Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4 - Muslim Sindhi Bible


عيسيٰ مسيح جي آزمائش
( مرقس 1‏:12‏-13 ، لوقا 4‏:1‏-13 )

1 پوءِ پاڪ روح عيسيٰ کي رڻ‌پٽ ۾ وٺي ويو تہ جيئن ابليس کيس آزمائي.

2 جيئن تہ عيسيٰ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون روزي ۾ گذاريو هو، تنهنڪري کيس ڏاڍي بک لڳي هئي.

3 سو ابليس هن وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ هنن پٿرن کي حڪم ڪر تہ مانيون ٿي پون.“

4 تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’ماڻهو رڳو مانيءَ تي جيئرو نہ ٿو رهي، پر هر انهيءَ ڳالهہ تي جيڪا خدا چوي ٿو.‘“

5 پوءِ ابليس عيسيٰ کي پاڪ شهر يروشلم ۾ وٺي ويو. هن کي هيڪل جي تمام مٿاهين ڪنگريءَ تي بيهاري

6 چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ هتان پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’خدا پنهنجي ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، اهي تو کي پنهنجن هٿن تي جھلي وٺندا، تہ جيئن تنهنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“

7 تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”پاڪ ڪلام ۾ اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزماءِ.‘“

8 ابليس عيسيٰ کي وري هڪڙي مٿاهين جبل تي وٺي ويو ۽ دنيا جون سڀيئي بادشاهتون شان وَ شوڪت سميت ڏيکاريائينس

9 ۽ چيائينس تہ ”آءٌ تو کي هي سڀ شيون ڏيندس، جيڪڏهن تون هيٺ نِوڙي مون کي سجدو ڪندين.“

10 تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“

11 پوءِ ابليس هن کي ڇڏي هليو ويو تہ هڪدم ملائڪ اچي پهتا ۽ عيسيٰ جي خدمت ڪرڻ لڳا.


عيسيٰ مسيح جو گليل ۾ خدمت وارو ڪم شروع ڪرڻ
( مرقس 1‏:14‏-15 ، لوقا 4‏:14‏-15 )

12 جڏهن عيسيٰ ٻڌو تہ يحيٰ کي جيل ۾ وڌو ويو آهي تڏهن هو گليل علائقي ڏانهن روانو ٿي ويو.

13 هو ناصرت ۾ نہ رهيو پر وڃي ڪفرناحوم شهر ۾ رهيو، جيڪو گليل ڍنڍ تي بني اسرائيل جي زبولون ۽ نفتالي قبيلن جي حدن اندر آهي.

14 اهو انهيءَ ڪري ٿيو تہ يسعياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ

15 ”زبولون جو علائقو ۽ نفتاليءَ جو علائقو جن وٽان وڏو رستو سمنڊ ڏانهن وڃي ٿو ۽ جيڪو اردن جي اوڀر پاسي تائين غير قومن وارو گليل آهي،

16 اتي جا ماڻهو جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺل هئا، تن هڪڙي وڏي روشني ڏٺي. هائو، اهي جيڪي موت واري اونداهي ملڪ ۾ ويٺا هئا، تن تي روشني ظاهر ٿي.“

17 سو انهيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنهنجي پيغام جي تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ”پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي بادشاهي ويجھي آئي آهي.“


چئن مهاڻن کي پوئلڳ بڻائڻ
( مرقس 1‏:16‏-20 ، لوقا 5‏:1‏-11 )

18 جيئن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري تان لنگھيو پئي تہ هن ٻہ ڀائر ڏٺا، هڪڙو شمعون جنهن کي پطرس بہ سڏيو وڃي ٿو ۽ ٻيو سندس ڀاءُ اندرياس. اهي ٻيئي مهاڻا هئا ۽ ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌائون.

19 عيسيٰ انهن کي سڏي چيو تہ ”اچو ۽ منهنجي پٺيان هلو تہ آءٌ اوهان کي مڇين بدران ماڻهو هٿ ڪرڻ سيکاريان.“

20 هو هڪدم پنهنجا ڄار ڦٽا ڪري سندس پٺيان هلڻ لڳا.

21 هو اتان اڳڀرو ٿيو تہ هن ٻہ ٻيا ڀائر يعقوب ۽ يوحنا ڏٺا، جيڪي زبديءَ جا پٽ هئا. اهي پنهنجي پيءُ زبديءَ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪري رهيا هئا. عيسيٰ انهن کي سڏيو،

22 تہ اهي بہ هڪدم ٻيڙيءَ ۽ پنهنجي پيءُ کي ڇڏي عيسيٰ جي پٺيان هلڻ لڳا.


عوام جي خدمت ڪرڻ
( لوقا 6‏:17‏-19 )

23 عيسيٰ گليل جي سڄي علائقي ۾ گھمندو رهيو ۽ اتي جي عبادت‌خانن ۾ تعليم ڏيندو، آسمان جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ ماڻهن کي سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائيندو رهيو.

24 انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.

25 سو وڏا وڏا ميڙ سندس پويان پئي هليا، جيڪي گليل ۽ دڪاپلس جي علائقن، يروشلم بلڪ سڄي يهوديہ ۽ اردن جي پرينءَ ڀر واري علائقي کان آيل هئا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan