متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 20 - Muslim Sindhi Bibleانگورن جي باغ جا مزدور 1 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت آهي تہ ڪو باغ جو مالڪ صبح جو سوير انهيءَ لاءِ ٻاهر نڪتو تہ پنهنجي انگورن جي باغ ۾ ڪي مزدور بيهاري. 2 هنن سان روز جي مزدوري هڪ چانديءَ جو سڪو ٻول ڪري کين پنهنجي انگورن جي باغ ۾ موڪليائين. 3 اٽڪل نائين بجي هو ٻيهر بازار ويو ۽ ڏٺائين تہ اُتي ٻيا مزدور بہ واندا بيٺا آهن. 4 انهن کي چيائين تہ ’اوهين بہ انگورن جي باغ ۾ وڃي ڪم ڪريو ۽ جيڪو حق هوندو سو آءٌ اوهان کي ڏيندس،‘ 5 تڏهن اهي بہ ويا. پوءِ منجھند جو اٽڪل ٻارهين بجي هو وري بازار ويو ۽ ساڳيءَ طرح مزدور ڪيائين. هو وري اٽڪل ٽي بجي بہ ويو ۽ ساڳيءَ طرح مزدور موڪليائين. 6 آخر ۾ هو پنجين بجي ڌاري وري بازار ويو ۽ وري بہ ائين ئي ماڻهن کي واندو بيٺل ڏٺائين ۽ کانئن پڇيائين تہ ’اوهين هتي سڄو ڏينهن ڇو واندا بيٺا آهيو؟‘ 7 انهن وراڻيو تہ ’انهيءَ ڪري جو اسان کي پورهئي تي ڪنهن بہ ڪين بيهاريو آهي.‘ تنهن تي هن چين تہ ’چڱو، اوهين بہ وڃي منهنجي انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪريو.‘ 8 جڏهن سانجھي ٿي تہ مالڪ پنهنجي منشيءَ کي چيو تہ ’مزدورن کي سڏي کين مزدوري ڏي. پهريائين انهن کي ڏيڻ شروع ڪر جيڪي پڇاڙيءَ ۾ ڪم تي بيٺا هئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ انهن کي ڏي جيڪي پهريائين ڪم تي بيٺل هئا.‘ 9 جيڪي ماڻهو چوٿين پهر ڪم تي بيٺا هئا تن مان هر ڪنهن کي هڪ هڪ چانديءَ جو سڪو مليو. 10 تنهنڪري جيڪي ماڻهو پهريائين اچي ڪم تي بيٺا هئا انهن سمجھيو تہ ’شايد اسان کي گھڻو ملندو،‘ پر انهن مان بہ هر هڪ کي هڪ هڪ چانديءَ جو سڪو مليو. 11 انهن پئسا تہ کنيا پر باغ جي مالڪ خلاف ڪُرڪڻ لڳا تہ 12 ’اسان سڄو ڏينهن پورهيو ڪيو ۽ سج جي گرمي سَٺي، تڏهن بہ تو اسان کي اوتري ئي مزدوري ڏني آهي جيتري رڳو هڪڙو ڪلاڪ ڪم ڪندڙن کي ڏني اٿيئي.‘ 13 تنهن تي هُن انهن مان هڪڙي کي وراڻيو تہ ’ميان! مون تو سان ناحق ڪين ڪيو آهي. ڇا تو مون سان هڪ چانديءَ جو سڪو مزدوري ڪين ٻولي هئي؟ 14 جيڪي تنهنجو حق آهي سو وٺي هليو وڃ. اها منهنجي مرضي آهي تہ هن پوئين کي بہ تو جيترو ڏيان. 15 ڇا مون کي اهو حق نہ آهي جو پنهنجي پئسي کي جيئن وڻي تيئن خرچ ڪريان؟ منهنجي سخاوت تي تو کي حسد ٿو ٿئي ڇا؟‘“ 16 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اهڙيءَ طرح جيڪي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا.“ ٽيون دفعو پنهنجي موت بابت ٻڌائڻ ( مرقس 10:32-34 ، لوقا 18:31-34 ) 17 جڏهن عيسيٰ يروشلم ڏانهن وڃي رهيو هو تہ رستي ۾ هن پنهنجي ٻارهن شاگردن کي هڪ پاسي نويڪلائيءَ ۾ وٺي وڃي چيو تہ 18 ”ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن هلي رهيا آهيون، جتي ابنِ آدم سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا. 19 پوءِ اُهي کيس غير قوم وارن جي حوالي ڪندا، جيڪي مٿس ٺٺوليون ڪندا، ڪوڙا هڻندس ۽ صليب تي چاڙهي ماري ڇڏيندس، پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ڪري اٿاريو ويندو.“ هڪ ماءُ جو عرض ( مرقس 10:35-45 ) 20 تڏهن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا جي ماءُ پنهنجي ٻنهي پٽن سميت عيسيٰ وٽ آئي ۽ سندس پيرن تي ڪري عرض ڪرڻ لڳي. 21 عيسيٰ کانئس پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ تنهن تي هُن چيس تہ ”سائين! واعدو ڪريو تہ جڏهن اوهان جي بادشاهي اچي تہ منهنجو هڪڙو پٽ اوهان جي ساڄي ۽ ٻيو کاٻي پاسي ويهي.“ 22 تڏهن عيسيٰ سندس ٻنهي پٽن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رهيا آهيو. ڇا اوهين اهو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آهيان؟“ انهن وراڻيو تہ ”هائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“ 23 تنهن تي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”بيشڪ اوهين منهنجو پيالو پيئندا. پر پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويهارڻ منهنجي اختيار ۾ نہ آهي. اهي جايون انهن جون آهن جن جي لاءِ منهنجي پيءُ تيار ڪيون آهن.“ 24 جڏهن ٻين ڏهن شاگردن اها ڳالهہ ٻڌي تہ اهي ٻنهي ڀائرن تي اچي ڪاوڙيا. 25 تنهن تي عيسيٰ انهن کي سڏي چيو تہ ”اوهين ڄاڻو ٿا تہ قومن جا سردار ۽ امير ماڻهن تي حڪم ٿا هلائين ۽ مٿن پورو اختيار رکن ٿا. 26 پر اوهان ۾ ائين نہ ٿيندو. اوهان ۾ جيڪو وڏو ٿيڻ چاهي تہ اهو اوهان جو خادم ٿئي. 27 هائو، جيڪو اوهان ۾ اڳيان ٿيڻ گھُري تہ اهو اوهان جو غلام ٿئي. 28 ساڳيءَ طرح ابنِ آدم بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“ ٻن انڌن کي سڄو ڪرڻ ( مرقس 10:46-52 ، لوقا 18:35-43 ) 29 جڏهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان يريحو شهر مان نڪري رهيو هو تہ هڪ وڏو ميڙ سندس پويان هلي پيو. 30 ٻہ انڌا جيڪي رستي جي ڀر ۾ ويٺا هئا تن جڏهن ٻڌو تہ عيسيٰ لنگھي رهيو آهي تڏهن رڙ ڪري چيائون تہ ”اي سائين، دائود جا اولاد! اسان تي رحم ڪريو.“ 31 خلق انهن کي ڇڙٻُون ڏنيون تہ ”ماٺ ڪريو.“ پر اهي اڃا بہ وڌيڪ رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي سائين، دائود جا اولاد! اسان تي رحم ڪريو.“ 32 تنهن تي عيسيٰ بيهي رهيو ۽ انهن کي سڏي کانئن پڇيائين تہ ”اوهين ڇا ٿا چاهيو جيڪو آءٌ اوهان جي لاءِ ڪريان؟“ 33 انهن وراڻيس تہ ”سائين! اسان جي اکين کي کوليو.“ 34 عيسيٰ کي انهن تي رحم اچي ويو، سو سندن اکين تي هٿ لاتائين تہ اهي هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ اهي بہ سندس پٺيان هلڻ لڳا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society