Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 28 - Muslim Sindhi Bible


عيسيٰ مسيح جو وري جيئرو ٿي اٿڻ
( مرقس 16‏:1‏-10 ، لوقا 24‏:1‏-12 ، يوحنا 20‏:1‏-10 )

1 سبت جي ڏينهن کان پوءِ جڏهن آچر جي پرهہ ڦٽڻ لڳي تہ مريم مگدليني ۽ ٻي مريم قبر ڏانهن ويون.

2 ايتري ۾ ڏاڍو زوردار زلزلو آيو ۽ خداوند جو هڪڙو ملائڪ آسمان مان هيٺ لٿو ۽ قبر جي منهن واري پٿر کي پاسي تي ريڙهي مٿس چڙهي ويٺو.

3 هن جي صورت کِنوڻ جهڙي تجليدار هئي ۽ سندس پوشاڪ نوراني هئي.

4 پهريدار کانئس اهڙا تہ ڊنا جو ڏڪندي ڏڪندي زمين تي ڪري پيا ۽ مُڙدن وانگر پئجي رهيا.

5 انهيءَ ملائڪ عورتن کي چيو تہ ”اوهين نہ ڊڄو. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين عيسيٰ کي ڳولي رهيون آهيو، جيڪو صليب تي چاڙهيو ويو هو.

6 هو هتي ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ جيئن هن چيو هو تيئن ئي هو جيئرو ٿي اٿيو آهي. هيڏانهن اچو ۽ اها جاءِ ڏسو جتي هو پيل هو.

7 پوءِ جلدي وڃي هن جي شاگردن کي ٻڌايو تہ ’هو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي ۽ اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن وڃي رهيو آهي. اتي اوهين کيس ڏسندا.‘ ڏسو، مون اوهان کي سڀ ڪجھہ ٻڌائي ڇڏيو آهي.“

8 تڏهن هنن اها جاءِ ڏٺي ۽ پوءِ ڊپ ۽ گھڻي خوشيءَ وچان قبر کان جلدي روانيون ٿي عيسيٰ جي شاگردن کي ٻڌائڻ لاءِ ڊوڙنديون ٿي ويون

9 تہ اوچتو ئي عيسيٰ انهن سان مليو ۽ چيائين تہ ”سلام.“ تڏهن انهن اڳتي وڌي سندس پيرن تي ڪري کيس سجدو ڪيو.

10 عيسيٰ کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، وڃو ۽ منهنجي شاگردن کي وڃي ٻڌايو تہ هو گليل ڏانهن هلن. اتي هو مون کي ڏسندا.“


پهريدارن جو اطلاع ڏيڻ

11 اهي عورتون اڃا رستي ۾ ئي هيون تہ هوڏانهن پهريدار جن قبر تي پهرو پئي ڏنو، تن مان ڪي موٽي شهر ڏانهن آيا ۽ جيڪي ڪجھہ ٿيو هو سو سڀ اچي سردار ڪاهنن کي ٻڌايائون.

12 تڏهن سردار ڪاهنن يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن سان ملي صلاح ڪري سپاهين کي جھجھا پئسا رشوت ڏنا تہ جيئن

13 اهي چون تہ ”جڏهن رات جو اسين سمهيا پيا هئاسين تڏهن عيسيٰ جا شاگرد آيا ۽ سندس لاش چورائي کڻي ويا.“

14 هنن سپاهين کي دلجاءِ ڏيندي چيو تہ ”جيڪڏهن اها ڳالهہ گورنر جي ڪن تي پئجي ويئي تہ بہ اسين پاڻيهي هن کي سمجھائينداسين. سو اوهان کي ڪنهن بہ ڳالهہ جو خوف ڪرڻ نہ گھرجي.“

15 تڏهن پهريدارن پئسا وٺي اها ڳالهہ ڪئي جيڪا کين سيکاري ويئي هئي. ان ئي ڏينهن کان وٺي اها سيکاريل ڳالهہ يهودين ۾ پکڙجي ويئي آهي ۽ اڃا تائين مشهور آهي.


شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ
( مرقس 16‏:14‏-18 ، لوقا 24‏:36‏-49 ، يوحنا 20‏:19‏-23 ، رسولن جا ڪم 1‏:6‏-8 )

16 تڏهن يارهن ئي شاگرد گليل علائقي ڏانهن ويا ۽ انهيءَ جبل تي گڏ ٿيا جتي عيسيٰ وڃڻ لاءِ چيو هئن.

17 اتي جڏهن انهن عيسيٰ کي ڏٺو تہ هن کي سجدو ڪيائون، جيتوڻيڪ ڪن کي شڪ بہ هو.

18 عيسيٰ شاگردن جي ويجھو اچي کين چوڻ لڳو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان تي پورو اختيار ڏنو ويو آهي.

19 تنهنڪري اوهين سڀني قومن وٽ وڃو ۽ انهن کي منهنجا پوئلڳ بڻايو. انهن کي پيءُ، فرزند ۽ پاڪ روح جي نالي تي بپتسما ڏيو

20 ۽ کين تعليم ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan