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا نماڻا آهن، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي بادشاهي انهن جي آهي.

4 سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏکويل آهن، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي تسلي ڏيندو.

5 سڀاڳا آهن اهي جيڪي تابعدار آهن، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي ڌرتيءَ جو وارث ڪندو.

6 سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آهن، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.

7 سڀاڳا آهن اهي جيڪي ٻين تي رحم ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن تي رحم ڪندو.

8 سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا صاف آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي خدا کي ڏسندا.

9 سڀاڳا آهن اهي جيڪي ماڻهن ۾ صلح ڪرائين ٿا، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي پنهنجا ٻار سڏيندو.

10 سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جي ڪري ستايا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي آسمان جي بادشاهيءَ جون برڪتون ماڻين ٿا.

11 سڀاڳا آهيو اوهين، جو ماڻهو منهنجي ڪري اوهان تي ڦٽ لعنت ڪن ٿا، ستائين ٿا ۽ اوهان تي هر قسم جون تهمتون ٿا هڻن،

12 ڇو تہ اهڙيءَ طرح ئي نبين کي بہ ستايو ويو هو. سو بيحد سرها ۽ خوش ٿيو، ڇاڪاڻ تہ عرش عظيم تي اوهان لاءِ وڏو اجر آهي.“


لوڻ ۽ روشنيءَ جا مثال
( مرقس 9‏:50 ، لوقا 14‏:34‏-35 )

13 ”اوهين انسانذات لاءِ لوڻ مثل آهيو. پر جيڪڏهن لوڻ پنهنجي لوڻياٺ ڇڏي ڏئي تہ ان کي وري لوڻياٺو بڻائڻ لاءِ ڪوبہ طريقو نہ آهي. اهو بيڪار ٿي پوندو، تنهنڪري ڦٽو ڪيو ويندو ۽ ماڻهن جي پيرن هيٺان لتاڙيو ويندو.

14 جيئن ڪو ٽڪر تي اڏيل شهر نظر کان لڪي نہ ٿو سگھي، تيئن اوهين سڄي جهان لاءِ روشنيءَ مثل آهيو.

15 ڪوبہ ماڻهو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ هيٺان نہ ٿو رکي، پر هو ان کي ڏياٽيءَ تي ٿو رکي جتان گھر جي هر هڪ ڀاتيءَ کي روشني پهچي ٿي.

16 ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان ائين چمڪي جو اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي اوهان جي پيءُ جي واکاڻ ڪن، جيڪو آسمان تي آهي.“


شريعت بابت تعليم

17 ”اوهين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ توريت توڙي پاڪ ڪلام جي ٻين لکتن کي منسوخ ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. آءٌ انهن کي منسوخ ڪرڻ لاءِ نہ، پر مڪمل ڪرڻ لاءِ آيو آهيان.

18 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين زمين ۽ آسمان باقي آهن، تيستائين شريعت جو هڪڙو اکر يا ان جو ڪو نقطو بہ منسوخ نہ ٿيندو، تان جو سڀيئي ڳالهيون پوريون ٿي نہ وڃن.

19 تنهنڪري جيڪو انهيءَ جي ڪنهن ننڍڙي حڪم کي بہ رد ڪندو ۽ ٻين ماڻهن کي پڻ ائين ڪرڻ سيکاريندو، سو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انهن تي عمل ڪندو ۽ ٻين کي بہ ائين ئي ڪرڻ سيکاريندو تہ اهو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ وڏو سڏبو.

20 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيستائين اوهان جي نيڪي شريعت جي عالمن ۽ فريسين جي نيڪيءَ کان وڌيڪ نہ ٿيندي، تيستائين اوهين ڪنهن بہ طرح آسمان جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿي نہ سگھندا.“


ڪاوڙ خلاف چتاءُ

21 ”اوهان ٻڌو آهي تہ اڳئين زماني جي ماڻهن کي چيو ويو هو تہ ’خون نہ ڪريو‘ ۽ ’جيڪو خون ڪندو سو عدالت ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو.‘

22 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رهي ٿو سو بہ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو. جيڪو ڪنهن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو ڪائونسل واري عدالت ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو ۽ جيڪو ڪنهن کي چوندو تہ ’اي ڪافر!‘ سو دوزخ جي باهہ ۾ پوڻ جي لائق ٿيندو.

23 تنهنڪري جيڪڏهن اوهان مان ڪو پنهنجو نذرانو قربان‌گاهہ تي آڻي چاڙهي ۽ اتي ياد پويس تہ سندس ڪنهن هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ جو ڏانهس ڪو رنج آهي،

24 تہ پنهنجو نذرانو اتي قربان‌گاهہ جي اڳيان ڇڏي پهريائين وڃي انهيءَ کي پرچائي، پوءِ اچي پنهنجو نذرانو چاڙهي.

25 جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان مان ڪنهن تي ڪيس ڪري ۽ کيس ڪورٽ ڏانهن وٺي وڃي تہ هو واٽ تي ئي ان سان ٺاهہ ڪري ڇڏي، متان اهو فريادي کيس جج جي حوالي ڪري ۽ جج وري کيس سپاهيءَ جي حوالي ڪري ۽ هو جيل ۾ وڌو وڃي.

26 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ پوءِ اهو ماڻهو جيستائين ڏنڊ جي پائي پائي نہ ڏيندو تيستائين ڪنهن بہ طرح اتان نڪري نہ سگھندو.“


زنا خلاف چتاءُ

27 ”اوهان ٻڌو آهي تہ اهو چيو ويو هو تہ ’زنا نہ ڪريو.‘

28 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو ماڻهو ڪنهن عورت ڏانهن بري نظر سان ٿو ڏسي، سو پنهنجيءَ دل ۾ ان عورت سان زنا ڪري چڪو.

29 جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن جي ساڄي اک کيس گمراهہ ڪري تہ هو اها ڪڍي اڇلائي ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ اهو بهتر آهي تہ سندس عضون مان ڀلي هڪڙو هليو وڃي پر هن جو سڄو بدن دوزخ ۾ نہ پوي.

30 جيڪڏهن ڪنهن جو ساڄو هٿ کيس گمراهہ ڪري تہ هو ان کي وڍي اڇلائي ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ اهو بهتر آهي تہ سندس عضون مان ڀلي هڪڙو هليو وڃي پر هن جو سڄو بدن دوزخ ۾ نہ پوي.“


طلاق خلاف چتاءُ
( متي 19‏:9 ، مرقس 10‏:11‏-12 ، لوقا 16‏:18 )

31 ”اهو بہ چيو ويو هو تہ ’جيڪو بہ پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي، سو انهيءَ کي طلاق نامو بہ لکي ڏئي.‘

32 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو بہ پنهنجي زال کي زنا جي ڏوهہ کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري طلاق ٿو ڏئي، سو هن کي زناڪار ٿو بڻائي ۽ پوءِ جيڪو انهيءَ طلاق ڏنل عورت سان پرڻبو سو بہ زناڪار ٿيندو.“


قسم کڻڻ خلاف چتاءُ

33 ”ٻيو اوهان اهو بہ ٻڌو آهي تہ اڳئين زماني ۾ ماڻهن کي چيو ويو هو تہ ’خداوند جي آڏو پنهنجا کنيل قسم نہ ڀڃو، پر اهي پورا ڪريو.‘

34 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قسم اصل کڻو ئي نہ. اوهين نہ آسمان جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اهو خدا جو تخت آهي،

35 نڪي زمين جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اها خدا جي پيرن جي صندلي آهي. اوهين نہ يروشلم جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اهو وڏي بادشاهہ خدا جو شهر آهي

36 ۽ نہ وري پنهنجي سر جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اوهين هڪ وار بہ ڪارو يا اڇو ڪري نہ ٿا سگھو.

37 پر قسم کڻڻ جي بدران رڳو ’ها‘ يا ’نہ‘ چئو، ان کان وڌيڪ چوڻ شيطاني آهي.“


بدلو وٺڻ خلاف چتاءُ
( لوقا 6‏:29‏-30 )

38 ”اوهان ٻڌو آهي تہ اهو چيو ويو هو تہ ’اک جي بدلي اک ۽ ڏند جي بدلي ڏند.‘

39 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوهان سان بڇڙائي ڪري ان کان بدلو نہ وٺو. پر جيڪڏهن ڪو اوهان کي هڪ ڳل تي چماٽ هڻي تہ ان کي ٻيو ڳل بہ ڦيرائي ڏيو.

40 جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان مان ڪنهن جي قميص هٿ ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ دعويٰ ڪري تہ هو ان کي پنهنجو ڪوٽ بہ ڏيئي ڇڏي.

41 جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن کي ڪو بيگر ۾ هڪ ڪلوميٽر وٺي وڃي، تنهن سان هو ٻہ ڪلوميٽر هليو وڃي.

42 جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن کان ڪو اڌارو گھري تہ هو کيس انڪار نہ ڪري، بلڪ جيڪڏهن ڪو اوهان کان ڪجھہ مفت گھري تہ بہ انهيءَ کي ڏيئي ڇڏيو.“


دشمنن سان پيار
( لوقا 6‏:27‏-28 ‏، 32‏-36 )

43 ”اوهان ٻڌو آهي تہ اهو چيو ويو هو تہ ’پنهنجي دوستن سان پيار ڪر ۽ پنهنجي دشمنن کان نفرت ڪر.‘

44 پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن سان بہ پيار ڪريو ۽ جيڪي اوهان کي ستائين تن لاءِ دعا گھرو،

45 تہ جيئن اوهان جو پيءُ، جيڪو آسمان تي آهي تنهن جا اوهين ٻار ٿيو. هو چڱن توڙي بڇڙن تي پنهنجو سج هڪجهڙو اُڀاري ٿو ۽ سچارن توڙي بدڪارن ٻنهي تي هڪجهڙو مينهن وسائي ٿو.

46 جيڪڏهن اوهين رڳو انهن سان پيار ڪريو ٿا جيڪي اوهان سان پيار ڪن ٿا تہ اوهان کي ڪهڙو اجر ملندو؟ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا.

47 وري جيڪڏهن اوهين رڳو پنهنجن هم‌ايمان ڀائرن ڀينرن جو ڀليڪار ڪريو ٿا تہ اوهان ڪا خاص ڳالهہ تہ ڪانہ ڪئي، ڇو تہ غير ايمان وارا بہ ائين ئي ڪن ٿا.

48 سو اوهين بہ ائين ئي ڪامل ٿيو جيئن اوهان جو آسمان وارو پيءُ ڪامل آهي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan