متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 22 - Muslim Sindhi Bibleشاديءَ جي دعوت جو مثال ( لوقا 14:15-24 ) 1 عيسيٰ وري ماڻهن سان مثالن ۾ ڳالهائڻ لڳو. 2 هن چيو تہ ”آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت آهي تہ هڪڙي بادشاهہ پنهنجي پٽ جي شاديءَ جي دعوت ڪئي. 3 هن دعوتين ڏانهن پنهنجا نوڪر موڪليا تہ هو دعوت تي اچن، پر اهي اچڻ نہ پيا گھرن. 4 تنهن تي هن ٻيا نوڪر موڪليا تہ جن کي دعوت مليل آهي، تن کي چون تہ ’مون ٿلها متارا ڍڳا ۽ وهڙا ذبح ڪرايا آهن ۽ ماني تيار آهي، بلڪ هر شيءِ تيار آهي. سو دعوت کائڻ لاءِ هليا اچو.‘ 5 پر دعوتين ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو ۽ پنهنجن ڪمن سان هليا ويا، ڪو پنهنجي ٻنيءَ تي هليو ويو تہ ڪو وري پنهنجي ڪاروبار کي لڳي ويو. 6 جڏهن تہ ڪن دعوتين سندس نوڪرن کي پڪڙي مار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو. 7 تنهن تي بادشاهہ اچي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ پنهنجا سپاهي موڪلي انهن قاتلن کي مارائي ڇڏيائين ۽ سندن شهر ساڙائي ڇڏيائين. 8 پوءِ هن پنهنجي نوڪرن کي سڏي چيو تہ ’شاديءَ جي ماني تيار آهي، پر جن کي دعوت ڏني ويئي هئي سي ان جي لائق نہ هئا. 9 تنهنڪري هاڻي اوهين وڏن رستن جي چونڪن تي وڃو ۽ جيترا بہ ماڻهو ڏسو تن سڀني کي شاديءَ جي دعوت ڏيئي وٺي اچو.‘ 10 تنهن تي اهي نوڪر ٻاهر نڪري ويا ۽ رستن تي جيڪي بہ چڱا مَٺا ماڻهو منهن پين تن سڀني کي آڻي گڏ ڪيائون. ايتري قدر جو شاديءَ جي دعوت واري جاءِ مهمانن سان ڀرجي ويئي. 11 جڏهن بادشاهہ شاديءَ جي مهمانن کي ڏسڻ لاءِ اندر آيو تہ اتي هن هڪڙو اهڙو ماڻهو ڏٺو جنهن کي شاديءَ وارا ڪپڙا پاتل ڪين هئا. 12 تنهن تي انهيءَ کان پڇيائين تہ ’ميان! تون شاديءَ جي ڪپڙن کان سواءِ هتي ڪيئن آيو آهين؟‘ پر هن ڪڇيو ئي ڪين. 13 تڏهن بادشاهہ نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’هن جا هٿ پير ٻڌي ٻاهر اونداهيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيوس، جتي هو پيو روئندو رڙندو ۽ پنهنجي حال تي ڏند پيو ڪرٽيندو.‘“ 14 آخر ۾ عيسيٰ چيو تہ ”بيشڪ دعوتي تہ گھڻا هوندا آهن، پر انهن ۾ چونڊيل ٿورا هوندا آهن.“ ٽيڪس ڏيڻ بابت سوال ( مرقس 12:13-17 ، لوقا 20:20-26 ) 15 تڏهن فريسي هليا ويا ۽ وڃي پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تہ ڪهڙيءَ طرح عيسيٰ کي ڳالهائڻ ۾ ڦاسايو وڃي. 16 پوءِ فريسين پنهنجن شاگردن سان گڏ هيروديس جي حمايت ڪندڙن مان ڪن ماڻهن کي عيسيٰ ڏانهن موڪليو، جن اچي کيس چيو تہ ”اي استاد! اسان کي خبر آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ حق سچ مطابق خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. اوهين ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيکويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو. 17 پوءِ اسان کي ٻڌايو تہ اوهين ڇا ٿا سمجھو؟ رومي شهنشاهہ قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟“ 18 عيسيٰ انهن جي بري نيت کي ڄاڻي ورتو، تنهنڪري چيائين تہ ”اي رياڪارؤ! اوهين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟ 19 ڀلا مون کي هڪڙو سڪو ڏيکاريو جنهن سان ٽيڪس ڏيندا آهيو.“ تڏهن اهي وٽس هڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي آيا. 20 تنهن تي عيسيٰ پڇين تہ ”هن تي ڪنهن جي تصوير ۽ نالو اُڪريل آهي؟“ 21 انهن جواب ڏنو تہ ”قيصر جو.“ تڏهن عيسيٰ کين چيو تہ ”چڱو، جيڪو قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪو خدا جو آهي سو خدا کي ڏيو.“ 22 اهو ٻڌي هو عجب ۾ پئجي ويا ۽ هن کي ڇڏي هليا ويا. مرڻ کان پوءِ جيئري ٿيڻ بابت سوال ( مرقس 12:18-27 ، لوقا 20:27-40 ) 23 انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي صدوقي، جن جو عقيدو هو تہ موت کان پوءِ ماڻهو جيئرا نہ ٿيندا، تن مان ڪي عيسيٰ وٽ آيا 24 ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! موسيٰ شريعت ۾ لکيو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪو ماڻهو بياولاد مري وڃي تہ هن جو ڀاءُ ان جي رنزال پرڻجي تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘ 25 اسان ۾ هڪڙا ست ڀائر هئا. پهرئين ڀاءُ شادي ڪئي پر بياولاد مري ويو، تنهنڪري هن جي زال ٻيو ڀاءُ پرڻيو. 26 اهڙيءَ طرح اها عورت ٻئي سان، ٽئين سان ۽ آخرڪار ستن ئي ڀائرن سان پرڻي. 27 انهن سڀني کان پوءِ اها عورت بہ مري ويئي. 28 هاڻي جيئن تہ سڀ ئي ڀائر هن سان پرڻيا هئا، سو ٻڌايو تہ قيامت جي ڏينهن، جڏهن ماڻهو جيئرا ٿي اٿندا تڏهن اها عورت انهن ستن مان ڪنهن جي زال ٿيندي؟“ 29 عيسيٰ انهن کي جواب ڏنو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ڀليل آهيو جو نہ اوهين پاڪ ڪلام ٿا ڄاڻو، نڪي خدا جي قدرت. 30 ڏسو، جڏهن مري ويل جيئرا ٿيندا تہ نہ اهي پرڻبا، نڪي پرڻائبا، پر جيئن خدا جي حضور ۾ رهندڙ ملائڪ آهن تيئن اهي هوندا. 31 مري ويلن جي جيئري ٿيڻ بابت جيڪي خدا اوهان کي فرمايو آهي، سو اوهان ڪين پڙهيو آهي ڇا؟ 32 هو فرمائي ٿو تہ ’آءٌ ابراهيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آهيان.‘ ان جو مطلب آهي تہ هو مئلن جو خدا نہ، بلڪ جيئرن جو خدا آهي.“ 33 جڏهن ماڻهن هي ٻڌو تہ اهي عيسيٰ جي تعليم تي عجب ۾ پئجي ويا. سڀ کان وڏو حڪم ( مرقس 12:28-34 ، لوقا 10:25-28 ) 34 جڏهن فريسين هي ٻڌو تہ عيسيٰ صدوقين جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن، تڏهن اهي عيسيٰ وٽ اچي گڏ ٿيا. 35 انهن مان هڪڙي شريعت جي عالم عيسيٰ کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندي کانئس پڇيو تہ 36 ”اي استاد! شريعت ۾ وڏو حڪم ڪهڙو آهي؟“ 37 تنهن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”’تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان ۽ پنهنجي پوريءَ سمجھہ سان پيار ڪر.‘ 38 سڀ کان وڏو ۽ پهريون حڪم اهو ئي آهي. 39 ٻيو حڪم بہ انهيءَ جهڙو آهي تہ ’تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘ 40 سڄو توريت توڙي نبين جون سڀ پاڪ لکتون انهن ئي ٻنهي حڪمن تي مدار رکن ٿيون.“ مسيح بابت سوال ( مرقس 12:35-37 ، لوقا 20:41-44 ) 41 جيڪي فريسي اچي گڏ ٿيا هئا، تن کان عيسيٰ پڇيو تہ 42 ”اوهين مسيح بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟ هو ڪنهن جي اولاد مان هوندو؟“ انهن وراڻيو تہ ”هو دائود جي اولاد مان هوندو.“ 43 تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”پوءِ ڪيئن دائود پاڪ روح جي هدايت تي هن کي ’خداوند‘ ٿو سڏي؟ ڇاڪاڻ تہ دائود پاڻ چيو آهي تہ 44 ’خداوند خدا منهنجي خداوند کي چيو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘ 45 سو جيڪڏهن دائود مسيح کي ’خداوند‘ ڪري سڏي ٿو، تہ پوءِ اهو سندس اولاد ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟“ 46 هن جي جواب ۾ ڪو ئي هڪڙو لفظ بہ چئي نہ سگھيو، نڪي وري انهيءَ ڏينهن کان وٺي ڪنهن کي بہ کانئس وڌيڪ سوال پڇڻ جي همت ٿي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society