Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 23 - Muslim Sindhi Bible


پاڻ کي وڏو سڏائڻ خلاف چتاءُ
( مرقس 12‏:38‏-39 ، لوقا 11‏:43 ‏، 46 ، 20‏:45‏-46 )

1 پوءِ عيسيٰ ميڙ ۽ پنهنجي شاگردن سان ڳالهائيندي چيو تہ

2 ”شريعت جي عالمن ۽ فريسين کي موسيٰ جي شريعت جو اختيار مليل آهي.

3 تنهنڪري اوهان کي انهن جو هر هڪ چيو مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ گھرجي. پر انهن جي ڪمن تي عمل نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ جيئن اهي چون ٿا تيئن ڪونہ ٿا ڪن.

4 هو ڳرا بار ٻڌي ماڻهن جي ڪلهن تي تہ رکن ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪن.

5 هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا سو رڳو ڏيکاءَ لاءِ ٿا ڪن. انهيءَ لاءِ هو آيتن سان ڀريل وڏيون وڏيون پٽيون نرڙ ۽ ٻانهن تي ٻڌن ٿا ۽ جبن تي وڏا وڏا جھالردار ڦُندڻ بہ لڳائين ٿا.

6 هو دعوتن توڙي عبادت‌خانن ۾ اعليٰ درجي وارين جاين تي ويهڻ پسند ڪن ٿا.

7 هو چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين سلامي ٿين ۽ کين ’سائين، سائين‘ ڪري پڪارين.

8 پر اوهين ’سائين‘ نہ سڏايو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سڀيئي هڪٻئي جا ڀائر ڀينر آهيو ۽ اوهان جو رڳو هڪڙو ئي سائين آهي.

9 ساڳيءَ طرح اوهين هن دنيا ۾ ڪنهن کي بہ پيءُ نہ سڏيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو هڪڙو ئي پيءُ آهي جيڪو آسمان تي آهي.

10 نہ وري اوهين مرشد سڏايو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو هڪڙو ئي مرشد آهي يعني مسيح.

11 اوهان ۾ جيڪو سڀني کان وڏو آهي سو اوهان جو خادم ٿئي.

12 جيڪو بہ پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“


عيسيٰ مسيح جو رياڪارن کي نندڻ
( مرقس 12‏:40 ، لوقا 11‏:39‏-42 ‏، 44 ‏، 52 ، 20‏:47 )

13-14 ”ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين آسمان جي بادشاهيءَ جو دروازو ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوهين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نہ وري جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.

15 مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي دين تي آڻڻ لاءِ خشڪي ۽ سمنڊ تہ لتاڙي ٿا وڃو، پر جڏهن هو دين ۾ اچي اوهان جو مريد ٿئي ٿو تہ پوءِ هن کي پاڻ کان بہ ٻيڻو دوزخي ٿا بڻايو.

16 مصيبت آهي اوهان لاءِ اي انڌا اڳواڻؤ! اوهين چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪو هيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند نہ آهي، پر جيڪڏهن ڪو هيڪل ۾ پيل سون جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند آهي.‘

17 اي انڌؤ! اي بي‌وقوفؤ! ڪهڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، سون يا هيڪل جنهن سون کي پاڪ ڪيو؟

18 اوهين ائين بہ چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪو قربان‌گاهہ جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند نہ آهي، پر جيڪڏهن ڪو قربان‌گاهہ تي ڏنل نذر جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند آهي.‘

19 اوهين ڪيڏا نہ انڌا آهيو! ڪهڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، نذر يا قربان‌گاهہ، جيڪا نذر کي پاڪ ٿي ڪري؟

20 تنهنڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو قربان‌گاهہ جو قسم کڻي ٿو تہ اهو نہ رڳو ان جو قسم ٿو کڻي پر انهن سڀني شين جو بہ قسم کڻي ٿو جيڪي ان تي رکيل آهن.

21 جيڪڏهن ڪو هيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ اهو نہ رڳو ان جو پر خدا جو بہ قسم ٿو کڻي جيڪو ان ۾ رهي ٿو.

22 جيڪڏهن ڪو عرش عظيم جو قسم ٿو کڻي تہ هو خدا جي تخت جو قسم تہ کڻي ٿو بلڪ انهيءَ جو بہ قسم کڻي ٿو جيڪو ان تي ويٺل آهي.

23 مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين خدا جي راهہ ۾ ڦودني، وڏفن ۽ زيري جي فصل جو ڏهون حصو تہ ڏيو ٿا، پر جيڪي شريعت جون انهيءَ کان بہ وڌيڪ ضروري ڳالهيون آهن، يعني انصاف، رحم ۽ وفاداري، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي هو جو هي بہ ڪريو ها ۽ انهن کي بہ نہ ڇڏيو ها.

24 اي انڌا اڳواڻؤ! اوهين پاڻيءَ ۾ پيل مک تہ ڏسي ڪڍو ٿا پر اُٺ کي نظرانداز ڪري ڳڙڪائي ٿا وڃو.

25 مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين پنهنجي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو تہ ڌوئي صاف ٿا ڪريو، پر ان جي اندر پيل شيون ڏاڍائيءَ ۽ لوڀ سان حاصل ڪيل آهن.

26 اي انڌا فريسيؤ! وٽيءَ جو پهريائين اندريون پاسو ڌوئي صاف ڪريو تہ پوءِ انهيءَ جو ٻاهريون پاسو بہ صاف ٿي ويندو.

27 مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين اڇين قبرن وانگر آهيو جيڪي ٻاهران تہ سهڻيون نظر ٿيون اچن، پر انهن جو اندر مُڙدن جي هڏن ۽ هر طرح جي گندگيءَ سان ڀريل آهي.

28 ساڳيءَ طرح اوهين بہ ماڻهن کي ٻاهران تہ نيڪ نظر ٿا اچو، پر اوهان جو اندر رياڪاريءَ ۽ خدا جي نافرمانيءَ سان ڀريل آهي.“


رياڪاريءَ جي سزا
( لوقا 11‏:47‏-51 )

29 ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين نبين جا قبا ٿا ٺاهيو ۽ نيڪن جون تربتون ٿا سينگاريو

30 ۽ چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن اسين ابن ڏاڏن جي ڏينهن ۾ هجون ها تہ جيڪر نبين کي قتل ڪرڻ ۾ انهن سان شريڪ نہ ٿيون ها.‘

31 حقيقت ۾ اهڙيءَ طرح اوهين پاڻ اهو قبول ٿا ڪريو تہ ’اسين نبين جي قاتلن جو اولاد آهيون.‘

32 تہ پوءِ وڃو ۽ جيڪو اوهان جي ابن ڏاڏن شروع ڪيو هو تنهن کي ڀلي وڃي پورو ڪريو.

33 اي نانگ جا ٻچؤ! اي ڪاريهر نانگؤ! اوهين دوزخ جي سزا کان ڪيئن بچي سگھندا؟

34 ڏسو، آءٌ اوهان ڏانهن نبي، سياڻا ماڻهو ۽ عالم موڪلي رهيو آهيان. اوهين انهن مان ڪن کي قتل ڪري ڇڏيندا، ڪن کي صليب تي چاڙهيندا ۽ ڪن کي پنهنجن عبادت‌خانن ۾ چهبڪ هڻندا ۽ کين ستائڻ لاءِ شهر بہ شهر سندن پيڇو ڪندا رهندا.

35 انهيءَ لاءِ تہ سڀني نيڪن جو خون جيڪو ڌرتيءَ تي وهايو ويو سو اوهان جي ڳچيءَ ۾ پوي، يعني نيڪ هابيل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي اوهان هيڪل جي اڱڻ ۾ قربان‌گاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو هو.

36 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن سڀني جو خون هن پيڙهيءَ جي ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ پوندو.“


عيسيٰ مسيح جو يروشلم لاءِ افسوس ڪرڻ
( لوقا 13‏:34‏-35 )

37 ”يروشلم! اي يروشلم! تون نبين جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيغمبر تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو.

38 هاڻي ياد رک، تنهنجي هيڪل ويران ڪئي ويندي.

39 آءٌ تو کي چوان ٿو تہ تون هن کان پوءِ مون کي ايستائين نہ ڏسندين جيستائين ائين نہ چوندين تہ ’سڀاڳو آهي اهو، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي.‘“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan